1839ع
روھڙي، بکر ۽ سکر جي درميان کجين جي ٿڙن مان جڙيل پل
برٽش فوج افغانستان وڃڻ لاءِ 29 ڊسمبر 1838ع روھڙي پهتي 24 جنوري 1839ع بکر جي قلعي ۾ پهتا روھڙي ۽ سکر جي وچ ۾ پٿر واري ٻيٽ جي ساڄي ڪناري تي 29 جنوري بغير مخالفت جي قبضو ڪيو ٿامسن جارج چيف انجنيئر بنگال سيپرس دريا تي پل ٺاھڻ جي تياري ڪئي روھڙي ۽ بکر جي وچ ۾ وھندڙ ندي اٽڪل 360 گز (1080 فوٽ) ھئي ۽ بکر سکر جي وچ ۾ اٽڪل 130 گز
(390 فوٽ) ويڪري ھئي ٻنهي ۾ پاڻي چڪي ڦيٿي جي وھڪري وانگر وھندو ھو ٿامسن سکر جي پوليٽيڪل آفيسر کي اڳواٽ چوائي موڪليو ھو تہ روھڙي ۾ پل جي اڏاوت لاءِ اڳ ئي سامان گڏ ڪري رکي پر جڏھن ھو پهتو تہ اتي ڪجهہ بہ سامان گڏ ٿيل ڪون ھو ھن وڏي محنت سان ٻيڙيون خريد ڪيون کجين جا وڻ وڍرايا ۽ دريا ۾ لاٿا گاه کي وڪوڙي ان مان نوڙيون ٺاھيون ننڊن وڻن جا ٿڙ (يعني کجين جا) پاڻ ۾ ملائي پٿر سان ڀري دريا ۾ پل ٺاھي جيڪا يارھن ڏينهن ۾ ھڪ سٺي فوجي پل ٺھي تيار ٿي سر ھينري ڊيورنڊ لکيو آھي تہ ٿامس کي اھڙي قابليت ۽ وڏي پيماني تي ڪامياب ڪم ڪرڻ تي ساراه ڪئي وئي ھئي ڇاڪاڻ تہ سنڌو تي پل اڏڻ ھڪ وڏو ڪارنامو ھو جنهن سان برٽش فوج ھڪ وڏي رڪاوٽ پار ڪئي.
ليفٽيننٽ ڪرنل ٿامسن جارج بن جارج ٿامسن 19 سيپٽمبر 1799ع ايبرڊين شائر اسڪاٽلينڊ ۾ ڄائو 1818ع ڪلڪتي اندر بنگال سيپرس ۾ شموليت ڪئي 13 سيپٽمبر 1838ع افغانستان جي جنگ لاءِ دھلي مان ٻہ ڪمپنيون ساڻ ڪري ڪرنال پهتو جتان روھڙي پهتو سندس انتقال ڊبلن اندر 10 فبروري 1886ع ٿيو
حوالہ ٿامسن جارج
(1799_ 1886)
امداد حسين شاه رضوي
ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.
Comments
Post a Comment