Skip to main content

منزلگاه دنگن دوران روھڙي ۾ امن لاءِ ڪوٽائي سيدن جو ڪردار.

 منزلگاه دنگن دوران روھڙي ۾ امن لاءِ ڪوٽائي سيدن جو ڪردار.

روھڙي شھر اندر ريلوي اسٽيشن لڳ 14 ايڪڙن مٿان جڙيل قلعو شاه آباد ۾ مقيم رضوي سيدن کي ڪوٽائي سيد بہ سڏيو وڃي ٿو ڇو جو قلعي کي وڏين ديوارن جي آلم پناه ڪري ڪوٽ بہ ڪوٺيو ويندو آھي جنهن ڪري ھن قلعي کي ھن وقت ڪوٽ مير يعقوب علي شاه ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ان اندر رھندڙن کي ڪوٽائي سيد جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

رضوي سيد امام علي نقي عليه سلام جي اولاد آھن سندن وڏو ڏاڏو سيد محمد مڪي بکري 658ھہ بکر يعني سکر ۾ آيا سندس آمد تي سندس اولاد مان جهانسي ھندستان ۾ رھندڙ سيد معين الحق جهونسوي اٺين ھجري ۾ ڪتاب منبع الانساب لکيو آھي جنهن ۾ سندس آمد ڇهين ھجري ڏيکاري آھي سيد محمد مڪي کي سيد صدرالدين فرزند ٿيو جنهن کي ٻن گهرن مان ڏھہ فرزند ٿيا جن مان پنج صاحب اولاد ٿيا ڪوٽائي سيد جو نسب نامہ ھن ريت آھي

نواب مير يعقوب رضوي 

بن سيد مير ميران ثاني

بن سيد يعقوب

بن سيد ابو اسحاق

بن سيد ابوالخير

بن سيد ٻڌل

بن سيد نعمت الله

بن سيد رڪن الدين 

بن سيد سعدالدين

بن سيد مير ميران اول

بن سيد خواجہ خلق الصدق

بن سيد تاج الدين

بن سيد صدرالدين بکري

ڪوٽائي رضوي سيدن جا وڏا پهرين سکر جي ڊي سي آفيس واري ٽڪري ھيٺان رھائش اختيار ڪئي ان بعد 697 ھجري بکر جي قلعي ۾ 928 ھہ روھڙي شھر ۽ 1088 ھہ موجوده قلعي ڪوٽ اندر

سکر اندر منزلگاه مسجد واقعي بعد سکر ۽ شڪارپور ضلعن ۾ ھندو مسلم وچ ۾ وڏي ڇڪتاڻ سبب خونريزي ٿي جنهن ۾ 19 نومبر 1939ع روھڙي ريلوي اسٽيشن لڳ ھندو تي حملو ٿيو ھڪ مارجي ويو ۽ ھڪ زخمي ٿيو وري 21 نومبر تي ٻہ ڄڻا مارجي ويا ان واقعي بعد ڪوٽ جا رضوي سيد ھٿيارن سميت پنهنجا ماڻھون وٺي گهوڙن تي ۽ پيادل پورا 20 ڏھاڙا رات ڏينهن روھڙي شھر ۾  گشت  ڪري امن برقرار ڪرايو جنهن بعد ڪوئي ناخوشگوار واقعو رونما ڪون ٿيو ۽ رھواسين سڪون جو ساه ڀريو 8 مهينن بعد ھڪ ٻيو واقعو روھڙي ريلوي اسٽيشن لڳ ميونسپل پارڪ ۾ 17 جولاءِ 1940 ۾ پيش آيو جڏھن روھڙي سب ڊويزن جي ميمبر سنڌ اسمبلي پروفيسر ھاسارام سندرداس پمناڻي کي قتل ڪيو ويو

منزلگاه واقعي بعد 1940 جي پڇاڙي ۾  روھڙي جي ھندو برادري شھر اندر ھڪ تقريب رکي جنهن جو مهمان خاص سکر جو ڪليڪٽر سڊني رڊلي ھو

 (11 مارچ 1939کان 15 جنوري 1941) ۽ عمائدين شھر ھئا جنهن ۾ شهر جي ھندو برادري ميڙاڪي کي  امن جي حوالي سان ڪوٽائي سيدن جي ڪردار جي باري ۾ آگاھہ ڪيو جنهن بعد ھندو برادري طرفان ڪوٽائي سيدن کي ڪليڪٽر ھٿان سونا ميڊل ۽ ڪجهہ کي ٻيا لوازمات ڏياريا جن ۾

مير صادق علي شاه 

سونو ٻلو

سيد پنجل شاه 

سونو ٻلو  (موجوده ميونسپالٽي چيئرمين ۽ ڪوٽائي سيدن جو پڳدار مير يعقوب علي شاه خامس سندس فرزند آھن)

سيد عبدالرزاق شاه 

 سونو ٻلو

سيد نادر علي شاه 

 سونو ٻلو

سيد عبدالرحيم  شاه 

ريشمي پٽڪو 

شيوا ۾ ھندو برادري جا ھي ماڻھون موجود ھئا

آر ايس گنگا رام

ڊاڪٽر ليکراج

ننديرام مدنداس

ڀائي مولچند ھيمراج

ڀڳوان داس پمناڻي

ھاسانند ھيمراج

سيٺ ڍولڻداس

وشنداس ڏيونداس

سيٺ سگنيچند

چنديرام ڄيٺانند

ڊاڪٽر ھرچندراءِ

تلسيداس شونداس

ڊاڪٽر ھيرانند

کيئارام ٺارومل

روچلداس سنتداس

حوالہ

.تذڪره ڪوٽائي سادات روھڙي

 .تصوير 1940ع  مانپتر

 ضميمو 6 

.نسب نامہ رضوي سادات

امداد حسين شاه رضوي

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي












Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...