Skip to main content

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)


 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد 

(مانڪجي لمجي ھتاريا)

سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو

جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا

نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي

موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي

1838ع انگريز فوج پهرين اينگلو افغان وار لاءِ سکر ۾ اچي ديرو ھنيو ۽ انهن لاءِ ھيٺ بندر روڊ تي جهنگ ڪٽي ڏيهي فوج رھي ۽ مٿي ٽڪر تي قبرون مسمار ڪري انگريز فوج لاءِ بيرڪ تعمير ٿيون جن جي تعمير جا ٺيڪا اسماعيلي خوجن، ڪڇي ميمڻ، شڪارپور جي ھندو سيٺين ۽ پارسين کي مليا انگريز جي ھندستان اچڻ مهل پارسي قوم تجارت اندر وڏي سيڙھپ ڪئي ھئي ان ڪري ھو انگريزن جي قريب رھيا جڏھن انگريز فوج سکر پهتي تہ سندن اڪائونٽنٽ صندوڪ بردار فوجي اخراجات جو بمبئي جو رھاڪو  ھڪ پارسي شخص 

مانڪجي لمجي ھتاريا بہ گڏ ھو ان سان گڏ بمبئي جي سيٺ M/S JEHANGIR NUSSERWANJI JUSSAWALLA

 اليگزينڊر برنس جي چوڻ تي بندر روڊ کان ٿورو مٿڀرو  انگريز فوج جي ضروريات جي چيزن جو پهريون اسٽور  کوليو 1838ع ۾ انگريزن اچڻ ڪري مناري ھيٺان فريئر روڊ جي منهن ۾ روھڙي ۽ پراڻي سکر جي باکرو واڻين سيڌي جا دڪان جهوپڙين ۾ کوليا جنهن ڪري سکر نئون ڇپري بندر سڏجڻ لڳو  1839 تي انگريز فوج اڳتي وئي پر سندن سکر اندر آمدرفت شروع ٿي وئي 1842ع جي آخر ۾ چارلس نيپئر ۽ آغا خان اول 3 مهينا ھتي ديرو ھڻي ويٺا ۽ ھتان ھي فوج وٺي فبروري 1843ع مياڻي جي ميدان ۾ ٽالپرن سان جنگ ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو جنهن بعد سکر جي آبادي ۽ ترقي وڌڻ لڳي ۽ پارسي سيٺين ۽ سندن برادري جو اچڻ شروع ٿيو جنهن جو مسڪن لمجي چاڙھي ھو 

افغان وار بعد مانڪجي لمجي ھوشنگ ھتريا 41_1840ع سرڪار نوڪري تان استيفا ڏئي بمبئي واپس ھليو ويو ۽ وري ڏيڍ سال بعد فيروزپور، مارواڙ ۽ ٿر طرف رھي سکر آيو ۽ ھتي اچي سکر ۾ پهريون اسٽور کولڻ واري اسٽور جي بمبئي بيس پارسي ڪمپني سيٺ جهانگير جي جسوالاجي جي تجارتي اداري جو مئنيجر ۽ ايجنٽ طور ڪم شروع ڪيو جتي پاڻ ساڍا پنج سال رھيو ان لمجي چاڙھي تي سيٺ جهانگير جا سراه (ھوٽل) بہ ھيا ان دور ۾ ھڪ انگريز پوليس آفيسر ۽ مصنف ايڊورڊ آرچر لينگلي جنهن نيريٽو آف اي ريزيڊينس ايٽ دي ڪورٽ آف مير علي مراد ڪتاب لکيو آھي سکر آيو کيس سکر ۾ رھائش کپندي ھئي ان ڪري ھي لمجي چاڙھي تي مانڪجي لمجي ھتاريا سان مليو جنهن ھن کي اڌ درجن پنهنجون ڪرائي واريون سراه ڏيکاريون جيڪي کيس صفائي جي فقدان ڪري ڪون وڻيون ۽ پاڻ وڃي مير معصوم جي جي جڙيل سراه ھشت پهلو ۾ رھيو

 سکر اندر ھي چاڙھي  پارسين جي ڪاروبار ۽ رھائش ڪري مشھور ھئي جنهن جو ان وقت ڪاروباري اڳواڻ مانڪجي لمجي ھتاريا ھو جيڪو سکر واسين سان ڪاروباري ۽ سماجي طور گهڻو قريب ھو ۽ سندس شناخت کي ڏسندي ڏسندي اھا چاڙھي سندس نالي سان ليمجي چاڙھي منسوب ٿي وئي جيڪو نالو اڄ تائين زنده آھي

 پاڻ 1854ع سکر جي ڪمپني واري نوڪري تان استيفا ڏئي ايران وڃي پهتو ۽ ڪمپني بہ 1870ع ۾ پنهنجو ڪاروبار سکر مان سهيڙي وڃي راولپنڊي پهتي ۽ 1947ع سيٺ جهانگير جي جسووالا خاندان جي باقيات بہ بمبئي لڏي وئي پر مري روڊ تي سيٺ جهانگير جي  نالي پٺيان ھڪ خوبصورت قبرستان جي عمارت ۽ سندن وڏن جون قبرون نشاني طور اڄ بہ سندن ياد ڏيارن ٿيون.

زرتشتي يا پارسي برادري جيڪا ساساني دور ۾ اقتدار جي اوج تي ھئي ايران ۾ اسلام جي اچڻ ۽ ھن سرزمين ۾ مذھب جي تبديلي سبب پارسي ملڪ جي معاملن ۾ مناسب ڪردار ادا نہ ڪري سگهيا

 1779ع شاه ڪريم رند جي مدت ايران ۾ افراتفري ۾ وجهي ڇڏيو  دولتمند پارسي پنهنجي حفاظت جي خوف کان ڪرمان ڇڏي يزد آيا ۽ 1796ع  ڪجهہ پارسين ھندستان ڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي جن ۾ مانڪجي لمجي جا وڏا بہ ايران مان لڏي ھندستان جي سورت بندرگاه جي ھڪ مضافاتي ڳوٺ موراسومالي ۾ آباد ٿيا 

ھندستان مٿان انگريز قبضي بعد مانڪجي خاندان جيڪي انگريزن جي خدمت ۾ پيش پيش ھئا ڳوٺ مان لڏي بمبئي ۾ داخل ٿيا جتي انگريزن جي پشت پناھي ۽ پنهنجي صلاحيتن ڪري تجارتي ميدان تي حڪومت ڪرڻ لڳا ۽ ڪجهہ انگريزن جي نوڪري ۾ لڳا ان مان ھڪ پارسي مانڪجي لمجي ھتاريا بہ ھو جيڪو پهرين   ڀڄ ۾ ھنري پونٽيجر

 (1856۔1789ع) سان اچي رھيو جيڪو 1836 کان 1840ع تائين اتي رھيل ھو ان دوران ڊاڪٽرجيمس (1862_1801) جنوري 1827ع سنڌ جي ٽالپرن وٽ حيدرآباد آيو تہ مانڪجي لمجي سندس خزانچي ۽ صندوق بردار گڏ ھو ان کان پهرين ھي 1834ع سنڌ طرف رھيو جتي ھو افغانن بلوچن ۽ ايرانين سان رابطي ۾ رھيو ۽ انهن کان ايران جي باري ۾ معلومات وٺندو رھيو 1838ع سکر آيو ۽ 1839ع انگريز فوج سان افغانستان ويو 1841ع نوڪري ڇڏي بمبئي ويو ان بعد

 فيروز پور ڏيڍ سال رھيو ۽ مارواڙ کان ٿيندو سکر پهچي سيٺ جهانگير جي فرم ۾ ڪم ڪيو ۽ 1856ع وڃي ايران پهتو جتي ايراني کيس برطانوي جاسوس طور شناخت ڏين ٿا  پارسي جڏھن 1796ع ھندستان پهتا تہ انهن ۾ ھڪ خوبصورت ڇوڪري گلستان بانو بہ ھئي جيڪا يذديار خاندان جي پارسي تاجر ڪائي خسرو جي ڌيءَ ھئي جنهن جي مدد ۽ سار سنڀال پارسي برادري ڪئي سندس شادي فرامجي بھيڪاجي سان ٿي پر سندس دل پنهنجي اباڻي شهر ڪرمان جي ياد ۾ ڏکايل ھئي  ان لاءِ سندس وڏي پٽ ايران کان ھندستان پهچندڙ پارسين جي مدد لاءِ 1834ع فنڊ قائم ڪيو  20 سال بعد سندس پوٽي مهرارواجي ايران جي پارسي برادري جي مدد لاءِ فنڊ مقرر ڪيو ۽ ھڪ سوسائٽي ٺاھي ۽ ان جو پهريون سفير مانڪجي لمجي ھتاريا کي مقرر ڪيو جيڪو 1854ع ايران وڃي پهتو جنهن ھتي پارسي برادري جي بهبود لاءِ وڏا ڪم ڪيا  جن ۾ 1882ع پارسين مٿان حڪومت جو لڳل جزيہ معاف ڪرايو پارسي ڇوڪرن ڇوڪرين لاءِ سيڪيولر تعليم جا اسڪول کوليا ۽ سماجي معاشي ميدان ۾ ھنن کي اڳڀرو ڪيو  ھي پهرين ايران جي شهر يزد 16 مهينا رھيو ساڻس گڏ سندس 16 سالن پٽ  ھڪ بورچي شاهپورجي سيڪريٽري ۽ مترجم خسرو جيڪو اصل يزد جو رھائشي ھو گڏ ھئا ان بعد ھي ڪرمان ۽ تهران ويو ۽ ڪاچار خاندان، حڪومتي اھلڪارن ۽ برطانوي سفارتڪارن جي تمام گهڻو نزديڪ رھيو ان سان گڏ بهائي فرقي جي پيروڪارن جي لهوچڙ ۾ رھيو ان ڪاميابي تي بمبئي جي پارسي برادري 1865ع ۾ کيس تحريري ۽ مالي انعام 20185 روپيا ڏنو ھن ايران جي ثقافت ۽ ٻولي بادشاه جي نسب تي ڪتاب لکيا جنهن ۾ پنهنجو نالو مانڪجي لمجي ھوشنگ ھتريا ڪياني لکيو (ڪيانيو درويش) ايرانين جي نقطي نظر کان سندس سرگرميون پارسين جي خدمت ڪرڻ بجاءِ بهائي فرقي کي فروغ ڏيڻ ھو جنهن لاءِ ھن بهائي تاريخ لکڻ اديبن کي ڀرتي ڪيو ۽ انهن جي مالي مدد ڪئي 

 ايرانين جي  خيال مطابق ھن ھڪ برطانوي ايجنٽ طور ڪم ڪيو جنهن ڪري سندس ان وقت جي ايران ۾ برطانوي سفير سر رونالڊ ٿامسن ايڊورڊ ايسٽ سان قريبي لاڳاپا رھيا

ھي سرڪار اھلڪار، سماجي ورڪر ۽ تاجر 2 جنوري 1813ع ھندستان جي ڳوٺ راسمالي ۾ ڄائو پاڻ ٻہ شاديون ڪيون پهرين بمبئي ۾ ھيرا ٻائي سان ڪئي جنهن مان ھڪ پٽ  ۽ ٻہ ڌيئر ٿيون سندس پهرين گهر واري جي 1889ع موت بعد ھن ٻي شادي ڪرمان سان تعلق رکندڙ پارسي عورت سان ڪئي جنهن مان کيس اولاد ڪون ٿي   ھن جاکوڙي شخص سڄي زندگي پارسي برادري ۽ انگريز حڪومت جي زيراثر 77 سال عمر ماڻي 15 فبروري 1890ع تهران ايران ۾ رحلت ڪئي ھن ايران ۾ رھي اتي ڪافي ڪتاب لکرايا ۽ خود لکيا جن ۾  ھي بہ آھن

1.express of irans travels 

2.jama_ye mahek the collection of mehek murzban

سکر واسين نئين سکر کي سوارڻ وارن انگريزن کي تہ وساري ڇڏيو آھي پر ليمجي نالو ھميشه سندن دل تي زنده رھندو جيستائين ھن چاڙھي تي ڪنهن زوراور سياسي اھلڪار جي نظر نٿي پوي جيڪي پرائي مال تي پنهنجو ٺپو ھڻندي دير نٿا ڪن.

حوالہ

ھتريا مانڪجي لمجي انسائڪلوپيڊيا ايران

ايران ۾ مانڪجي لمجي ھتاريا انگريزي زرتشتي لائبرري

 ڪي آر ڪاما اورينٽل  انسٽيٽيوٽ گولڊن جوبلي واليم 1969ع

حاحياپور ايڇ اور ايڊ اي 2017 مانڪجي لمجي ھتاريا ۽ ان جا ايرانين جا تعلقات ناصرالدين شاه دور جي اشرافيہ سان 1847ع

1895ع جنرل آف ھسٽري اينڊ ڪلچر

امداد حسين شاه رضوي

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي







Comments

Popular posts from this blog

ڪوه نور ھيري جو سفر

 (ڪوه نور ھيري جو سفر) ھي ھيرو ھندستان جي رياست آنڌراپرديش تلنگانہ جي گوداوري ڊيلٽا مان حاصل ٿيو  ھي ھندستان جي راجا مهاراجا وٽ نسل درنسل رھيو جنهن بعد ڪاڪتيہ خاندان کان علاوالدين خلجي حاصل ڪيو ان بعد ابراھيم لوڌھي جي والده ھوا بيگم ھمايون بادشاه کي نزراني ۾ ڏنو جتان اڪبر، جهانگير ۽ شاهجهان وٽ پهتو ھڪ روايت ھيءَ بہ آھي تہ ھي ھيرو شاه جهان کي ھيرن جي تاجر ميرجملہ کيس تحفي ۾ ڏنو ھو جنهن ھن ھيري کي پنهنجي تاج ۾ ھڻايو جتان مغل خاندان مان ٿيندو مغل بادشاه محمد شاه وٽ پهتو جنهن کان نادر شاه 1739ع ھن ھيري سميت سڄي مغلن خاندان جي گڏ ڪيل دولت لٽي ايران کڻي ويو جنهن ھن ھيري کي ڪوه نور (روشني جو پهاڙ) نالو ڏنو نت روايت آھي تہ ھمايون ھن کي بابر نالو ڏنو ھو جڏھن نادر شاه 2 جون 1747ع قوچان خورستان ۾ قتل ٿيو تہ ھي ھيرو سندس سپه سالار احمد شاه ابدالي کي ھٿ لڳو کيس نڪ تي ھڪ ڦرڙي نڪتي جنهن سندس نڪ ختم ڪري ڇڏيو ھن ان لاءِ ھڪ مصنوعي نڪ تيار ڪرايو جنهن ۾ موتي ۽ ھيرا لڳل ھئا جيڪو ھي ان عيب کي لڪائڻ لاءِ پائيندو ھو جيڪا ڦرڙي وڌي ڪينسر ۾ تبديل ٿي 1772ع ۾ کيس بستر مرگ تي پهچايو جنهن بعد ھي ھيرو سندس پٽ تيم

روھڙي، بکر ۽ سکر جي درميان کجين جي ٿڙن مان جڙيل پل

1839ع  روھڙي، بکر ۽ سکر جي درميان  کجين جي ٿڙن مان جڙيل  پل برٽش فوج افغانستان وڃڻ لاءِ 29 ڊسمبر 1838ع روھڙي پهتي 24 جنوري 1839ع بکر جي قلعي ۾ پهتا روھڙي ۽ سکر جي وچ ۾ پٿر واري ٻيٽ جي ساڄي ڪناري تي 29 جنوري بغير مخالفت جي قبضو ڪيو ٿامسن جارج چيف انجنيئر بنگال سيپرس دريا تي پل ٺاھڻ جي تياري ڪئي روھڙي ۽ بکر جي وچ ۾ وھندڙ ندي اٽڪل 360 گز (1080 فوٽ) ھئي ۽ بکر سکر جي وچ ۾ اٽڪل 130 گز  (390 فوٽ) ويڪري ھئي ٻنهي ۾ پاڻي چڪي ڦيٿي جي وھڪري وانگر وھندو ھو ٿامسن سکر جي پوليٽيڪل آفيسر کي اڳواٽ چوائي موڪليو ھو تہ روھڙي ۾ پل جي اڏاوت لاءِ اڳ ئي سامان گڏ ڪري رکي پر جڏھن ھو پهتو تہ اتي ڪجهہ بہ سامان گڏ ٿيل ڪون ھو ھن وڏي محنت سان ٻيڙيون خريد ڪيون کجين جا وڻ وڍرايا ۽ دريا ۾  لاٿا گاه کي وڪوڙي ان مان نوڙيون ٺاھيون ننڊن وڻن جا ٿڙ (يعني کجين جا) پاڻ ۾ ملائي پٿر سان ڀري دريا ۾ پل ٺاھي جيڪا يارھن ڏينهن ۾ ھڪ سٺي فوجي پل ٺھي تيار ٿي سر ھينري ڊيورنڊ لکيو آھي تہ ٿامس کي اھڙي قابليت ۽ وڏي پيماني تي ڪامياب ڪم ڪرڻ تي ساراه ڪئي وئي ھئي ڇاڪاڻ تہ سنڌو تي پل اڏڻ ھڪ وڏو ڪارنامو ھو جنهن سان برٽش فوج ھڪ وڏي رڪاوٽ پار ڪئ

لئنسڊائون پل جا شمعدان

 (لئنسڊائون پل جا شمعدان) سهولتن ۽ وسائل جي کوٽ دوران برٽش انتظاميا 1883_ 1889ع اسان سکر روھڙي واسين کي ھڪ شاھڪار عجوبو لئنسڊائون پل تعمير ڪري ڏئي ويا جنهن ۾ سندن بہ گهڻي دلچسپي ۽ نفعي جو عنصر شامل ھو پل جي افتتاح 27 مارچ 1889ع کان 6 مئي 1962ع تائين ھن پل تي ريلوي انتظاميا مک ويھڻ بہ برداش ڪون ڪندي ھئي پر سندن ريلوي سروس ايوب پل تي منتقل ٿيڻ بعد آھستي آھستي ھن پل جي اھميت ختم ٿيندي وئي پوءِ بہ ھو ھن جي ٿوري گهڻي مالڪي 1990ع تائين ڪندا آيا پر بعد ۾ پاڪستاني ٽرانسپورٽ مافيا ھن اداري کي سندس ناخدا ھٿان آھستي آھستي کوکلو ڪندا ويا اڄ اھا حالت آھي جو ھو پنهنجو ٽريڪ بہ سنڀالي نٿا سگهن تہ ھن پل جي مالڪي ڇا ڪندا جيڪي ڪالهہ ھن پل کي رنگ روغن، صفائي ۽ روشنائي سان چمڪائي بيٺا ھئا اڄ ان اداري ھاءِ ڪورٽ ۾ لکي ڏنو آھي تہ اسان جو ھن پل سان واسطو ڪونهي مان ھاڻي پنهنجي رکيل ٻن تصويرن جي طرف اڃان ٿو جيڪي پل جي کٻي ۽ سڄي پاسي جون مون گذريل ڏينهن ڪڍيون  جڏھن ھن پل جو افتتاح 1889ع ٿيو تہ ھن پل مٿان رات جي وقت شمعدان ٻرندا ھئا جن لاءِ ماڻهون مقرر ھو جيڪو شام جو ھن جي صفائي ڪري تيل وجهي روشن ڪندو ھو ۽ صبح