Skip to main content

Posts

Showing posts from December, 2023

عَمرڪس واه لڳ روھڙي۾جنگ

(عَمرڪس واه لڳ روھڙي۾جنگ) ميان نورمحمد ڪلهوڙي پنهنجي دور حڪومت ۾ روھڙي شھر اندر سنڌو دريا مان ھڪ واه کڻايو جنهن جو نالو عمرڪس واه رکيو  جنهن جي ويڪر 15 فوٽ ھئي اھو واه ڪوٽ مير يعقوب علي شاه جي اوڀر اتر کان قديم ملتان سنڌ شاھي رستي مٿان گذري ٿو ان ھي علائقي مٿان اربع 7 جون 1758ع ميان عطر خان ڪلهوڙو ۽ ميان احمد يار خان ڪلهوڙو جي پنهنجي ڀاءُ ميان غلام شاه ڪلهوڙي درميان جنگ ٿي جنهن ۾ غلام شاه سوڀارو ٿيو   عمرڪس واه جي ڊيگهہ 5 ميل ٿيندي منهنجي خيال ۾ جنگ ڪوٽ مير يعقوب علي شاه جي اتر ۾ لڳي ھوندي ڇو جو ھي علائقو کليل ھو ريلوي لائين بہ 1878ع ۾ ان کليل ميدان جي وچ ۾ پئي  جيڪو ريلوي نيويارڊ تائين وسيع آھي ان کان اڳتي پهاڙي سلسلو شروع ٿئي ٿو ان ھي علائقي مٿان ٽڪر تي ھڪ قبرستان آھي جنهن کي حاصل شاه جو قبرستان ڪوٺيو وڃي ٿو جنهن لاءِ روايت آھي تہ اھا ڪا شادي جي ڄنڃ ھي جنهن کي ڌاڙيلن لٽي ماري وڌو جنهن جون ھي قبرون آھن پر اتي ڪافي قبرون آھي ٿي سگهي ٿو ان جنگ ۾ ماريل ماڻھن جون ھتي قبرون بہ ھجن ڇو جو ان علائقي اندر قريب ترين ھي قبرستان آھي ۽ اڳ  اڪثر قبرستان مٿائين جاءِ  تي ھي ھوندا ھئا ٻي روايت

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ذريعي پوس