Skip to main content

روھڙي جي ماڻهن جي رھڻي

 ”روھڙي جي ماڻهن جي رھڻي“

روھڙي جا ماڻهون درويشن جا سنگي ھوندا ھئا جنهنڪري رھڻي بلڪل سادي ھوندي ھئي ڪپڙو لٽو سادو پهريندا ھئا ميرن جي بادشاھي ۾ ڪامورا پاچن ڀريل سلوارون پائيندا ھئا ڀائيبند ڪوٽن بدران انگرکا پائيندا ھئا قميص بدران چولا پائيندا ھئا جنهنجو بٽڻ ڪلهي وٽ ھوندو ھو مٿي تي پڳڙي يا پٽڪو ٻڌندا ھوا مٿي اگهاڙو ڪوئي ڪون گهمندو ھو اگهاڙي مٿي گهمڻ سان جي گهٽتائي سمجهندا ھوا گهرن جو خرچ واجبي ھوندو ھو يعني ڪٽنبي ماڻهون جي گهر جو خرچ گهڻي ۾ گهڻو 20 روپيا مهينو مس ھوندو ھو

”حجامت“

ڇوڪرو ڇوٽ ۾، وڏن لاء ٽڪو. ڪپڙن جي سلائي پتلون 6_1_0

خميس 4 آنہ، ننڊا ڪوٽ 8 آنہ، 

”پگهارون“

پوليس، پوسٽل، ريلوي، روينيو ھيٺئين ڪلاس جي پگهار 17 روپيا. مٿيان آفيسر يعني ھيڊ منشي، مختيارڪار وغيره 20 کان 70 رپئي تاءِ  مٿين پگهارن مان ماڻهون ٻار ٻچا بہ پاليندا ھئا ۽ شاديون مراديون بہ ڪندا ھئا ۽ اوکي وقت لاءِ ڪجهہ پاڇي بہ بچائيندا ھئا.

روھڙي ۾ ھندو مسلمانن جي ايتري محبت پاڻ ۾ ھوندي ھئي جو خبر نہ پوندي ھئي تہ شهر ۾ ھندو گهڻا آھن يا مسلمان جهيڙي فساد جو نالوئي ھي ڪون ھو مسلمان ھندن جي ميلن تي ۽ ھندو مسلمانن جي ميلن تي عام جام ايندا ھئا ۽ پاڻ ۾ مٺ محبت ساڻ ھلندا ھوا. انگريزي علم وڌنڌو ويو ليڊر ۽ سرمائيدار پئدا ٿيندا ويا غريبن جو رت چوسيندڙن جو انداز وڌندو ويو پر تڏھين بہ روھڙي تہ اثر گهٽ پيو. زمانو اھڙو اچي بڻيو جو جيڪڏھين مسلمانن جي ميڙ ۾ ۽ ھندو ليڊر ھندن جي ميڙ ۾ ھڪ ٻئي تي ڌوڙيو نہ وسائي تہ کين ليڊر ڪير سڏي ۽ گيھہ ٻڏي ماني ڪٿان ملين پر اھڙن ليڊرن جي روھڙي ۾ عزت ڪان ھوندي ھئي مڪاني ليڊر ڪوبہ ڪون ھو سکر ۾ فسادن (منزلگاه) وقت يا ٻهراڙي ۾ ڦر وقت روھڙي جا ڪوٽائي سيد، موسوي سيد ۽ شهر جا معزز مسلمان ۽ ھندو ھڪ ٻي ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي شهر ۾ پهرو ڏنو جنهن سبب فسادن کي روھڙي ۾ اچڻ نہ ڏنو. 

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.



Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...