Skip to main content

شاه شجاع بن تيمور شاه بن احمد شاه ابداليءَ جا شڪارپور واسين مٿان ظلم

 شاه شجاع بن تيمور شاه بن احمد شاه ابداليءَ جا شڪارپور واسين مٿان ظلم

ڄم 4 نومبر 1785ع

موت 5 اپريل 1842ع سندس چاچي جي چوڻ تي شجاع الدولہ کيس ڪابل ۾ قتل ڪيو.

سندس پهريون دور حڪومت افغانستان مٿان

13 جولاءِ 1803ع کان

3 مئي 1809ع

ٻيو دور حڪومت

7 آگسٽ 1839ع کان

5 اپريل 1842ع

ھي افغانستان ۾ پنهنجي حڪومت وڃائي ڪشمير پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رھيو  مغلن وارو ڪوه نور ھيرو جيڪو نادر شاه لُٽي ايران کڻي ويو سندس قتل بعد  احمد شاه ابدالي کي ھٿ لڳو جنهن بعد تيمور شاه ۽ پوءِ شاه شجاع وٽ پهتو ھو پنجاب جي حڪمران رنجيت سنگهہ کي خبر ھئي تہ ڪوه نور ھيرو ھن وٽ آھي تنهن کيس قيد ڪري ھن کان زوريءَ ھيرو ھٿ ڪيو ٻين ھنڌ تہ ھي لٽ مار ۽ عياشي ڪون ڪري سگيو پر سنڌ اندر نادر شاه دور کان سنڌو دريا جو  سڄو پاسو ايرانين حوالي ٿيو ۽ ان بعد احمد شاه ابدالي يرغمالي ڪيو ۽ ھن شڪارپور ۾ پنهنجا گورنر لڳائڻ شروع ڪيا جيڪو ان وقت سنڌ جو سڀ کان  مالدار ۽ وڏو ڪاروباري شھر ھو جتي شاه شجاع 1819ع کان 1821ع تائين گوڏا کوڙي اچي ويهي رھيو ۽ ايتري لٽمار ۽ ظلم ڪيو جو شڪارپور جو ھر ماڻھون ھن مان بيزار ۽ بد دعا ڏيڻ لڳو سندس ھوس جا ٻہ حوالہ مان ھتي ڏيان ٿو

کيس دولت جي ھوس ايتري ورائي وئي ھئي جو جيئرا تہ ٺھيو مئن کي بہ ڪون ٿي ڇڏيائين اتفاق سان سعادتمند قدرالڪوزئي فوت ٿيو ان جي دولت جو ٻڌي وڃي اتي پهتو جيڪو ڪجهہ سندس گهر ۾ ھو اھو کنيائين پر ھنڌ پٽ گهر جا ٿانٶَ بہ ڪون ڇڏين آخر ۾ سڄي جاءِ ڊھرائي اھو سامان بہ کڻائي ويو ۽ سندس زال کي قيد ڪري اذيت ڏئي پڇا ڪندو رھيو تہ ٻي دولت ڪٿي آھي.

ھي روزانو صبح جو سوير شڪارپور شھر کان ٻاھر گهوڙي تي چڙھي سير لاءِ ويندو ھو ھڪ ڏينهن سنڌ واه تي ڪجاون ۾ ويٺل عورتون ڏٺائين ھن ھڪ دم نيڪو خان خواجہ کي حڪم ڪيو تہ ان ۾ ڪا خوبصورت ڇوڪري ھجي تہ منهنجي حرم ۾ داخل ڪر انهن ۾ ھڪ جمعي خان جي نهايت حسين ڪنواري ڇوڪري ويٺي ھئي جيڪا بيچانجيءَ طرف وڃي رھي ھئي ان کي زوري کڻائي پاڻ سان نڪاح ڪرايو جڏھن تہ ھوَ ڪنهن جي نالي ٿيل ھئي

ٻيو واقعو

 شڪارپور جا ٻہ وڏا سيٺ تولارام ۽ جيٺ سنگهہ ساڻس ملڻ آيا جيٺ سنگهہ نهايت خوبصورت ھو شاه شجاع کي خبر پئي تہ ھن جي ڀيڻ بہ نهايت خوبصورت آھي جيڪا ھن وجهہ وٺي زوريءَ کڻائي پنهنجي حرم ۾ داخل ڪئي سندس حرم ۾ 150 عورتون ھيون

 ھن شڪارپور اندر انهن سالن ۾ وڏي لٽمار ڪئي ميرن کان پئسا ورتا آخر جڏھن ماڻھون ڏاڍا بيزار ٿيا ميرن افغانستان کان سردار محمد عظيم خان کي وٺي آيو تڏھن ھن شڪارپور کي ڀينگهو ڪري جند ڇڏي پر وري جنهن ٻئي افغاني کي آندو ان بہ ميرن مٿان وڏا شرط رکيا ھڪ ھڪ منزل جو ھڪ ھڪ لک جو مطالبو ڪيو

حوالہ 

1.تازن معرڪن جي تاريخ

منشي عطا محمد شڪارپوري

2.نئين مصر جا پراڻا ورق 

اي بي ايسٽوڪ

3.سنڌ جو سفر

لطف الله جي خودنوشت

امداد حسين شاه رضوي

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.






Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)

 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد  (مانڪجي لمجي ھتاريا) سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي 183...