Skip to main content

لئنسڊائون پل جي افتتاح وقت دعا جا ڪلمات ادا ڪرڻ وارو (عيسائي پادري) بشپ (ھينري جيمز ميٿيو)


 لئنسڊائون پل جي افتتاح وقت دعا جا ڪلمات ادا ڪرڻ وارو  (عيسائي پادري)

بشپ (ھينري جيمز ميٿيو)

27 مارچ 1889ع تي سکر ۾ لئنسڊائون پل جو افتتاح ٿيو ان وقت سنڌ سميت سڄي ھندستان تي برطانيا جي حڪومت ھئي جن جو مذھب عيسائي ھو پل جو افتتاح بہ گورنر بمبئي لارڊ ري ڪيو ۽ ان سان گڏ قريب سڀ انگريز آفيسر جيڪي پل سان وابستہ ھئا اھي پڻ عيسائي ھئا جنهن ڪري حڪومت دعا جا ڪلمات ادا 

ڪرڻ لاءِ لاھور جي بشپ ھينري جيمز ميٿيو کي گهرايو جنهن پل جي افتتاح وقت دعا جي ھي ڪلمات ادا ڪيا

اسان جي مدد رب جي نالي سان آھي جنهن ھن زمين ۽ آسمان کي ٺاھيو آھي ۽ ان جي مبارڪ نالي سان ھن پل جو افتتاح ٿئي پيو

موجوده پاڪستان ۾  ان وقت لاھور جي چرچ 

 چرچ آف انگلينڊ جي ماتحت ڪم ڪندي ھئي ان بعد 1927 ۾ چرچ آف انڊيا، برما ۽ سيلون جو بنياد پيو

ميٿيو رائيٽ ريو ھينري جيمس 

جي ولادت ڪيمبريج برطانيا ۾  15 جنوري 1837ع ۾ ٿي ابتدائي تعليم ميٿيو سينٽ پال اسڪول ۽ ٽرينٽي ڪاليج ڪيمبريج مان حاصل ڪئي 1861ع۾ ordained )عيسائي مذھب جو ننڊو نمائيندو) مقرر ٿيو 1866ع بنگال ايسٽبلشمينٽ ۾ chaplain مقرر ٿيو(عيسائي پادري جو رڪن جيڪو اسڪول جيل اسپتال ۽ فوج اندر مذھبي ڊيوٽي ڏي) ۽ ان دوران ھن شملا اندر chadwick علائقي اندر گهر جوڙايو ۽ پنهنجي زال جي ياد ۾ جيڪا چپلين ھئي شملا جي چرچ ۾ فريم اندر شيشي مٿان گلڪاري ڪرائي  وڏي الماڙي ھڻائي ھئي جيڪا ھن لاھور اسڪول آف آرٽس جي پرنسيپل لاڪ وڊ ڪپلنگ کان جوڙائي.

1877ع ھي لاھور جو آرچڊيڪن مقرر ٿيو 

(ھڪ پادري جيڪو رسمي تقريب يا انتظامي ڊائيوسين  بشپ جي مدد جو فرض رکندو آھي پادري جي علائقي اندر)

1888ع ھي لاھور جو بشپ مقرر ٿيو ۽ ان عهدي دوران انگريز سرڪار کيس سکر لئنسڊائون پل جي دعا لاءِ گهرايو    سندس بشپ جي عهدي دوران ھي  2 ڊسمبر 1898ع لاھور ۾ انتقال ٿيو ھن لاھور جي چرچ ۾ weeping willow وڻ جي ڪاٺي مان شيشي سان مزين خوبصورت دري ھڻائي ھئي جيڪي وڻ شملا ۾ ٿين ٿا ھن وڻ جا قلم 1850ع نپولين جي معالج ڊاڪٽر اوميرا پنهنجي ڀائٽي کي شملا موڪليا جيڪو ان وقت سڄي پنجاب ۾ ھڪڙو ڏندن جو ڊاڪٽر ھو سندس چاچي سينٽ ھيلنا ۾ ھي وڻ نپولين جي قبر مٿان پوکيو ھو جنهن مان ڪجهہ وڻ جا قلم ڪٽي شملا موڪليا جتي ھينئر وافر مقدار ۾ آھن

حوالہ

1. the clergy list clericul guide and ecclesiatical directory london & co 1888

2.matthew henry james cambride university of cambaridge

3.the times

dec 24 1887

4.jan 7 1888

5.mar 1 1899

امداد حسين شاه 

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي







Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

گانگوٽي گرائونڊ روھڙي

 گانگوٽي گرائونڊ روھڙي روھڙي شھر جو بنياد رکندڙ رضوي بکري سيد آھن سندن وڏو ڏاڏو سيد محمد مڪي 1260ع سکر  ۾ آيو ان بعد  رضوي سيد 1297ع بکر جي قلعي اندر اتر طرف جتي سيد صدرالدين رضوي بکري جي مزار آھي اتي جايون جوڙائي رھائش اختيار ڪئي جڏھن شاه بيگ ارغون 1521ع /1522ع ڌاري بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو تہ  ھنن مناسب نہ سمجهو تہ مغل سندن حويلي جي قريب رھن ان ڪري پاڻ بکر قلعي جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريء تي اچي رھائش اختيار ڪئي جنهن کي روھڙي سڏيو وڃي ٿو  پاڻ موجده ڪربلا ميدان کان وار مبارڪ تائين اراضيء تي مشتمل ڪوٽ اڏي اچي ويٺا جنهن کي سائيندي محلا ڪوٺيو ويندو ھو انهن رضوي سيدن جي مياڻا لڙھيء مان سيد غلام شاه مرتظيٰ عرف نبي ڏنو پنهنجي وقت جو وڏو زميندار ھو جنهن انگريز حڪومت سان مهاڏو اٽڪايو ۽ سندس سلامي ڪون ڀري جنهن ڪري انگريز سندس خلاف رھيا پاڻ 1852ع رحلت ڪئي کيس ھڪ فرزند ٿيو جيڪو صغير عمر ۾ وفات ڪري ويو سندس خانداني پڳ سندس والد جي سوٽ ۽ سھري سيد نور حسين شاه کي ٻڌرائي وئي جنهن ۾ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر جاگيرات مسٽر اسمنڊ بہ شرڪت ڪئي ھئي   نور حسين شاه جو انتقال 20 جنور...