(روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)
روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو.
کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون.
(چيٽي چنڊ جو ميلو)
ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي
چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ٿيندي ھئي ڪٿان ڪٿان جا ھندو پنهنجن ٻارن کي دريا تي جڻيان اچي پائيندا ھوا لٻاڻہ سکن جي ميلاپ جو تہ مرڪز بڻجي پوندو ھو ٽئين ڏينهن منڊي کبڙ محلي ۾ ساڳيءَ طرح ميلو لڳندو ھو ساري رات ڀڳت ڀاءُ بہ ٿيندو ھو.
(ھولي)
ھولي جو ميلو گهڻو ڪري موسوم جي ڦرڻ وقت يعني مارچ ۾ لڳندو ھو ھندو ھن موسوم جي ڦرڻ وقت ھڪ ٻي سان چرچا ڪري خوب خوشيون ڪندا ھوا ھڪ ٻي تي رنگ وجهڻ، گاريون ڏيڻ، ٺڪر جا دلا ٻين جي در تي ڀڃڻ. مطلب تہ انيڪ قسم جا چرچا ڪري دل کي خوش ڪندا ھوا مگر ڪوئي بہ غصو نہ ڪندو ھو نہ چڙ کائيندو ھو ڄڻ خوشي جهڙي خوراڪ ھي مهنا بنا ڪنهن ملهہ خرچڻ جي خريد ڪندا ھوا
زالون رات جو دھلڙي تي گيت ڳائينديون ھيون ننڊا ننڊا ڇوڪرا بازار مان ڇيڇڙا خريد ڪري ڍڪ بزار جي مٿان ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي ڀڳن ۾ اھڙي طرح رکندا ھوا تہ ھليون ڇڇڙي جي حاصل ڪرڻ لاءِ لامارا ڏيئي پڳون کڻي وينديون ھيون جنهن تي شرارتي ٻار خوش ٿيندا ھئا
ديش شيوڪ منڊلي وارا مولچند ٺٽو مل جا ٺاھيل ناٽڪ ڏيتي ليتي بابت گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڪندا ھئا ڌڪ بزار واري پارٽي ۽ ڪوپر بزار جي پارٽي جا ماڻهون ميلي جي رونق وڌائڻ لاءِ خوب ھڪ ٻي سان چڪري کائيندا ھئا ھرھڪ پاسو پنهنجي طرف جي ميلي تي رونق وٺائڻ لاءِ ملٽري لشڪر وانگر نقلي سپاھي تيار ڪندا ھوا گاڏن کي خوب سينگاري ڪٿان ڪٿان گوَيا گهرائي گاڏن ۾ ويهاري شهر ۾ گهمائيندا ھوا ليلان ۽ ڪونروءَ جا سانگ ٺاھي اٺن تي چاڙھي دف تي ڳائيندا ھوا ڏاڍو ميلي کي زور وٺائيندا ھوا سڄي سڄي رات گذري ويندي ھئي تہ پتوئي نہ پوندو ھو.
(دسهڙو)
دسهڙي جو ميلو سکر وارا ملهائيندا ھوا مگر پويان سال 1943ع کان ڌنراج مل، ڏيٽا رام للا ۽ مولچند ٺٽو مل روھڙي ۾ اھڙو زور سان شروع ڪيو جو سکر جي خلق بہ روھڙيءَ ميلو ڏسڻ ايندي ھئي رانوڻ ڪنڀ ڪرڻ ۽ ميگهناٿ جي بوتن ۾ باروت رکي رام جي ھٿان سندس انت ڪلياڻ آڻيندا ھوا.
(ڀائي وسڻ رام جو ميلو)
ھن ورسي تي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون درشن ڪرڻ ايندا ھوا اَٺَ ڏينهن ۽ رات ميلو لڳندو ھو.
(ڪالڪا ديوي جو ميلو)
روھڙي کان پنج ميل پري جبلن جي وچ ۾ ڪالڪا ديويءَ جو اسٿان ٺهيل آھي جتي جبل اندر سرنگهہ ۾ ديويءَ جو استان آھي ميلي تي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون ڪي جبلن جي رونق ڏسڻ جي ارادي سان ڪي شراب ۽ گوشت جا شونقين ڪي جوا جا عادتي ڪي درشن جا اٻلاشي ايندا ھئا ھن ميلي تي جانورن ڀڄائڻ ۽ ھڪ ٻي کان اڳ نڪري وڃڻ ۾ جانورن جي آزمائش ٿيندي ھئي 4 بجي شام کان ماڻهون وڃڻ شروع ڪندا ھئا رات اتي ٽڪندا ھئا صبح ٿيڻ تائين موٽي ايندا ھئا موٽڻ وقت تہ ائين موٽندا ھئا ڄڻ تہ مردا موٽي رھيا آھن عام طرح سان پهاڪو ھو تہ
چل ڪالي دي سٽي
ھن ميلي تہ اٺ، گهوڙا، گڏھہ، بيل گاڏيون، گهوڙي گاڏيون، گڏھہ گاڏا ۽ اٺ گاڏيون ھڪ ٻي کان اڳ نڪرڻ لاءِ خوب ڀڄائيندا ھئا.
(چاليهو)
دريا بادشاه جا پوڄاري چاليهہ ڏينهن ورت رکڻ، وار نہ لهرائڻ، کٽ تي نہ سمهڻ، کير نہ پيئڻ، ڪپڙي نہ بدلائڻ، سڄو ڏينهن دريا جي ڪناري تي ڀڄن ڪندا ھئا پوئين ڏينهن ڀائي وسڻ رام جي ٽڪاڻي حاجي دريا تي ٿر ٺاھيندا ھئا ميلو لڳائيندا ھئا رات جو ڪيتريون پارٽيون يعني ڪوڏو مل حلوائي ۽ جهانگي مل بولو مل، لعل پٽ راڌاڪشن، ڪلو مل للا، پوڪر بزار وارا، ٽڪر وارا ۽ ٻيا ٿرن کي خوب سينگاري بئنڊ دھلن شرناين ۽ ناچن سان اچي بجلي چوسول تي ڪٺا ٿيندا ھوا ساري رات دھلن تي ڀڄن پيا ڳائيندا ھوا تان جو صبح ٿي وڃي مسين مسين ڪري ٿر دريا پروان ڪندا ھئا.
امداد حسين شاه
ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.
Comments
Post a Comment