Skip to main content

روھڙي جا ڌرمشالا

 (روھڙي جا ڌرمشالا)

ورھانڱي کان اڳ روھڙي شهر جي آباديءَ ۾ ھندو اڪثرت ۾ ھئا ان سان گڏ ڪاروبار ۽ مالي وسائل ۾ بہ ڀڙ ھئا مسلمانن جي مقابلي ۾ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي فلاحي ڪمن ۾ بہ اڳڀرا ھئا خاص ڪري پنهنجي ڌرمي برادري اندر.

روھڙي شهر اندر مسافرن لاءِ قديم زماني کان تسر جي ڪپڙي جي وڏي مارڪيٽ ھئڻ سبب گهڻيون ڪاروان سراه ھيون جتي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪاروباري اچي ترسندا ھئا وري جڏھن ڪلهوڙا دور ۾ روھڙي اندر پنجاب ۽ ٻين علائقن کان ھندو برادري جي آبادڪاري وڌي تہ ھنن اتي پنهنجي ڌرمي مسافرن لاءِ ڌرمشالا تعمير ڪرايا جتي ھندن کان علاوه ٻيا ماڻھون بہ ترسي سگهندا ھئا.

1947ع ھندن جي لڏپلاڻ بعد انهن تي  قبضا ٿي ويا يا ڪليمن ۾ ھندستان کان آيل ماڻھن کي الاٽ ٿيا. جن جا ھي نالا آھن.

1.منڊو کبر محلي ۾ ڀائي ڇتري مل پرڀداس ڌرمشالا.

2.روھڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڀائي گنگارام ڌرمشالا جنهن ڀرسان دربار بہ ھئي.

3.شاھي بزار جي اتر طرف ڀائي رگهومل جو ڌرمشالا.

5.مارڪيٽ ڀرسان وڌڻ سنگهہ جو ڌرمشالا.

6. روھڙي جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي سيٺ ويڙھو مل ديارام جوتواڻي ڌرمشالا جتي وڏا وڏا سياسي ۽ ڌرمي ليڊر خطاب ۽ ليڪچر ڏئي ويا جن ۾ مهاتما گانڌي، تلڪ مهراج، سباش چندر بوس، پنڊت جواھر لعل نهرو، مولانا آزاد ۽ ٻيا ڪيئي ليڪچر ڏيڻ آيا جتي کين ھزارن روپين جون ڳوٿريون ڀيٽا طور روھڙي واسين ڏنيون

ھي ڌرمشالا 1965ع تائين سندن مالڪن جي موجودگي تائين اصل حالت ۾ رھيو ان بعد ھن جي وڏي حصي تي ماڻھون قبضو ڪري ڪمرشل دڪان ۽ رھائشي جايون جوڙائي ويٺا آھن ان ڌرمشالا اندر اداسين جي دربار بہ آھي جيڪا اڄ تائين قائم آھي.

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.



Comments

Popular posts from this blog

ڪوه نور ھيري جو سفر

 (ڪوه نور ھيري جو سفر) ھي ھيرو ھندستان جي رياست آنڌراپرديش تلنگانہ جي گوداوري ڊيلٽا مان حاصل ٿيو  ھي ھندستان جي راجا مهاراجا وٽ نسل درنسل رھيو جنهن بعد ڪاڪتيہ خاندان کان علاوالدين خلجي حاصل ڪيو ان بعد ابراھيم لوڌھي جي والده ھوا بيگم ھمايون بادشاه کي نزراني ۾ ڏنو جتان اڪبر، جهانگير ۽ شاهجهان وٽ پهتو ھڪ روايت ھيءَ بہ آھي تہ ھي ھيرو شاه جهان کي ھيرن جي تاجر ميرجملہ کيس تحفي ۾ ڏنو ھو جنهن ھن ھيري کي پنهنجي تاج ۾ ھڻايو جتان مغل خاندان مان ٿيندو مغل بادشاه محمد شاه وٽ پهتو جنهن کان نادر شاه 1739ع ھن ھيري سميت سڄي مغلن خاندان جي گڏ ڪيل دولت لٽي ايران کڻي ويو جنهن ھن ھيري کي ڪوه نور (روشني جو پهاڙ) نالو ڏنو نت روايت آھي تہ ھمايون ھن کي بابر نالو ڏنو ھو جڏھن نادر شاه 2 جون 1747ع قوچان خورستان ۾ قتل ٿيو تہ ھي ھيرو سندس سپه سالار احمد شاه ابدالي کي ھٿ لڳو کيس نڪ تي ھڪ ڦرڙي نڪتي جنهن سندس نڪ ختم ڪري ڇڏيو ھن ان لاءِ ھڪ مصنوعي نڪ تيار ڪرايو جنهن ۾ موتي ۽ ھيرا لڳل ھئا جيڪو ھي ان عيب کي لڪائڻ لاءِ پائيندو ھو جيڪا ڦرڙي وڌي ڪينسر ۾ تبديل ٿي 1772ع ۾ کيس بستر مرگ تي پهچايو جنهن بعد ھي ھيرو سندس پٽ تيم

روھڙي، بکر ۽ سکر جي درميان کجين جي ٿڙن مان جڙيل پل

1839ع  روھڙي، بکر ۽ سکر جي درميان  کجين جي ٿڙن مان جڙيل  پل برٽش فوج افغانستان وڃڻ لاءِ 29 ڊسمبر 1838ع روھڙي پهتي 24 جنوري 1839ع بکر جي قلعي ۾ پهتا روھڙي ۽ سکر جي وچ ۾ پٿر واري ٻيٽ جي ساڄي ڪناري تي 29 جنوري بغير مخالفت جي قبضو ڪيو ٿامسن جارج چيف انجنيئر بنگال سيپرس دريا تي پل ٺاھڻ جي تياري ڪئي روھڙي ۽ بکر جي وچ ۾ وھندڙ ندي اٽڪل 360 گز (1080 فوٽ) ھئي ۽ بکر سکر جي وچ ۾ اٽڪل 130 گز  (390 فوٽ) ويڪري ھئي ٻنهي ۾ پاڻي چڪي ڦيٿي جي وھڪري وانگر وھندو ھو ٿامسن سکر جي پوليٽيڪل آفيسر کي اڳواٽ چوائي موڪليو ھو تہ روھڙي ۾ پل جي اڏاوت لاءِ اڳ ئي سامان گڏ ڪري رکي پر جڏھن ھو پهتو تہ اتي ڪجهہ بہ سامان گڏ ٿيل ڪون ھو ھن وڏي محنت سان ٻيڙيون خريد ڪيون کجين جا وڻ وڍرايا ۽ دريا ۾  لاٿا گاه کي وڪوڙي ان مان نوڙيون ٺاھيون ننڊن وڻن جا ٿڙ (يعني کجين جا) پاڻ ۾ ملائي پٿر سان ڀري دريا ۾ پل ٺاھي جيڪا يارھن ڏينهن ۾ ھڪ سٺي فوجي پل ٺھي تيار ٿي سر ھينري ڊيورنڊ لکيو آھي تہ ٿامس کي اھڙي قابليت ۽ وڏي پيماني تي ڪامياب ڪم ڪرڻ تي ساراه ڪئي وئي ھئي ڇاڪاڻ تہ سنڌو تي پل اڏڻ ھڪ وڏو ڪارنامو ھو جنهن سان برٽش فوج ھڪ وڏي رڪاوٽ پار ڪئ

لئنسڊائون پل جا شمعدان

 (لئنسڊائون پل جا شمعدان) سهولتن ۽ وسائل جي کوٽ دوران برٽش انتظاميا 1883_ 1889ع اسان سکر روھڙي واسين کي ھڪ شاھڪار عجوبو لئنسڊائون پل تعمير ڪري ڏئي ويا جنهن ۾ سندن بہ گهڻي دلچسپي ۽ نفعي جو عنصر شامل ھو پل جي افتتاح 27 مارچ 1889ع کان 6 مئي 1962ع تائين ھن پل تي ريلوي انتظاميا مک ويھڻ بہ برداش ڪون ڪندي ھئي پر سندن ريلوي سروس ايوب پل تي منتقل ٿيڻ بعد آھستي آھستي ھن پل جي اھميت ختم ٿيندي وئي پوءِ بہ ھو ھن جي ٿوري گهڻي مالڪي 1990ع تائين ڪندا آيا پر بعد ۾ پاڪستاني ٽرانسپورٽ مافيا ھن اداري کي سندس ناخدا ھٿان آھستي آھستي کوکلو ڪندا ويا اڄ اھا حالت آھي جو ھو پنهنجو ٽريڪ بہ سنڀالي نٿا سگهن تہ ھن پل جي مالڪي ڇا ڪندا جيڪي ڪالهہ ھن پل کي رنگ روغن، صفائي ۽ روشنائي سان چمڪائي بيٺا ھئا اڄ ان اداري ھاءِ ڪورٽ ۾ لکي ڏنو آھي تہ اسان جو ھن پل سان واسطو ڪونهي مان ھاڻي پنهنجي رکيل ٻن تصويرن جي طرف اڃان ٿو جيڪي پل جي کٻي ۽ سڄي پاسي جون مون گذريل ڏينهن ڪڍيون  جڏھن ھن پل جو افتتاح 1889ع ٿيو تہ ھن پل مٿان رات جي وقت شمعدان ٻرندا ھئا جن لاءِ ماڻهون مقرر ھو جيڪو شام جو ھن جي صفائي ڪري تيل وجهي روشن ڪندو ھو ۽ صبح