Skip to main content

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس


برطانوي جاسوس، مهم جو

 سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت 

پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو 

1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳيان اڳيان ھو ان مهم دوران ھي سکر ۾ اچي رھيو ۽ جتي پارسي واپاري ھٿان ھتي اسٽور کولرايو ۽ فوجين جي رھڻ لاءِ جاين جي اڏاوت ڪرائي

ھن مھم کان اڳ ھن ڪلڪتي ۾ برطانوي حڪومت کي آگاه ڪيو ھو تہ شاه شجاع نڪمو آھي سندس جاءِ تي امير دوست محمد خان کي ڪابل جي حڪومت تي برقرار رکيو وڃي پر وائسراءِ ھند لارڊ آڪنليڪ  شاه شجاع کي ترجيهہ ڏني جيڪو زياده تابعدار ھو ھنن 1839ع ۾ شاه شجاع کي تخت وٺي ڏنو ۽ برنس کي افغانستان جو نائب سفير مقرر ڪيو جتي سفير ميگناگٽن ھو جنهن سڀ اختيار پنهنجي ھٿ ھيٺ رکيا ۽ ھن سان ڪوئي صلاح مشورو ڪون وٺندو ھو ۽ ان تي مايوس ٿي فراغت ڪري ڪابل جي حسين عورتن جو اثير ٿيو پنهنجي جاءِ تي شراب ڪباب جو محفلون ڪرڻ لڳو  ھڪ دفعي عبدالله خان اچڪزئي جيڪو پنهنجي علائقي جو وڏو طاقت ور نوجوان جنگجو ھو ان جي ٻانهي برنس وٽ آئي جيڪا عبدالله جي چوڻ باوجود ھن واپس ڪون ڪئي ۽ سندس ماڻهن کي جيڪي ھن ٻانهي کي وٺڻ آيا انهن کي بيعزت ڪري واپس ڪيو 

کيس نومبر ۾ سندس منشي موھن لال آگاھي ڏني ھئي تہ تنهنجي مٿان افغان ڪاوڙيل آھن توھان ڪابل شھر واري رھائش مان ڪابل کان ٻاھر انگريز ڇانوڻي رھائش اختيار ڪيو پر ھو ڪون مڙيو ۽ ڪشميري ڇوڪرين جي جهرمٽ ۾ کيس افغانن جي باھہ بابت ڄاڻ ڪون پئي ۽ 2 نومبر 1841ع جو صبح پهر سندس گهر تي 300 افغانن حملو ڪيو جنهن جي قيادت عبدالله خان اچڪزئي ملا مومن خان غلزئي ۽ امان الله لوگري ڪري رھي ھئا پهرين سندس گهر جي پهريدارن کي ھنن ماريو جنهن ۾ عبدالله خان جو سوٺ بہ مارجي ويو جڏھن اھا خبر ڪابل شھر پهتي تہ ھو بہ نڪري اچي اتي پهتا برنس ان وقت پنهنجي حمام ۾ پنهنجي محبوبہ سان حمام جي حوض اندر  مھر محبت ۾ مشغول ھو تہ افغاني اچي مٿس ڪڙڪيا ٻانهي جنهن تي جهيڙو ھليو ھو ان سان گڏ ٻہ انگريز عورتون جيڪي برنس جون دل گهريون ھيون تن کي حمام مان ڪڍي ماريو ۽ برنس جي جسم جا ڳڀا ڪيا ويا ان سان گڏ ميجر رڊ ۽ برنس جي ڀاءُ چارلس کي بہ ماريو ويو سندس منشي موھن لال کي امير دوست محمد جي سوٽ ۽ سندس دوست محمد زمان خان بچايو ۽ کيس ھڪ قزلباش جي گهر پناه وٺي ڏني جنهن بعد افغانن جي ھجوم تمام مال اسباب، گدام ۽ خزاني کي لٽي کڻي ويا موھن لال پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ ان وقت منهنجي ڪمري ۾ ھڪ ٻانهي ڀڄندي آئي ۽ دانھون ڪندي چيائين اوھان ڏاڍا ارڏا آھيو سارو شھر چيڀاٽجي رھيو آھي. اھڙي طرح ھي برطانوي جاسوس ۽ مهم جو پنهنجي انجام کي پهتو.

 گريٽ گيم وارو محاورو بہ سندس ايجاد آھي سندس پهرين مھم تي ڪتاب

 Travels in to bukhara  

گهڻو مشھور آھي.

حوالہ

 The return of a king

the battle for afghanistan

by Willium Darymple

 تازن معرکن جي تاريخ

منشي عطا محمد شڪارپوري

امداد حسين شاه 

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي



اليگزينڊر برنس

(1812_1877) موھن لال ڪشميري عرف آغا حسن جان ڪشميري جنهن جو اصل نالو رام ناٿهہ ھو جيڪو ڪشميري پنڊت جي نک زوتشتي مان ھو سندس ڏاڏو مغل بادشاه شاه عالم جي وقت ۾ دھلي اندر وڏي عهدي تي ھو جيڪو دھلي جي بازار سيتارام ۾ آباد ٿيو موھن لال جي پيءُ جو نالو رائي بوھہ سنگهہ ھو جيڪو 1808۔1809ع ماونسٽ سٽورٽ ايلفنسٽن جو ترجمان ھو موھن لال کي سندس پيءُ دھلي ڪاليج ۾ انگريزي جي تعليم ڏياري ھي برنس سان بخارا ۽ سنڌ واري مهم ۾ ترجمان ۽ منشي طور گڏ ھو پاڻ انگريزي فارسي ۽ اردو زبان ڄاڙيندو ھو ھي سکر ۾ بہ برنس سان گڏ ھو ۽ سندس افغانن سان سٺا تعلقات ھئا جنهن ڪري ھن قلات ۽ قنڌار جي حڪمرانن جي خفيہ خط ڪتابت جي معلومات انگريزن کي ڏني جنهن بعد انگريزن قلات تي حملو ڪيو ھن تي اھو بہ الزام آھي تہ ھن افغان مزاحمتي رھنما مير مسجدي کي زھر ڏئي مارائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ھو ھن باميان مان انگريز يرغمالين کي آزاد ڪرايو موھن لال جو ھڪ ڀاءُ کيدار ناٿهہ امبالہ جو ڊپٽي ڪليڪٽر رھيو موھن داس 17 شاديون مختلف ملڪن ۾ ڪيون جڏھن 1877 ۾ مري ويو تہ پويان پنج زالون ۽ مختلف جڳهن تي وڏي اولاد ڇڏي 1857ع جنگ آزادي دوران ھڪ مسلمان نواب جي ڌيءَ حيدري بيگم سان شادي پڻ ڪئي انهن ٻنهي جو قبرون دھلي اندر پاڻي پت روڊ آزادپور جي قريب لال باغ ۾ دفن آھن






Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)

 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد  (مانڪجي لمجي ھتاريا) سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي 183...