Skip to main content

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر)

پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو.

1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو. 

1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو.

سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ذريعي پوسٽ شروع ٿي. ايشيا کنڊ ۾ پهرين ڊاڪ ٽڪيٽ ڪراچي مان 1 جولاءِ 1852ع ۾ جاري ٿي جنهن جي ڊزائن ۾ ڪراچي جي پوسٽ ماسٽر ايڊورڊ ليز ڪوفي جي مدد بہ شامل ھئي. جڏھن ڊاڪ ٽڪلي جاري ٿي تہ ان جي رقم خط وصول ڪرڻ واري کان ورتي ويندي ھئي جنهن جي قيمت 1/2 آنا ھئي بعد ۾ اھو نظام تبديل ڪيو ويو يعني ٽڪلي خريد ڪري خط موڪليو ويندو ھو سنڌ جي ڪمشنر پهرين ڪراچي ۾ ڊاڪ جون ڳاڙھيون ٽڪليون ڇپرايون جيڪي کيس سٺيون ڪون لڳيون جنهن بعد ھن نيري رنگ جون ٽڪليون برطانيا مان ڇپرايون.

پوسٽ، ٽيليگراف ۽ ٽيليفون اڳ ھڪ ھي محڪمو ھو 60_1859ع ڪراچي ٽيليگراف ذريعي ٻاھرين دنيا سان جڙيو 1865ع ڪراچي اندر ٽيليگراف جي سهولت عوام کي ملي 1864ع ڪراچي لنڊن ٽيليگراف رابطو شروع ٿيو. 1866ع ڪراچي اندر پهرين پوسٽ ۽ ٽيليگراف جي آفيس جي عمارت ڪيپٽن پي فلپس ڊزائن ڪئي  جيڪا ميڪلوڊ روڊ ھاڻي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي تعمير ٿي جنهن تي خرچ 20500 روپيا لڳو 

1881ع ڪراچي ۾ ٽيليفون بہ  پهتي جيڪا انڊو يورپين ٽيليگراف ڪمپليڪس ۾ لڳي 1949ع ڪراچي لنڊن في منٽ ٽيليفون ريٽ 3.1 پائونڊ ھو 

ڪراچي کان باءِ ايئر ڊاڪ بمبئي لاءِ رائل ايئرفورس جو پهريون جهاز 23 جنوري 1920ع ۾ کڻي ويو پر 6 ھفتن بعد نقصان ھئڻ سبب سروس بند ڪئي وئي وري 1929ع امپيريل ايئرويز ڊاڪ جو نظام ان روٽ تي شروع ڪيو. ڪراچي جو سمنڊ رستي پوسٽ جو نظام بمبئي، پسني، گوادر، مسقط، جسڪ، بندرعباس، لنگا، بحرين، بوشھر ۽ ڪويت سان جڙيل ھو 

1882ع پوسٽ آفيس بچت بينڪ جو نظام بہ شروع ڪيو ان کان علاوه 1895ع مليريا جون گوريون ڪونين بہ پوسٽ آفيس ذريعي وڪرو ٿيڻ شروع ٿيون سنڌ ۾ ٽپال جي نگراني اڳ چيف انسپيڪٽر ڪندو ھو جيڪو ھندستان جي ٽپال گهرن جي ڊائريڪٽر جنرل جي ماتحت ھو ھن جي ماتحت ھڪڙو گهوڙو ۽ 8 ٽپال سپرنٽينڊنٽ ڊويزن جا 3 سب انسپيڪٽر 3 پوسٽ ماسٽر 66 ڊپٽي ۽ سب پوسٽ ماسٽر ھئا سنڌ ۾ ٽپال جا 3 درجا ھئا ورھائيندڙ جيڪي 3 ھئا ڪراچي  حيدرآباد ۽ شڪارپور 48 نہ ورھائيندڙ پوسٽ گهر جيڪي لاڙ ۽ اتر ۾ ھئا ۽ ٽيون درجو ھو انهن جون شاخون جيڪي 18 ھيون سامونڊي ٽپال سنڌ جي ماتحت ڪون ھئي ان جو بمبئي سان رابطو ھو جنهن جو في ڪلاڪ سان اگهہ ھو ٽرين جو 21 ميل گهوڙن ۽ قاصدن ذريعي 4 ميل انهن ۾ ھڪڙو ٻھراڙي ۾ نياپو پهچائيندڙ عهدو بہ ھو  جنهن کي 1868ع ۾ متارف ڪرايو ويو جيڪو شاھي رستي کان مفاصلي تي واقع ڳوٺن کي ٽپال جو ذريعو ھو سنڌ ۾ 1854ع تائين ٽپال کاتو سڌي ريت مقامي حڪومت ماتحت رکيو ويو پر انهيءَ سال کان پوءِ کيس شاھي ٽپال کاتي ۾ ضم ڪيو ويو

ھاڻي اچون سکر جي پوسٽ سروس طرف

1839ع انگريزن سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ ڊاڪ جو نظام وڏيري قادربخش کوسي کي ٺيڪي تي ڏنو جنهن جا گهڙيسوار ماڻھون ان روٽ تي  ڊاڪ جي ترسيل سان گڏ پوليس جي ڊيوٽي بہ ڪندا ھئا

سکر ۾ پهرين پوسٽ آفيس منزلگاه جي عمارت ۾ قائم ٿي  فبروري 1856ع سکر سٽي سروي جي رپورٽ ۾ منزلگاه واري ھڪ عمارت پوسٽ آفيس ۽ ٻي دريائي لشڪر جو دفتر ڏيکاريل آھي 

1876ع جي سروي ۾ جيڪو ڪرنل سي ايس لافٽن  رائل انجنئر ڪيو منزلگاه واري ھڪ عمارت پوسٽ ماسٽر جو ڪواٽر ۽ ٻي رھائش جي عمارت ڏيکاري ٿو

منزلگاه کان پوءِ پوسٽ آفيس ۽ ٽيليگراف جو دفتر موجوده ميونسپل دفتر جي پويان تنگ گهٽي اندر ڪچي عمارت ۾ قائم ٿيو جتان 1929ع موجوده ٻہ ماڙ عمارت لمجي جي چاڙھي جي ويجهو قائم ٿيو پر مون ٽيليگراف جو اسٽاف اسٽرينس بڪ ڏٺو ھو جنهن ۾ عمارت اندر آفيس جي ابتدا جو سال 1919ع لکيل ھو

ان بعد سکر شھر اندر ھن جون ننڊيون برانچون کليون جن ۾ آدم شاه، سکر بيراج ڪالوني، اولڊ سکر ۽ مهراڻ مرڪز شامل آھن 

ان کان علاوه پوسٽ جو نظام اسڪول ماسترن، ريلوي اسٽيشن ماسٽر ۽ ڍڪ منشي ذريعي بہ ھلندو ھو جن کي ماھانہ11 روپيا ملندا ھئا

سکر پوسٽ آفيس ۾ انگريز دور  اندر ٻئي ڪلاس جو پوسٽ ماسٽر ويهندو ھو جنهن جي ھيٺ ضلعي ۾ 18 پوسٽ آفيس ھنيو پهرين ڪلاس جو پوسٽ ماسٽر ڪراچي ۾ ويهندو ھو  1962ع ٽيليگراف کي پوسٽ آفيس کان الڳ ڪري نئون محڪمو ٽيليگراف ۽ ٽيليفون ٺھيو 2008ع ۾ ٽيليگراف بند ڪري محڪمي کي وڪرو ڪيو ويو جنهن کي ھينئر (پي ٽي سي ايل) نالي سان سڏيو وڃي ٿو   پوسٽ آفيس جو بہ ھن وقت پرائيويٽ ڪوريئر سان سخت مقابلو ھلي رھيو آھي اگر پوسٽ آفيس پنهنجي ڪارڪردگي ۽ منافي ۾ بهتري نہ آندي تہ ھي ادارو بہ  ٻين ادارن وانگر وڪامجي پرائيويٽ ٿي ويندو ھن وقت سکر ۾ جنرل پوسٽ آفيس آھي جنهن کي چيف پوسٽ ماسٽر ھيڊ ڪري ٿو 

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي






Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...