سنڌ اندر پهرين فوجي جاسوسيءَ محڪمي جو بنياد ميجر ڪليبارن 1839ع ۾ بکر سکر ۾ رکيو جڏھن پاڻ روزانا جي بنياد تي انگريز سرڪار کي خطي جي خفيہ معلومات موڪليندو ھو پاڻ انگريز فوج جي توبخاني جو انچارج ھو ۽ ھي اھو انگريز آفيسر ھو جيڪو روھڙي شھر کي 1840ع ۾ توبخاني سان مسمار ڪري پيو جڏھن عيد جي ڏينهن انگريز فوج جي ڪجهہ ڏيهي فوجن روھڙيء اندر مسجد ۾ ناچ گانو ڪرايو جنهن تي روھڙيءَ واسين کين ڏاڍي مار ڪٽ ڪري دريا پتڻ تائين پڄايو جتان ھو ٻيڙين ذريعي ڀڄي اچي برٽش ريزيڊنسي جيڪا منزل گاه بندر روڊ سکر تي ھئي پهتا جنهن ۾ ھو ڪافي ڦٽجي پيا ۽ ھڪ سپاھي جي ٻانهہ بہ ڪٽجي پئي بعد ۾ حقيقت جاچڻ تي ڏوھي فوجي سپاھي نڪتا ۽ مسئلو ٿڌو ٿيو
سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian) لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...
Comments
Post a Comment