Skip to main content

روھڙي جا ڌرمشالا

 (روھڙي جا ڌرمشالا)

ورھانڱي کان اڳ روھڙي شهر جي آباديءَ ۾ ھندو اڪثرت ۾ ھئا ان سان گڏ ڪاروبار ۽ مالي وسائل ۾ بہ ڀڙ ھئا مسلمانن جي مقابلي ۾ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي فلاحي ڪمن ۾ بہ اڳڀرا ھئا خاص ڪري پنهنجي ڌرمي برادري اندر.

روھڙي شهر اندر مسافرن لاءِ قديم زماني کان تسر جي ڪپڙي جي وڏي مارڪيٽ ھئڻ سبب گهڻيون ڪاروان سراه ھيون جتي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪاروباري اچي ترسندا ھئا وري جڏھن ڪلهوڙا دور ۾ روھڙي اندر پنجاب ۽ ٻين علائقن کان ھندو برادري جي آبادڪاري وڌي تہ ھنن اتي پنهنجي ڌرمي مسافرن لاءِ ڌرمشالا تعمير ڪرايا جتي ھندن کان علاوه ٻيا ماڻھون بہ ترسي سگهندا ھئا.

1947ع ھندن جي لڏپلاڻ بعد انهن تي  قبضا ٿي ويا يا ڪليمن ۾ ھندستان کان آيل ماڻھن کي الاٽ ٿيا. جن جا ھي نالا آھن.

1.منڊو کبر محلي ۾ ڀائي ڇتري مل پرڀداس ڌرمشالا.

2.روھڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڀائي گنگارام ڌرمشالا جنهن ڀرسان دربار بہ ھئي.

3.شاھي بزار جي اتر طرف ڀائي رگهومل جو ڌرمشالا.

5.مارڪيٽ ڀرسان وڌڻ سنگهہ جو ڌرمشالا.

6. روھڙي جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي سيٺ ويڙھو مل ديارام جوتواڻي ڌرمشالا جتي وڏا وڏا سياسي ۽ ڌرمي ليڊر خطاب ۽ ليڪچر ڏئي ويا جن ۾ مهاتما گانڌي، تلڪ مهراج، سباش چندر بوس، پنڊت جواھر لعل نهرو، مولانا آزاد ۽ ٻيا ڪيئي ليڪچر ڏيڻ آيا جتي کين ھزارن روپين جون ڳوٿريون ڀيٽا طور روھڙي واسين ڏنيون

ھي ڌرمشالا 1965ع تائين سندن مالڪن جي موجودگي تائين اصل حالت ۾ رھيو ان بعد ھن جي وڏي حصي تي ماڻھون قبضو ڪري ڪمرشل دڪان ۽ رھائشي جايون جوڙائي ويٺا آھن ان ڌرمشالا اندر اداسين جي دربار بہ آھي جيڪا اڄ تائين قائم آھي.

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.



Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...