Skip to main content

گانگوٽي گرائونڊ روھڙي

 گانگوٽي گرائونڊ روھڙي

روھڙي شھر جو بنياد رکندڙ رضوي بکري سيد آھن سندن وڏو ڏاڏو سيد محمد مڪي 1260ع سکر  ۾ آيو ان بعد  رضوي سيد 1297ع بکر جي قلعي اندر اتر طرف جتي سيد صدرالدين رضوي بکري جي مزار آھي اتي جايون جوڙائي رھائش اختيار ڪئي جڏھن شاه بيگ ارغون 1521ع /1522ع ڌاري بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو تہ  ھنن مناسب نہ سمجهو تہ مغل سندن حويلي جي قريب رھن ان ڪري پاڻ بکر قلعي جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريء تي اچي رھائش اختيار ڪئي جنهن کي روھڙي سڏيو وڃي ٿو 

پاڻ موجده ڪربلا ميدان کان وار مبارڪ تائين اراضيء تي مشتمل ڪوٽ اڏي اچي ويٺا جنهن کي سائيندي محلا ڪوٺيو ويندو ھو

انهن رضوي سيدن جي مياڻا لڙھيء مان سيد غلام شاه مرتظيٰ عرف نبي ڏنو پنهنجي وقت جو وڏو زميندار ھو جنهن انگريز حڪومت سان مهاڏو اٽڪايو ۽ سندس سلامي ڪون ڀري جنهن ڪري انگريز سندس خلاف رھيا پاڻ 1852ع رحلت ڪئي کيس ھڪ فرزند ٿيو جيڪو صغير عمر ۾ وفات ڪري ويو سندس خانداني پڳ سندس والد جي سوٽ ۽ سھري سيد نور حسين شاه کي ٻڌرائي وئي جنهن ۾ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر جاگيرات مسٽر اسمنڊ بہ شرڪت ڪئي ھئي   نور حسين شاه جو انتقال 20 جنوري 1865ع ۾ ٿيو (سندس شادي حاجنا شاه آستاني اندر  آرامي سيد بهاوالدين نقوي جي خاندان مان ٿيل ھئي جنهن کي ھينئر عجيب نالو متولين ڏنو آھي ) کيس قلندر بخش فرزند ھو ۽ جنهن کي غلام حسين شاه اسحاق علي شاه سيد عون محمد سيد عبدالقادر سيد لطف علي سيد مريد حيدر فرزند ھئا 

موجوده گرائونڊ واري علائقي ۾ اڳ لَوُا ۽ کجين جا وڻ ھوندا ھئا جنهن ۾ ماڻھو پيشاب ۽ رفع حاجت ڪري ويندا ھئا جنهن ڪري علائقي اندر بدبو ۽ گندگي ٿيندي ھئي تنهن تي 1888ع سيد غلام حسين شاه کي ميونسپل انتظاميا نوٽيس ڏنو تہ پنهنجي گانگوٽيء واري کڏ جي صفائي ڪرايو پر ان وقت انهن سيدن وٽ  64000 ھزار ايڪڙ زمين ھئي (جيڪا1964ع ايوب دور حڪومت ۾ ضبط ڪئي وئي )جن ان کڏي کي اھميت ڪون ڏني ۽ حڪومت پنهنجي تحويل ۾ وٺي ميونسپل حوالي ڪيو (ھي زمين سٽي سروي نمبر 2191 گرائونڊ واري زمين مير رستم خان والي خيرپور رياست کين ڏني ھئي جنهن جي توسيع 27 اپريل 1847ع چارلس نيپئر پڻ ڪئي ھئي جيڪو سيٽلمينٽ 1866ع ديھ روھڙي تپہ ڪنڌرن جي فردشمارڻ ۾ درج ٿيل آھي) بعد ۾ سيد اسحاق علي شاه جي فرزند غلام مصطفي شاه ھن زمين واپسيء لاء حڪومت ۾ درخواستون ڪيون جيڪي رد ٿيون  ان بعد ھتي ميونسپل صفائي ڪرائي ڇڏي ۽ ڀر واري پرائمري اسڪول  جي ٻارن راند کيڏڻ شروع ڪئي 1843ع انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ھتي رھائش اختيار ڪئي ۽ پنهنجي تفريح لاء پنهنجي ملڪ جون رانديون بہ ھتي شروع ڪيون جنهن مان فوٽبال بہ ھڪ راند ھئي روھڙي ۾ انگريزن جي آمدرفت تہ 1843ع کان ھلندڙ ھئي ڇو جو ڊسمبر 1843ع ۾ ٻہ مھينا چارلس نيپئر ۽ موجوده  آغا خان جو پڙ ڏاڏو ۽ انگريز فوج روھڙي ۽ بکر ۾ ترسيل ھئا ۽ ھتان ھي منصوبو جوڙي وڃي مياڻيء جي جنگ  وڙھيا 

جڏھن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تہ 1876ع کان ريلوي جو ڪم روھڙي ۾ شروع ٿيو 1878ع روھڙي کان ملتان تائين ريلوي لائين وجهي ان کي سکر سان ملايو ان وقت ريلوي اسٽيشن ستين جي آستاني لڳ ھئي ۽ سکر جي بندر روڊ تي ھئي  ريلوي انجڻ ۽ اٺ گاڏا درياه مان فيري ذريعي سکر بندر کان روھڙي ايندا ھئا جيڪي ريلوي لائن تي چاڙھي ملتان روانا ڪيا ويندا ھئا 27 مارچ 1889ع لئنسڊائون پل تعمير ٿيڻ ڪري سکر سان روھڙي جو سڌو رستو قائم ٿي ويو ۽ موجوده ريلوي اسٽيشن ۽ لوڪوشيڊ جڙي جنهن ۾ انگريز اچي روھڙي اندر رھائش اختيار ڪئي ۽ پنهنجي وندر لاء فوٽبال راند شروع ڪئي جن کي ڏسي لوڪل ماڻھن بہ ان راند ۾ دلچسپي ورتي  1895ع جو ھڪ دستاويز مونکي مرحوم سيد صالح شاه وڪيل ڏيکاريو ھيو جنهن جو متن ھي ھو تہ اٺ نالي روھڙي جو ڪو فوٽبال رانديگر ھو جيڪو جڏھن بہ ڪا ميچ کيڏندو ھو تہ مخالف رانديگرن جو ڪوئي نہ ڪوئي رف  کيڏندي عضوو زخمي يا ڀڃي وجهندو ھو تنهن تي روھڙي جي پنچاھت ان جي فوٽبال کيڏڻ تي پابندي وڌي ھئي (افسوس ان ڳالهہ جو آھي تہ مون مرحوم کان ان تاريخي دستاويزجي فوٽو ڪاپي ڪرائي ڪون ورتي) ان بعد 1930 ڌاري ڊاڪٽر ھريچندراء ڪيسواڻيء جو نوجوان پٽ  (ڪان)ديهانت ڪري ويو جنهنجي ياد ۾ ھن چانديء جي ھڪ ٽرافيء ٺھرائي ڏني ۽ ھڪ ٽورنامينٽ ڪان ڪپ جي نالي سان شروع ٿي جيڪا ھر سال نوتال ۾ 23 ڊسمبر کان 8 ڏينهن لاء  ھن گرائونڊ تي لڳندي ھئي جنهن ۾ روھڙي سکر شڪارپور جيڪب آباد ڪوئٽہ ڪراچي خانپور رحيم يار خان ۽ افغانستان جون فوٽبال ٽيمون حصو وٺنديون ھيون ان سان گڏ سکر ضلعي جي اسڪول ٽورنامينٽ جنهن جو نالو رام ڪپ ھو ان جي ونر ٽيم کي بہ ھن ۾ کيڏڻ جو موقعو ڏنو ويندو ھو جنهن ۾ روھڙي سکر خيرپور شڪارپور ۽ آسپاس جا قريب ڏھ ھزار تماشائي فوٽبال ميچن مان لطف اندوز ٿيندا ھئا ۽ گرائونڊ لڳ ڪافي عارضي کائڻ پينئڻ جا دڪان ۽ ڇٻي وارا پنهنجي ڪمائي ڪندا ھئا ان ٽورنامينٽ جا روه روان ديوان ھولارام وڪيل ڊاڪٽر ھيرانند ڪيسواڻي ڀڳوان داس ساڌورام جن ھئا پاڪستان ٺھڻ بعد ھيء مقابلا ختم ٿي ويا

ان بعد ھن ميدان تي تلڪ ھاء اسڪول جا ٻار راند کيڏندا ھئا جيڪو بعد ميونسپل اسڪول نالي سان ۽ ھينئر گورمينٽ ھاء اسڪول نالي سان سڏجي ٿو  وڏا  فوٽبال رانديگر گهڻو ڪري اسٽيشن لڳ جتي آٽو جا  دڪان آھن اتي  PNG نالي گرائونڊ ھئي اتي فوٽبال کيڏندا ھئا ۽ اتي فٽبال مقابلا ٿيندا ھئا نوازشريف جي پهرين دور حڪومت ۾ روھڙي ميونسپالٽيء جي چيئرمين مير يعقوب علي شاه وفاق کان مليل اسپيشل گرانٽ مان ھن گرائونڊ کي چار ديواري مٽيء جو ڀراء ۽ رانديگرن جي رھائش لاء ڪمرا جوڙايا نت اڳ 10 يا 12 فوٽ کڏي اندر گرائونڊ ھئي ۽ برسات اندر ھڪ وڏي سويمنگ پول جو ڏيک ڏيندي ھئي ھن گرائونڊ جو رقبو تہ وڏو ھو جنهن جي ڪجهہ حصي تي ماڻھو قبضو ڪري ويٺا آھن ان سان گڏ گرائونڊ اندر حڪومت ووڪيشنل اسڪول پڻ جوڙايو آھي موجوده دور ۾ سنڌ حڪومت جي راندين واري محڪمي تمام ھڪ خوب صورت مصنوعي گاه وارو گرائونڊ ۽  رانديگرن لاء ھاسٽل ۽ جم جوڙايو آھي جنهن لاء موجوده صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه  رضوي ۽ سندس فرزند سيد ڪميل حيدر شاه رضوي ذاتي دلچسپي وٺي  روھڙي جي فوٽبال رانديگرن ۽ شھرين کي خوبصورت ۽ مڪمل فوٽبال جي عالمي معيار جو گرائونڊ سنڌ حڪومت طرفان تحفي ۾ وٺي ڏنو آھي جنهن جو افتتاح 21 ڊسمبر 2020 ۾ سيد ناصر حسين شاه ڪيوجنهن سان گڏ نعمان اسلام الدين شيخ ايم اين اي ڊپٽي ڪمشنر رانا عديل مير يعقوب علي شاه سيد علي رضاه شاه ۽ ھڪ وڏو تعداد رانديگرن ۽ شھرين جو ان وقت موجود ھو ڪجهہ ڏينهن اڳ حڪومت پاڪستان ۽ نجي شعبي جي اشتراڪ سان 3 يورپين ڪوچ 2  اسپين ۽1 اٽليء کان فوٽبال رانديگرن جي سليڪشن لاء  ھن گرائونڊ ۾ آيا جيڪي ھن کان اڳ پاڪستان جي شھرن اسلام آباد پشاور لاھور ملتان فيصل آباد ۽ مظفر آباد ۾ سليڪشن ڪري آيا ھئا جن مونکي ٻڌايو تہ پوين سڀني گرائونڊن کان ھيء خوبصورت ۽ بهترين گرائونڊ آھي جنهن۾ فوٽبال کيڏڻ لاء ھر چيز موجود آھي

مونکي مرحوم غلام مرتظي شاه وفاقي سيڪريٽري 1935ع جو ٻہ قصا ٻڌايا ھئا تہ اسان رضوي ڪوٽائي سيد ھن ٽورنامينٽ ۾ گرائونڊ جي اوڀر اتر ۾ شاه نظام جي قبرستان واري پاسي کان موڙا رکرائي ويهندا ھئاسين مان ننڊو ھيس ميچ جو وڏو دلچسپ ھلي رھيو ھو اسان جي اڳيان مرحوم  جانڻ دايو بہ ميچ ۾ وڏا داد ڏئي رھيو ھيو ان دوران مرحوم خاوند ڏنو شاه  (والد مرحوم علي محمد شاه ايريڪيشن انجنئر ۽ علي رضا شاه ) باه جو ڪاغذ ٻاري جانڻ دائي جي مٿي مٿان پڳ تي رکيو پر ھو پنهنجي مگن ۾ ھو جڏھن باه جو سيڪ آيس تہ وٺي ٽپ ڏنا سڀ کل ۾ وٺجي ويا ۽ سندس مٿان پاڻي وڌو ۽ کيس نقصان ڪون رسيو

ٻيو قصو ٻڌايو تہ سيمينٽ فيڪٽري روھڙي جي ٽيم يا روھڙي جي ٽيم ۾ ڪوٽ جو سيد مبي شاه گول ڪيپر ٿي کيڏي رھيو ھو ۽ ميچ ڪوئٽہ جي ھزارن جي ٽيم سان ھئي پهرين ھاف ۾ ڪوئٽہ 7 گول ڪيا ان دوران ڪوئٽہ جي ڪيپٽن کي ڪن ۾ مبي شاه ڪجهہ چيو ٻي ھاف ۾ صرف ھڪ گول مبي شاه کاڌو جڏھن ميچ ختم ٿي تہ مير پنجل شاه پڇس تہ ڪن ۾ تو ڇا چيو تہ ھن ٻڌايو تہ مان ھن کي چيو مان سيد آھيان ۽ ٻيو مولائي منهنجي شھر ۾ منهنجا عزيز ۽ دوست ۽ شھر واسي بيٺا آھن وڌيڪ گول نہ ھڻجو عزت جو سوال آھي 

مرحوم ٻڌائي پيو تہ ٽورنامينٽ دوران گرائونڊ ۾ عيد جو سماع لڳندو ھو ننڊو وڏو ميچ مان لطف اندوز ٿيندو ھو

امداد حسين شاه رضوي روھڙي



Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)

 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد  (مانڪجي لمجي ھتاريا) سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي 183...