Skip to main content

لئنسڊائون پل جا شمعدان


 (لئنسڊائون پل جا شمعدان)

سهولتن ۽ وسائل جي کوٽ دوران برٽش انتظاميا 1883_ 1889ع اسان سکر روھڙي واسين کي ھڪ شاھڪار عجوبو لئنسڊائون پل تعمير ڪري ڏئي ويا جنهن ۾ سندن بہ گهڻي دلچسپي ۽ نفعي جو عنصر شامل ھو

پل جي افتتاح 27 مارچ 1889ع کان 6 مئي 1962ع تائين ھن پل تي ريلوي انتظاميا مک ويھڻ بہ برداش ڪون ڪندي ھئي پر سندن ريلوي سروس ايوب پل تي منتقل ٿيڻ بعد آھستي آھستي ھن پل جي اھميت ختم ٿيندي وئي پوءِ بہ ھو ھن جي ٿوري گهڻي مالڪي 1990ع تائين ڪندا آيا پر بعد ۾ پاڪستاني ٽرانسپورٽ مافيا ھن اداري کي سندس ناخدا ھٿان آھستي آھستي کوکلو ڪندا ويا اڄ اھا حالت آھي جو ھو پنهنجو ٽريڪ بہ سنڀالي نٿا سگهن تہ ھن پل جي مالڪي ڇا ڪندا جيڪي ڪالهہ ھن پل کي رنگ روغن، صفائي ۽ روشنائي سان چمڪائي بيٺا ھئا اڄ ان اداري ھاءِ ڪورٽ ۾ لکي ڏنو آھي تہ اسان جو ھن پل سان واسطو ڪونهي

مان ھاڻي پنهنجي رکيل ٻن تصويرن جي طرف اڃان ٿو جيڪي پل جي کٻي ۽ سڄي پاسي جون مون گذريل ڏينهن ڪڍيون 

جڏھن ھن پل جو افتتاح 1889ع ٿيو تہ ھن پل مٿان رات جي وقت شمعدان ٻرندا ھئا جن لاءِ ماڻهون مقرر ھو جيڪو شام جو ھن جي صفائي ڪري تيل وجهي روشن ڪندو ھو ۽ صبح جو باک ڦٽي مهل گل ڪندو ھو جيڪو سلسلو 1922ع تائين ھلندو آيو جڏھن سکر ۾ DC بجلي گهر رشيد پارڪ سامهو لڳو تہ ريلوي انهن کان بجلي خريد ڪري پنهنجي ماڳن کي روشن ڪيو 

1923ع سکر بيراج وارن پنهنجو پاور ھائوس بيراج روڊ تي تعمير ڪيو جنهن ۾ برطانيا جا ٺھيل 5 وڏا جنريٽر لڳل ھئا جن 1967ع سکر ٿرمل پاور ھائوس جي پاور جنريشن بعد ريلوي محڪمي کي وڪڻي ڇڏيا پاڻ واپڊا کان بجلي ورتي ريلوي وارا ان بيراج واري بجلي گهر تي سکر ۽ روھڙي جي ريلوي ماڳن کي بجلي ڏيندا ھئا ان بعد بيراج واري پاور ھائوس جي مهانگي مرمتي ڪم ڪري ھنن بہ بجلي واپڊا کان  خريد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ھن وقت ھن پاور ھائوس جو ھڪ جنريٽر بجلي ٺاھڻ جي قابل آھي

جيستائين بجلي سستي ۽ ريلوي محڪمو مستحڪم ھو پل رات جو 1990ع تائين روشن رھندي آئي جنهن بعد پل جو زوال شروع ٿيو نہ صفائي نہ مرمت نہ رنگ روغن نہ روشنائي نہ مالڪي رھي

 اڄ رات جو گذرڻ مهل  گذرندڙ ٽريفڪ جي روشنائي سان احساس ٿيندو آھي تہ پل تان گذر ٿي ٿو نت ڪنهن اندھيري گلي مان گذر محسوس ٿيندو آھي

اسانجي سول ادارن سان وابستہ فرد تہ ھن پل بابت روزانو لفظي مرمت ڪرائيندا اچن ٿا جيڪا پل تي فل حال تہ نروار ڪونهي باقي پل الله جي آسري تي بيٺل آھي

آخر ۾ بس اسين تہ ھن اميد سان ڏسڻ گهرون ٿا تہ ڪڏھن ڪو مسيحا اٿي ھن پل جي زندگي کي دراز ڪري ٿو

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي






Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

گانگوٽي گرائونڊ روھڙي

 گانگوٽي گرائونڊ روھڙي روھڙي شھر جو بنياد رکندڙ رضوي بکري سيد آھن سندن وڏو ڏاڏو سيد محمد مڪي 1260ع سکر  ۾ آيو ان بعد  رضوي سيد 1297ع بکر جي قلعي اندر اتر طرف جتي سيد صدرالدين رضوي بکري جي مزار آھي اتي جايون جوڙائي رھائش اختيار ڪئي جڏھن شاه بيگ ارغون 1521ع /1522ع ڌاري بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو تہ  ھنن مناسب نہ سمجهو تہ مغل سندن حويلي جي قريب رھن ان ڪري پاڻ بکر قلعي جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريء تي اچي رھائش اختيار ڪئي جنهن کي روھڙي سڏيو وڃي ٿو  پاڻ موجده ڪربلا ميدان کان وار مبارڪ تائين اراضيء تي مشتمل ڪوٽ اڏي اچي ويٺا جنهن کي سائيندي محلا ڪوٺيو ويندو ھو انهن رضوي سيدن جي مياڻا لڙھيء مان سيد غلام شاه مرتظيٰ عرف نبي ڏنو پنهنجي وقت جو وڏو زميندار ھو جنهن انگريز حڪومت سان مهاڏو اٽڪايو ۽ سندس سلامي ڪون ڀري جنهن ڪري انگريز سندس خلاف رھيا پاڻ 1852ع رحلت ڪئي کيس ھڪ فرزند ٿيو جيڪو صغير عمر ۾ وفات ڪري ويو سندس خانداني پڳ سندس والد جي سوٽ ۽ سھري سيد نور حسين شاه کي ٻڌرائي وئي جنهن ۾ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر جاگيرات مسٽر اسمنڊ بہ شرڪت ڪئي ھئي   نور حسين شاه جو انتقال 20 جنور...