Skip to main content

سکر جو عيدگاه

سکر جو عيدگاه

نئين سکر جي اڏاوت انگريز دور حڪومت ۾ شروع ٿي ان کان اڳ پراڻي سکر ۽ بکر جي قلعي ۾ آبادي ھئي جتي لازمي آھي عيد نماز ٿيندي ھوندي پر تاريخ ۾ ٻن عيد گاه جو ذڪر ملي ٿو ھڪ مير محمد معصوم شاه ١٠٠٢ ھجري 1593ع روھڙي ۾ ھڪ ٽڪريءَ تي تعمير ڪرايو جيڪو ھن وقت تائين قائم آھي شايد ان وقت بکر سکر ۽ روھڙي جا مسلمان ان عيدگاه ۾ عيد جي نماز ادا ڪندا ھوندا ھئا ان لاءِ ڪجهہ چئي نٿو سگهجي باقي روھڙي جا تہ اڄ ڏينهن تائين مسلمان ھتي عيد جي نماز ادا ڪن ٿا ٻيو انهي دور ۾ سکر اندر مير ابوالقاسم نمڪين ١٠٠٢ کان ١٠٠٨ ھجري تائين جڏھن بکر جو گورنر ھو ھڪ عيدگاه ھتي تعمير ڪرايو ھو جنهن جو ھن وقت وجود ڪونهي ۽ نہ وري سکر ۾ ڪهڙي ھنڌ تعمير ڪرايو آيا بکر جي قلعي ۾ يا پراڻي سکر ۾ ؟ جڏھن 1838ع لڳ انگريزن نئين سکر جو بنياد رکيو تہ اتي آبادي وڌي ۽ مسلمانن کي عيدگاه جي اڏاوت لاءِ خيال آيو جتي ھڪ کليل ميدان ۾ عيد نماز ادا ڪندا ايندا ھئا جنهن پلاٽ جي اتر ۾ فري ميسن لاج واري عمارت ھئي (موجوده ڊي آء جي پوليس آفيس ھينئر شايد آر پي او آفيس ۾ شفٽ ٿي وئي آھي) ڏکڻ ۾ سينٽ ميري چرچ ۽ اسڪول اوڀر ۾ پهاڙي پير الاھي بخش ٽاور ۽اولهہ ۾ سردار محمد علي خان بن سردار شير علي خان محمد زئي واليٰ قنڌار (افغانستان) سکر اندر انگريزن طرفان پينشنر ۽ کيس وڏي زمين مليل ھئي سندس پيءُ شير علي کي افغان حڪومت جلاوطن ڪيو ھو 1897ع ھو ڪراچي پهتو ڪمشنر وينگٽ حڪومت طرفان کيس ماھانہ 5 ھزار پينشن مقرر ڪرائي ۽ ڪراچي ۾ زمين ڏني کيس ٻہ پٽ ھئا جن مان سردار محمد علي خان کي 1903ع ۾ ميونسپل موجوده عيدگاه واري پلاٽ جي اولهہ ۾ رھائش لاءِ زمين ڏني جتي ھن بنگلو ۽ جايون جوڙايون ۽ کيس ميرپورماٿيلو ۾ زمين ڏني 4 سئو روپيا ماھانہ پينشن پڻ مقرر ڪئي سندس وفات بعد سندس پويان ھيءَ جاءِ صبح صادق کوسي زميندار کي وڪڻي ويا ھي ھيو ھن عيدگاه جو زميني پسمنظر ھاڻي اچون سندس اڏاوت تي 1905ع مسلمانن چندا گڏ ڪري شيخ بابو محمد سليمان جي ڪوشش سان ھتي عيدگاه تعمير ڪرايو جنهن جو سنگ بنياد پير صاحب پاڳاري شاه مردان شاه ٢٧ شعبان ١٣٢٣ ھجريءَ  اربع 25 آڪٽوبر 1905ع  رکيو

بتاريخ ٢٧ شهر شعبان المعظم سنہ ١٣٢٣ ھہ سنگ بنياد اين بنائي خيرا جناب شرافت و نجات انتساب حقائق و معارف آگاه حضرت شمس العلما السيد پير شاه مردان شاه صاحب الحسين الحسيني القادري النقشبندي بدست مبارڪ خويش گزاشتند ابن چند سطور يادگيري نوشنہ شد اللهم اغفر لبابنها و معاو نها و مهتممها بحرمت سيد المرسلين محمد المصطفيٰ صلي الله عليہ و اله وسلم

مسلمان عيدگاه تي ڇت وجهائڻ جو ارادو ڪيو پر 1908ع ۾ بابو سليمان جي وفات ڪري اھو ڪم رڪجي ويو اڳ کيس اوڀر کان دروازو ھو  اتر وارو دروازو ماستر حبيب الله تعمير ڪرايو عيدگاه ڪاميٽي ۾ شيخ سليمان، خانبهادر پير بخش ميمڻ، پيرزادو عبدالرحمان، ماستر حبيب الله، ميان ڪرم علي شاه گيلاني جن 1904ع کان ھن  جي اڏاوت لاء ڪم شروع ڪرايوھو. 1937ع تائين ماستر حبيب الله ھن جو متولي رھيو سندس وفات بعد حافظ محمد صديق جنهن بعد مسٽر خان (دون ريڊيو ۽ گراموفون ڪمپني سکر) جي مالڪ سنڀاليو ھن عيدگاه تي وڏو خرچ ڪيو ويران ميدان کي گل ٻوٽن سان گلريز بڻائي مٿس گلشن عيدگاه نالو رکيو  1963ع سندس نگران حافظ محمد صديق ٿيو ۽ مينيجنگ ڪميٽي ۾ عبدالمجيد پيرزادو، محمود ميان، سيد بهادر علي شاه، شيخ عبدالرزاق، نعمت الله قريشي ۽ محمد حسن ڀٽو حافظ عمر ۽ حاجي محمد رفيق ۽ مولانا احمد محمد ميمبر ٿي رھيا نعمت الله قريشي جي وفات بعد سندس فرزند سجاد الله قريشي  ۽ عبدالمجيد پيرزادي جي وفات بعد عبدالحليم پيرزادو ميمبر ٿيا حافظ محمد صديق جي وفات بعد سجادالله قريشي ھن جو نگران مقرر ٿيو

بابو شيخ محمد سليمان جو والد نو مسلم جان محمد ڪراچي جي سولجر بازار ۾ فوج جي راشن ڊپو تي ملازم ھيو  جتي گهوٽڪي جي مولوي تاج محمد مقيم گهوٽڪي جي ھٿ تي اسلام قبول ڪيو جيڪو سولجر بازار جي مسجد جو پيش امام ھو شيخ سليمان پوسٽ آفيس بو شهر ۽ مسقط جو پوسٽ ماسٽر ٿي رھيو جتان ايران ھليو ويو ۽ وڃي فارسي ۽ انگريزي جو مترجم مقرر ٿيو اتان واپس اچي ڪوٽڙي ۾ ريلوي ڪلارڪ ٿيو جتان ترقي ڪري ڪوئٽيہ ۾ ھيڊ ڪلارڪ ٿيو جتي نوڪري ڇڏي ڀائيواري ۾ سکر اندر پريس خريد ڪئي ۽ بلوچستان گزٽ نالي اخبار جاري ڪئي 1895ع ڀائيوارن کان جدا ٿي پوري پريس کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو 1895ع سکر اندر پليگ جي بيماري پئي تہ پاڻ شھر اندر وڏي خدمت ڪئي لاوارثن جو ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ماڻھن کي راشن پهچايو جنهن بعد سکر واسين مسلمانن کيس پنهنجو ليڊر تسليم ڪيو ان بعد پاڻ مسلمانن جي ترجماني لاءِ انگريزي ۽ سنڌي ۾ (الحق) اخبار جاري ڪئي پاڻ سکر اندر وڏيون خدمتون انجام ڏنيون جن ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊنگ ھائوس جيڪو موجوده آغا نظام الدين ڪاليج آھي مدرستہ اسلام،  انجمن اسلام نمايان آھن پاڻ 8 جون 1908ع وفات ڪئي ۽ شيخ شينهن جي قبرستان ۾ آرامي آھي کيس 3 پٽ ھئا شيخ عبدالعزيز ۽ شيخ عبدالحڪيم مالڪ الحق اخبار ۽ ڊاڪٽر عبدالباقي ٽنڊي ڄام ايگريڪلچر يونيورسٽي ۾ وڏو عملدار ھو

امداد حسين شاه رضوي روھڙي



Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...