Skip to main content

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو

دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکيو ويو 

سخت بک، پياس ۽ گهاٽن جهنگلن مان گذري جڏھن بکر پهتو تہ کيس اطلاع مليو تہ اورنگزيب جو لشڪر بهادر خان جي ڪمان ۾ تيزي سان بکر طرف اچي رھيو آھي ھن فوري حڪم ڪيو تہ 2 ھزار سپاھي بکر جي قلعي تي قبضو ڪن جن ۾ مغل سيد ۽ پٽاڻ سپاھي شامل ھئا باقي دريا اندر سڀني ٻيڙين تي قبضو ڪن جينئن دشمن کي ٻيڙيون ھٿ نہ اچن ان بعد ھو پنهنجي فوج کي ڇڏي پاڻ ٺٽي طرف ويو جتي ڪجهہ ڏينهن آرام ڪيو ھن ٺٽي ۾ رھڻ دوران پڇو تہ ھتي ڪوئي فرنگي پادري ملي سگهي ٿو اتي ھڪ اگهاڙو پاڪار ميلٽ پادري frei petrode santa treza  نالي رھندو ھو جيڪو نسلن فليمشن ھو جيڪو اڳ ڪتاب لکندڙ منوچي سان اصفهان ۾ ملي چڪو ھو ھي وڏو نيڪ  عالم ھو جنهن کي عربي فارسي ۽ ھندستاني زبان تي عبور ھو دارا ھن سان مليو ۽ ڪافي دير تائين انجيل تي گفتگو ڪئي ۽ کيس پنهنجي دعا لاءِ چيو ۽ اگر مونکي سوڀ ملي تہ مان آگره ۾ گرجا گهر تعمير ڪرائيندم

ان بعد 6 ھزار سپاھي کڻي گجرات ويو جتان اجمير ۾ اورنگزيب کان شڪست کائي سبي طرف ويو جتان جيوڻ خان ھٿان گرفتار ٿي جڏھن بکر جي قلعي ڀرسان گذريو تہ اتي سندس ماڻھن جو قبضو ھو ان سان گڏ خزانو سندس پٽ ۽ ڪجهہ اھل خانہ رھيل ھئا جيڪي سخت لڙائي ۽ گهيري بعد بہ قلعي تي قبضو قائم ڪيون ويٺا ھئا آخر اورنگزيب جي فوج قيدي دارا کي چيو تہ اوھان پنهنجي سپه سالار پريم وير (کدڙو) کي چٽي لکو تہ قبضو ختم ڪري جنهن دارا جي چٺي پڙھي اکر سچاڻي بکر جو قلعو اورنگزيب جي سپاھين حوالي ڪيو

اھڙي طرح دارا ٻئي دفعا بکر جي قلعي ڀرسان گذريو پر ان ۾ رھي آسائش حاصل ڪري ڪون سگهيو.

حوالو۔ سٽوريا ڊوموگر

مصنف  منوچي

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.



Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)

 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد  (مانڪجي لمجي ھتاريا) سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي 183...