Skip to main content

ڪوه نور ھيري جو سفر

 (ڪوه نور ھيري جو سفر)


ھي ھيرو ھندستان جي رياست آنڌراپرديش تلنگانہ جي گوداوري ڊيلٽا مان حاصل ٿيو 

ھي ھندستان جي راجا مهاراجا وٽ نسل درنسل رھيو جنهن بعد ڪاڪتيہ خاندان کان علاوالدين خلجي حاصل ڪيو ان بعد ابراھيم لوڌھي جي والده ھوا بيگم ھمايون بادشاه کي نزراني ۾ ڏنو جتان اڪبر، جهانگير ۽ شاهجهان وٽ پهتو ھڪ روايت ھيءَ بہ آھي تہ ھي ھيرو شاه جهان کي ھيرن جي تاجر ميرجملہ کيس تحفي ۾ ڏنو ھو جنهن ھن ھيري کي پنهنجي تاج ۾ ھڻايو جتان مغل خاندان مان ٿيندو مغل بادشاه محمد شاه وٽ پهتو جنهن کان نادر شاه 1739ع ھن ھيري سميت سڄي مغلن خاندان جي گڏ ڪيل دولت لٽي ايران کڻي ويو جنهن ھن ھيري کي ڪوه نور (روشني جو پهاڙ) نالو ڏنو نت روايت آھي تہ ھمايون ھن کي بابر نالو ڏنو ھو جڏھن نادر شاه 2 جون 1747ع قوچان خورستان ۾ قتل ٿيو تہ ھي ھيرو سندس سپه سالار احمد شاه ابدالي کي ھٿ لڳو کيس نڪ تي ھڪ ڦرڙي نڪتي جنهن سندس نڪ ختم ڪري ڇڏيو ھن ان لاءِ ھڪ مصنوعي نڪ تيار ڪرايو جنهن ۾ موتي ۽ ھيرا لڳل ھئا جيڪو ھي ان عيب کي لڪائڻ لاءِ پائيندو ھو جيڪا ڦرڙي وڌي ڪينسر ۾ تبديل ٿي 1772ع ۾ کيس بستر مرگ تي پهچايو جنهن بعد ھي ھيرو سندس پٽ تيمور شاه 1772_1793ع وٽ پهتو جنهن جي موت بعد سندس پٽ شاه زمان 1793_1800ع وٽ پهتو جنهن کي سندس ڀائرن ۽ بارڪزئي سردارن قيد ڪري انڌھو ڪيو ۽ حڪومت تي قبضو ڪيو جڏھن ھي قيد ٿيو ھو تہ ھن ڪوه نور ھيرو قلعي جي ديوار ۾ پوري ڇڏيو ۽ ھڪ ٻيو ھيرو پکراج بغاوت دوران خيبر جي ڪنهن پٿرن ۾ لڪائي ڇڏيو ھو اھڙي طرح ھي ھيرو 9 سال غائب رھيو جڏھن سندس ڀاءُ شاه شجاع 1803ع پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ شاه محمود ۽ بارڪزئي سردارن کي شڪست ڏئي ڪابل جو تخت ھٿ ڪيو تہ ھن پنهنجي وڏي ڀاءُ شاه زمان کان ھن ھيري ۽ ٻي ملڪيت باري ۾ پڇو جنهن کيس مٿيو قصو ٻڌايو شاه شجاع پنهنجي ڀروسي وارا ماڻھون کي ان ھيري جي ڳولا لاءِ موڪليا جن وڃي اھي ھٿ ڪيا ڪوه نور ھيرو ھڪ شنواري شيخ وٽان ھٿ آيو جيڪو بيخبري ۾ ھن کي پيپر ويٽ طور استعمال ڪري پيو ۽ پکراج ھيري کي ھڪ ديني طالبعلم کان ھٿ آيو جيڪو دري جي پاڻي ۾ ڪپڙا ڌوئي پيو جتان کيس ھي مليو ھو جڏھن ھي ھيرا شاه شجاع کي مليا تہ ڏاڍو خوش ٿيو 1809ع نملہ جي مقام تي کيس شڪست ٿي ۽ ھي ھندستان طرف آيو اتان سندس دوست امير عطا محمد دعوت ڏئي اٽڪ جي قلعي گهرايو اتي گدرا کائي مذاق ۾ ھڪ ٻي کي ڇلڪا ھڻن پيا اتي مذاق مذاق ۾ ھڪ منصوبي تحت کيس گرفتار ڪيو ويو جتان ھو ڪشمير قيد ٿي ويو آخر مهاراجا ڪشمير ھڪ مهم ۾ ڪشمير جي گورنر کي شڪست ڏني جنهن ھن کي آزاد ڪري ڇڏيو ان بعد ھي لاھور آيو ۽ کيس رنجيت سنگهہ پناه ڏني رنجيت ھن کان ڪوهنور ھيري بابت پڇو تہ ھن چيو تہ مون ڪابل ۾ ھڪ تاجر وٽ قرض جي بدلي گروي رکيو آھي جنهن تي رنجيت سنگهہ ڪاوڙجي کيس خاندان سميت مبارڪ حويلي ۾ قيد رکيو

(مبارڪ حويلي)

مبارڪ حويلي لاھور اندر ڀاٽي دروازي اندر بازار ۾ آھي ھي حويلي مغل بادشاه محمد شاه جي وقت ۾ پنهنجي حڪيم والد جي وفات بعد ٽن ڀائرن مير بهادر علي، مير نادر علي ۽ مير بهار علي تعمير ڪرائي ھئي ان دوران مير بهار علي کي پٽ ڄائو جنهن کي نيڪ شگون سمجهي ھن حويلي جو نالو مبارڪ حويلي نالو رکيو بعد ھي خاندان ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو ھڪ فقير خاندان ٻيو سيد خاندان فقير خاندان ھن حويلي ڀرسان ٻي حويلي تيار ڪرائي جيڪا فقير خانہ سان مشھور ٿي سکهہ دور ۾ لاھور اندر سکهن طرفان لٽ مار شروع ٿي جيڪي جنهن چيز ۾ ھٿ وجهندا ھئا اھا لٽي ويندا ھئا فقير خاندان جو لاھور دربار تائين اثر رسوخ ھو تنهن ڪري ھنن کي تڪليف ڪون ٿي پر سيد خاندان ھي حويلي ڇڏي ويا جنهن بعد رنجيت سنگهہ ھن کي پنهنجو عياشخانو ٺاھيو جڏھن کيس ماڻھن ٻڌايو تہ ھي سيدن جي حويلي ھئي ان بعد ڊپ ۾ ھن ان کي مهمان خانو ٺاھيو ان بعد ھي حويلي سردار ڪهر سنگهہ سندھاواليہ کي تحفي ۾ ملي جنهن 1827ع غلام محي الدين قريشي حوالي ڪئي انگريزن جي اچڻ 9 مارچ 1849ع بعد انگريزن ھن حويلي تي قبضو ڪري نواب علي رضا قزلباش حوالي ڪئي جنهن اينگلو افغان وار ۾ ڪابل اندر سندن مدد ڪئي ان بعد سکهن سان معارڪي ۾ بہ مددگار رھيو پاڻ لاھور شھر جو انگريز دور ۾ ماجسٽريٽ ھو جنهن سيدن جي حويلي جي احترام ۾ ھن کي ٻيھر تعمير ڪرايو جنهن بعد حويلي سندس پٽ نواب نوازش علي ۽ نواب ناصر علي حوالي ٿي جن ھن کي ٻيهر تعمير ڪرايو جنهن بعد ھن جا اصل مالڪ سيد اٿي پيا جن جو تعداد ايترو ھو جو حويلي جا حصا ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي وڃن ھا انهن مالڪن مان سيد مراتب علي شاه پنهنجي والده جي ملڪيت ۽ سڀني ڀائيوارن کان ھي حويلي خريد ڪري پنهنجي گهر واري مبارڪ بيگم جي نالي ڪري ٽرسٽ حوالي ڪئي سندس پٽ وڏو بزنس مين بابر علي ھن اندر آرٽس اسڪول ۽ آرٽس گيلري ٺاھي آھي ھن حويلي مان 170 سالن کان 4 محرم جو تعذيو ۽ مجلس 7 محرم ميندي 10 محرم نياز ۽ لاھور جو مشھور ذولجناح جو جلوس ھن حويلي مان برآمد ٿيندو آھي جن جو بندوبست عباس قزلباش ۽ حيدر قزلباش ڪندا آھن ھن حويلي اندر 1859ع امام بارگاه ٺھي جيڪا ھاڻي نثار حويلي سڏجي ٿي 21 رمضان تي بہ ھن حويلي مان تعذيو برآمد ٿيندو آھي.

ھاڻي اچون ڪوه نور ھيري طرف جڏھن رنجيت سنگهہ ھيرو حاصل ڪرڻ لاءِ شاه شجاع کي مبارڪ حويلي ۾ قيد ڪيو تڏھن بہ ھن ھيرو ڏيڻ ڪون ڪيو آخر رنجيت سنگهہ شاه شجاع کي لوھي پڃري ۾ بند ڪري بکيو رکيو سندس سامهون سندس ننڊي پٽ تيمور کي سخت گرمي ۾ بکيو پياسو رکي حويلي جي ڏاڪڻ تان لاھي ۽ چاڙھي پيو جنهن جي تڪليف کي ڏسي ھن ھيرو رنجيت کي ڏيڻو ڪيو ٻي روايت آھي تہ شاه شجاع جي زال وفا بيگم رنجيت سان شاه شجاع جي رھائي بدلي ھيرو ڏيڻ جو مھاعدو ڪيو جنهن لاءِ رنجيت حويلي اندر آيو ۽ ڪافي وقت شاه شجاع ۽ رنجيت ھڪ ٻي جي سامهون خاموش ويٺا رھيا ان بعد شاه شجاع ھڪ پنهنجي نوڪر کدڙي کي اک سان اشارو ڏنو جيڪو اندران ھڪ ٿيلهو کڻي آيو جيڪا ھن رنجيت حوالي ڪئي رنجيت ان کي کوليو تہ ان ۾ ڪوهنور ھيرو ھو رنجيت خوش ٿي شاه کي ڀاڪر پاتو ان بعد ٻہ ڏينهن لاھور جي جوھرين کي ڏنو تہ ھن جي اصل جي باري ۾ ٻڌايو ھي نقلي تہ ڪونهي جنهن ھن جي تصديق ڪئي تہ اصلي ۽ ڪوهنور ھي آھي تنهن بعد روايت آھي تہ ھن شاه شجاع کي 125000 ھزار روپيا ڏنا پر پوءِ بہ کيس آزاد ڪون ڪيو ۽ سندس ٻي خزاني جي حاصل ڪرڻ لاءِ بند رکيو جيڪو ھن چورن ھٿان سندس پيٽي چوري ڪرائي جنهن ۾ قيمتي ھيرا جواھر خلافت عثمانيہ جا پسٽول بندوقون جن جا ھٿيا سون جا ھئا ايراني تلوارون اصلي ڪشميري شالون ھيو پوءِ بہ ھي قيد رھيو آخر ھن رات جو ڀڄي وڃي لڌيانہ ۾ انگريزن وٽ پناه ورتي رنجيت سنگهہ تي شاه شجاه ڏاڍو ڪاوڙيل ھو چوندو ھو تہ ھن ڪاڻي کي 19 سالن جي عمر ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ شاه زمان جڏھن ھو ھندستان تي حملو ڪرڻ اچي پيو ۽ کيس خبر پهتي تہ پويان ايران سندس ملڪ تي حملو ڪرڻ وارو آھي تہ ھي افغانستان واپس ٿيو ۽ ھن جون توبون جهلم ندي جي ڪيچڙ ۾ ڦاسي پيون جيڪي رنجيت سنگهہ ڪڍرائي ڏنيون ان جي بدلي ھن کيس پنجاب جو گورنر مقرر ڪيو ۽ ھي اڄ اسان کي ان جو ھي بدلو ڏي ٿو

رنجيت سنگهہ ھن ھيري کي ڪڏھن پنهنجي پڳڙي ڪڏھن پنهنجي پياري گهوڙي جي مهاڙي تي ٻڌندو ھو وري ڪڏھن انگريز وفد اڳيان ٻانهہ جي بازو ۾ ڪڙي وانگر پائيندو ھو 1839ع رنجيت سنگهہ مٿان فالج جو ٽيون حملو ٿيو جنهن دوران دل جي دوري دوران سندس 58 سال عمر ۾ رحلت ٿي ان بعد خالصہ دربار پاڻ ۾ وڙھندي رھي 29 مارچ 1849ع انگريزن پنجاب مٿان قبضو ڪيو جنهن بعد سکهن جي 11 سالن جي آخري حڪمران دليپ سنگهہ ڪوه نور ھيرو انگريزن حوالي ڪيو جنهن بعد پنجاب جي پهرين انگريز گورنر ھينري منٽگمري لارنس وڏي حفاظت ۽ خفيہ طريقي سان وڏي پيٽي ۾ وجهي برطانيا موڪليو جنهن کي ھنن ٻيھر جوھري کان تراشي ملڪہ وڪٽوريا حوالي ڪيو 1901ع سندس رحلت بعد ھي ملڪہ ڪيرولين ميري شارٽ لوئيس جوليا وٽ آيو ان بعد 20 مئي 1910ع ملڪہ وڪٽوريا ميري آگسٽا لوئس اولگا پولين ڪلاڊائن اگنس وٽ آيو جنهن بعد 20 مئي 1936 کان جارج ڇهون وٽ آيو 6 فبروري 1952ع الگزينڊرا ميري الزبيتھہ وٽ آيو 8 سيپٽمبر 2022 کان ھي ڪنگ چارلس وٽ آھي 

ڪوه نور ھيري جو وزن 105.6 قيراط 21.12 گرام 

3.6 1.4 انچ ويڪرو

1.3 0.5 انچ گهرو آھي 

انگريزن جي جوھرين ھٿان تراشيڻ کان پهرين ھن جو وزن 186 قيراط 38.2 گرام ھو سندس رنگ ڳاڙھو آھي.

حوالہ

The return of a king the battle for afghanistan

by wiliam dalrymple

تازن معرکن جي تاريخ

منشي عطا محمد شڪارپوري

۽ ٻيا ڪتاب

امداد حسين شاه 

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي





























Comments

Popular posts from this blog

روھڙي، بکر ۽ سکر جي درميان کجين جي ٿڙن مان جڙيل پل

1839ع  روھڙي، بکر ۽ سکر جي درميان  کجين جي ٿڙن مان جڙيل  پل برٽش فوج افغانستان وڃڻ لاءِ 29 ڊسمبر 1838ع روھڙي پهتي 24 جنوري 1839ع بکر جي قلعي ۾ پهتا روھڙي ۽ سکر جي وچ ۾ پٿر واري ٻيٽ جي ساڄي ڪناري تي 29 جنوري بغير مخالفت جي قبضو ڪيو ٿامسن جارج چيف انجنيئر بنگال سيپرس دريا تي پل ٺاھڻ جي تياري ڪئي روھڙي ۽ بکر جي وچ ۾ وھندڙ ندي اٽڪل 360 گز (1080 فوٽ) ھئي ۽ بکر سکر جي وچ ۾ اٽڪل 130 گز  (390 فوٽ) ويڪري ھئي ٻنهي ۾ پاڻي چڪي ڦيٿي جي وھڪري وانگر وھندو ھو ٿامسن سکر جي پوليٽيڪل آفيسر کي اڳواٽ چوائي موڪليو ھو تہ روھڙي ۾ پل جي اڏاوت لاءِ اڳ ئي سامان گڏ ڪري رکي پر جڏھن ھو پهتو تہ اتي ڪجهہ بہ سامان گڏ ٿيل ڪون ھو ھن وڏي محنت سان ٻيڙيون خريد ڪيون کجين جا وڻ وڍرايا ۽ دريا ۾  لاٿا گاه کي وڪوڙي ان مان نوڙيون ٺاھيون ننڊن وڻن جا ٿڙ (يعني کجين جا) پاڻ ۾ ملائي پٿر سان ڀري دريا ۾ پل ٺاھي جيڪا يارھن ڏينهن ۾ ھڪ سٺي فوجي پل ٺھي تيار ٿي سر ھينري ڊيورنڊ لکيو آھي تہ ٿامس کي اھڙي قابليت ۽ وڏي پيماني تي ڪامياب ڪم ڪرڻ تي ساراه ڪئي وئي ھئي ڇاڪاڻ تہ سنڌو تي پل اڏڻ ھڪ وڏو ڪارنامو ھو جنهن سان برٽش فوج ھڪ وڏي رڪاوٽ پار ڪئ

لئنسڊائون پل جا شمعدان

 (لئنسڊائون پل جا شمعدان) سهولتن ۽ وسائل جي کوٽ دوران برٽش انتظاميا 1883_ 1889ع اسان سکر روھڙي واسين کي ھڪ شاھڪار عجوبو لئنسڊائون پل تعمير ڪري ڏئي ويا جنهن ۾ سندن بہ گهڻي دلچسپي ۽ نفعي جو عنصر شامل ھو پل جي افتتاح 27 مارچ 1889ع کان 6 مئي 1962ع تائين ھن پل تي ريلوي انتظاميا مک ويھڻ بہ برداش ڪون ڪندي ھئي پر سندن ريلوي سروس ايوب پل تي منتقل ٿيڻ بعد آھستي آھستي ھن پل جي اھميت ختم ٿيندي وئي پوءِ بہ ھو ھن جي ٿوري گهڻي مالڪي 1990ع تائين ڪندا آيا پر بعد ۾ پاڪستاني ٽرانسپورٽ مافيا ھن اداري کي سندس ناخدا ھٿان آھستي آھستي کوکلو ڪندا ويا اڄ اھا حالت آھي جو ھو پنهنجو ٽريڪ بہ سنڀالي نٿا سگهن تہ ھن پل جي مالڪي ڇا ڪندا جيڪي ڪالهہ ھن پل کي رنگ روغن، صفائي ۽ روشنائي سان چمڪائي بيٺا ھئا اڄ ان اداري ھاءِ ڪورٽ ۾ لکي ڏنو آھي تہ اسان جو ھن پل سان واسطو ڪونهي مان ھاڻي پنهنجي رکيل ٻن تصويرن جي طرف اڃان ٿو جيڪي پل جي کٻي ۽ سڄي پاسي جون مون گذريل ڏينهن ڪڍيون  جڏھن ھن پل جو افتتاح 1889ع ٿيو تہ ھن پل مٿان رات جي وقت شمعدان ٻرندا ھئا جن لاءِ ماڻهون مقرر ھو جيڪو شام جو ھن جي صفائي ڪري تيل وجهي روشن ڪندو ھو ۽ صبح