Skip to main content

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي.

دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي.

عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي.

دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو.

ھن وقت دنيا جي وڏي لائبريري لائبريري آف ڪانگريس واشنگٽن آمريڪا ۾ آھي  جنهن اندر 173 ملين ڪتاب آھن 

ان کان علاوه برٽش لائبريري لنڊن، شھنگائي لائبريري چين، نيويارڪ پبلڪ لئبريري آمريڪا، لئبريري اينڊ آرچيوُ اوٽاوو ڪينڊا، رشين اسٽيٽ لائبريري ماسڪو روس وغيره

ھندستان جي قديم لائبريري سرسوتي لائبريري تمل ناڊو ۾ آھي 

پاڪستان جون مشھور لئبريريون قائد اعظم لائبريري لاھور، نيشنل لائبريري آف پاڪستان اسلام آباد، لياقت ميموريل لائبريري ڪراچي

ھاڻي سکر جي لائبريري جي طرف اچون پاڪستان ٺھڻ کان اڳ روھڙي سکر جي ھر قديم خاندانن جي گهرن ۾ ناياب قلمي ڪتاب ۽ دستاويز ھوندا ھئا جيڪي ھو پبلڪ ڪون ڪندا ھئا جنهن جي نتيجي ۾ انهن مان اڪثر اڏھي جي نظر ٿي ويا ڪجهہ مالڪن جي مرڻ بعد چوري ۽ ڪٻاڙين وٽ پهتا روھڙي اندر رضوي، موسوي، قاضي، عباسي ۽ آخوند خاندان وٽ وڏو ڪتابي ذخيرو ھو جيڪو زماني جي گردش ۽ سندس قدردان جي کوٽ سبب اڄ ناپيد نظر اچي ٿو جن ۾ ويجهڙائي اندر مرحوم عبدالله آخوند ڊپٽي ڪمشنر جي روھڙي واري گهر اندر رکيل ڪتاب پنج ھزار روپئي ۾ ڪٻاڙي وٽ وڪامجڻ آيا سندس ڪراچي اندر فيصل ڪالوني واري جاءِ اندر تمام وڏو قيمتي قلمي ذخيرو ھو جيڪو سندس گهر واري جي حياتيءَ تائين محفوظ ھو ان کان پوء جي خبر ڪونهي ان کان علاوه بسم الله شاه رضوي ۽ مراد علي شاه جج جو علمي ذخيرو بہ دنيا جي نظر ٿي ويو  1947ع  ۾ جڏھن علم دوست ھندو روھڙي مان لڏي ويا ۽ ھندستان کان آيل ماڻھن کي انهن جو جايون مليون تہ ان اندر جيڪي سندن ڪتاب رکيل ھئا اھي انهن روھڙي جي مڇي مارڪيٽ ۾  اچي وڪيا جن لاء وڏا چوندا آھن تہ ڪتابن جو وڏا کُوڙَ ان بازار ۾ ڪيترو وقت پيا ھوندا ھئا

ڪجهہ ھندو پاڻ سان ناياب ڪتاب جيڪي کڻي سگهيا اھي کڻي ويا جينئن پبلڪ لائبريري سکر مان ڪافي ڪتاب کڻي ويا 

سکر روھڙي جا ديوان سماجي طور سجاڳ ۽ مالي طور مستحڪم ھئا ان ڪري ھنن پنهنجي دور اندر سکر شھر ۾ تعليمي ادارا ۽ لائبريريون قائم ڪيون 

سکر جي پهرين لائبريري انڊس فلوٽيلا جي 1835ع سنگنل اسٽيشن جي  لائبريري جڙي جنهن کي 1871ع ۾ جنرل لئبريري نالو ڏنو ويو 1883ع ۾ کيس بمبئي ۾ رجسٽر ڪرايو ويو جڏھن شڪارپور ضلعو ختم ڪري سکر کي ضلعو ٺاھيو ويو تہ اتان جي لائبريري ۾ رکيل ڪتاب ھن لائبريري ۾ آڻي رکيا ويا ان وقت ھيءَ اتر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي لائبريري ھئي جنهن جو مشھور وڪيل ديوان ڀوڄ سنگ 33 سال سيڪريٽري رھيو 1905ع کان 1938تائين پاڻ سنڌ اسمبلي جو پهريون اسپيڪر پڻ ھو ان بعد ھن کي پروفيسر ايل ايڇ اجواڻي ڊي جي سائنس ڪاليج سنڀاليو پاڪستان ٺھڻ بعد ھن جا ڪافي ڪتاب بارشن سبب ضايع ٿيا تہ ڪجهہ زماني جي نظر ٿي ويا ھن وقت ھن کي ھڪ بورڊ آف ٽرسٽيز ھلائي رھيو آھي جنهن کي ڪافي مالي مشڪلاتون آھن.

ويرومل لائبريري 1910ع سندرسڀا وارن مارڪيٽ جي اڀرندي دروازي وٽ برپا ڪئي.

سينٽرل لائبريري سندر شيوڪ سڀا وارن مولچند ٿلهي تي 1921 ۾ کولي.

شيوا منڊلي لائبريري بندر روڊ 1919ع

غريب آباد نواسي منڊلي لائبريري اسٽيشن روڊ 1937ع.

سترامداس چيلارام پبلڪ لائبريري پراڻو سکر جتي ھاڻي ھڪ حصي تي نيشنل بوڪ فائونڊيشن وارن ڪتاب ۽ آفيس کولي آھي ۽ ٻئي حصي تي دارالامان جڙيو آھي

خواجہ لائبريري ھيءَ مسلمانن 1930ع غريب آباد ۾ قائم ڪئي

ڏيالداس پنجومل ويدڪ لئبريري آريا سماج 1908ع.

سناتن ڌرم پورڪ سڀا 1936ع ميٺارام لائبريري بندر روڊ تي قائم ڪئي.

سناتن ڌرم سڀا لئبريري پنڊت ويلورام شرما 1915ع قائم ڪئي.

ٽيئومل ڏيپچند لائبريري بندر روڊ 1895ع.

يورپين جيمخانہ لائبريري 1843ع.

ھندو وڌيارٽي منڊل سيٺ لئومل راڌا ڪشنداس ھندو اسڪولن جي شاگردن جي سياسي بيداري لاء 1932ع شھر جي ھر ڪنڊ ۽ ڳلي ۾ لائبريريون قائم ڪيون.

ڪاٺياواڙي مهاجر ميمڻ انجمن 1951ع ۾ لائبريري قائم ڪئي.

معصوم شاه ميونسپل لائبريري.

آء بي اي لائبريري.

رحيم داد خان مولائي شيدائي پبلڪ لئبريري ڪلچر ڪمپليڪس

ساڌو ٻيلو لائبريري.

بيگم نصرت ڀٽو ڊجيٽل لائبريري.

پبلڪ لائبريري نيو تعلقا.

جامع ادارتُلُ فرقان لائبريري.

مخدوم صدر شاه عثمان قريشي اڪيڊمي لائبريري ڳوٺ فراش سکر.

الفاروق لائبريري.

ھن وقت سکر جي ھر ڪاليج ۽ اسڪول ۾ ننڊي پيماني تي لائبريري موجود آھي.

ان کان علاوه شھر اندر ڪجهہ ادبي فردن جون گهرن اندر ذاتي لائبرريون بہ آھن.

ماستر ڪڏن مل ورند مل منشاراماڻي انگريزي ماستر جي نالي تي ديش شيوڪ لائبريري روھڙي.

لالا بهرومل لائبريري روھڙي بندر روڊ روھڙي پاڻ ٽيڪيدار ھو سندس نالي تي روھڙي اندر ھڪ اسڪول بہ ھو.

سيد غلام شبير شاه ميونسپل لائبريري روھڙي

غالبن ھڪ ٻي ميونسپل لائبريري بندر روڊ تي آھي جيڪا بهرومل لائبريري وارن ڪتابن مٿان جڙي جنهن ۾ اڳ تمام بهترين ڪتاب ھئا.

امداد حسين شاه رضوي روھڙي






Comments

Popular posts from this blog

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)

 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد  (مانڪجي لمجي ھتاريا) سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي 183...