Skip to main content

روھڙي جي ماڻهن جي رھڻي

 ”روھڙي جي ماڻهن جي رھڻي“

روھڙي جا ماڻهون درويشن جا سنگي ھوندا ھئا جنهنڪري رھڻي بلڪل سادي ھوندي ھئي ڪپڙو لٽو سادو پهريندا ھئا ميرن جي بادشاھي ۾ ڪامورا پاچن ڀريل سلوارون پائيندا ھئا ڀائيبند ڪوٽن بدران انگرکا پائيندا ھئا قميص بدران چولا پائيندا ھئا جنهنجو بٽڻ ڪلهي وٽ ھوندو ھو مٿي تي پڳڙي يا پٽڪو ٻڌندا ھوا مٿي اگهاڙو ڪوئي ڪون گهمندو ھو اگهاڙي مٿي گهمڻ سان جي گهٽتائي سمجهندا ھوا گهرن جو خرچ واجبي ھوندو ھو يعني ڪٽنبي ماڻهون جي گهر جو خرچ گهڻي ۾ گهڻو 20 روپيا مهينو مس ھوندو ھو

”حجامت“

ڇوڪرو ڇوٽ ۾، وڏن لاء ٽڪو. ڪپڙن جي سلائي پتلون 6_1_0

خميس 4 آنہ، ننڊا ڪوٽ 8 آنہ، 

”پگهارون“

پوليس، پوسٽل، ريلوي، روينيو ھيٺئين ڪلاس جي پگهار 17 روپيا. مٿيان آفيسر يعني ھيڊ منشي، مختيارڪار وغيره 20 کان 70 رپئي تاءِ  مٿين پگهارن مان ماڻهون ٻار ٻچا بہ پاليندا ھئا ۽ شاديون مراديون بہ ڪندا ھئا ۽ اوکي وقت لاءِ ڪجهہ پاڇي بہ بچائيندا ھئا.

روھڙي ۾ ھندو مسلمانن جي ايتري محبت پاڻ ۾ ھوندي ھئي جو خبر نہ پوندي ھئي تہ شهر ۾ ھندو گهڻا آھن يا مسلمان جهيڙي فساد جو نالوئي ھي ڪون ھو مسلمان ھندن جي ميلن تي ۽ ھندو مسلمانن جي ميلن تي عام جام ايندا ھئا ۽ پاڻ ۾ مٺ محبت ساڻ ھلندا ھوا. انگريزي علم وڌنڌو ويو ليڊر ۽ سرمائيدار پئدا ٿيندا ويا غريبن جو رت چوسيندڙن جو انداز وڌندو ويو پر تڏھين بہ روھڙي تہ اثر گهٽ پيو. زمانو اھڙو اچي بڻيو جو جيڪڏھين مسلمانن جي ميڙ ۾ ۽ ھندو ليڊر ھندن جي ميڙ ۾ ھڪ ٻئي تي ڌوڙيو نہ وسائي تہ کين ليڊر ڪير سڏي ۽ گيھہ ٻڏي ماني ڪٿان ملين پر اھڙن ليڊرن جي روھڙي ۾ عزت ڪان ھوندي ھئي مڪاني ليڊر ڪوبہ ڪون ھو سکر ۾ فسادن (منزلگاه) وقت يا ٻهراڙي ۾ ڦر وقت روھڙي جا ڪوٽائي سيد، موسوي سيد ۽ شهر جا معزز مسلمان ۽ ھندو ھڪ ٻي ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي شهر ۾ پهرو ڏنو جنهن سبب فسادن کي روھڙي ۾ اچڻ نہ ڏنو. 

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.



Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سوامي خوشيرام

 (سوامي خوشيرام) بابا خوشيرام مندر بندر روڊ روھڙي گذريل جمعي تي محترم شنڪر تلريجا ميسنجر تي ميسيج ڪيو تہ بابا خوشيرام  مندر جي تاريخ بابت ڪجهہ ڄاڻ ڏيو ان ڏس ۾ اڄ وقت مليو تہ ڪجهہ معلومات جيڪا مون وٽ آھي اھا ھتي ڏيان ٿو. قريب 500 ورھيہ اڳ روھڙي جي اولهہ طرف جهنگ ھو سنڌو نديءَ جو دريا لڳو لڳ وھندو ھو بابا گرونانڪ جي رحلت  بعد سندس وڏو پٽ بابا سري چند اداسي (بابا سري چند بن بابا گرونانڪ سندس والده جو نالو سلکهڻي ھو.  پاڻ سنياسي سادھوئن جي فرقي اداسي جو باني ھو سندس جنم 8 سيپٽمبر 1494ع سلطان پور لوڌي جي مقام تي ٿيو جيڪو ھندستاني پنجاب جي ضلع ڪپور ٿلھہ ۾ آھي سندس رحلت 134 سالن جي عمر ۾   13 جنوري 1629ع ڪرتپور ھندستان ۾ ٿي) پنهنجي پوئلڳن سميت ھنگلاج ديوي جي درشن لاءِ پنجاب مان نڪري روھڙي مان اچي گذريا ساڻس گڏ ھڪ شش بابا المست مهاتما بہ ساڻ ھو ھن کي روھڙي جو اولهہ پاسو ايترو وڻيو جو  اتي وڻ ھيٺان دوڻي جڳائي رھي پيو پاڻ مهاتما رند فقير ھو اٺئي پهر ھڪ اَلک جوتي پرش جي ڌيان ۾ گذاريندا ھوا ڪنچن ۽ ڪامني جي پريت کان پري ھوا انهن ڏينهن ۾ بکر  سرڪار جي قلعي ۾...