Skip to main content

ھندو پنچائتي ڌرمشالا سکر

 ھندو پنچائتي ڌرمشالا سکر

ھي شاھي ڌرمشالا سکر شھر جي مرڪز گهنٽا گهر لڳ آھي جيڪو 22_1921ع ھندو ڌرمشالا سوسائٽيء تعمير ڪرايو ۽ ھيءَ ھي سوسائٽي سندس ڪاروبار ھلائيندي ھئي سندس تعمير ۾ سکر جي سيٺ چئنومل ٺاڪرداس (ڄم 1864ع ديهانت 1936ع) چڱو بهرو ورتو سيٺ ڪاٺ جو وڏو واپاري ھو سندس ڪاروباري ڪوٺيون ڪوئٽہ، چمن، جهلم ۽ سکر ۾ ھيون پاڻ بلڪل سادو ۽ محنتي اوچ پرش ھو 

ھي ڌرمشالا ھندو زائرين جي رھائش لاءِ ھڪ وڏي پلاٽ تي تعمير ٿيو جنهن ۾ ھيٺ مٿي68 ڪشاده ڪمرا ھئا پهرين منزل تي پنج وڏا ھال ھڪ مندر ھڪ کوه ٻہ پاڻيَ جون ٽانڪيون مرد ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ بيت الخلاءُ 

ھئا ان سان گڏ ھڪ ھوٽل ھيو جتي زائرين کي رعايت سان کاڌي پيتي جو شيون ملنديون  ھيون صحن ۾ ٻن فوٽن جو چبوترو ھيو جنهن سان گڏ لوه جون بئنچون لڳل ھيون ۽ گڏ  ھڪ وڏو پليٽ فارم جڙيل ھو جتي پروگرام ٿيندا ھئا ھي ٺھيو تہ ھندو زائرين جي رھائش لاءِ بورڊنگ ھائوس ھو پر 1947ع جي پارٽيشن جي افراتفري  ۽ خوف ۾ سکر جي ڪافي ھندو گهراڻن ھن ۾ اچي پناه ورتي ۽ ھنن ھن ۾ مستقل رھائش اختيار ڪئي ۽ ھي ھڪ ڌرمشالا ۽ ھوٽل مان رھائشي ڪمپليڪس ٿي ويو ۽ وري جڏھن انهن رھائشي خاندانن ۾ واڌ ٿي تہ انهن ھن ۾ اڏاوتي تبديليون ڪيون جنهن ڪري ھي پنهنجي اصل شڪل وڃائي ويٺو ھن اندر جيڪو ھوٽل ھوندو ھو ان کي  ٽي ڀائيوار ڀهاڳومل، چنو مل ۽ موتي رام ھلائيندا ھئا وقت گذرڻ سان ھوٽل جي ھڪ شاخ ڌرمشالا جي ديوار کان ٻاھر نڪري آئي آھي جيڪا ھينئر قلندري ھوٽل جي نالي سان سڏجي ٿي 

ھي درمشالا 1950ع تائين ھندو پنچاھت وٽ ھو ان بعد ڪنهن اختلاف سبب حڪومت ھن کي (دشمن جي ملڪيت) ڄاڻائي Evacuee trust property deptt جي حوالي ڪيو جيڪي ھن وقت ھن کي سنڀالي ٿي ۽ ھر رھائشيٕءَ کان 1500 کان 2500 سئو ڪرايو وٺي ٿي پر ھن عمارت جي حڪومت ڪابہ مرمت نٿي ڪرائي ۽ رھائشي پاڻ ھن جي مرمت ڪرائين ٿا ھن وقت ھن عمارت ۾ سڀ ڪجهہ بدلجي ويو آھي سندس ٻاھرين ديوار سان لڳ تجاوزات ۽ دڪانن سندس پيڙھ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. اڳ ھتي جيڪو ياتري رھائش لاء ايندو ھو ان کي موسم جي لحاظ کان بسترو ۽ کٽ ملندي ھئي اڄ اھو اوج ڪون رھيوآھي پر ھي ھڪ رھائشي بستي وانگر ٿي ويو آھي ٻي عالمي جنگ دوران سکر اندر آدم شاه جي ٽڪريءَ مٿان انگريز سرڪار جهازن کي ڪيرائڻ لاء مورچو ٺاھي  رکيو ھو ۽ ان مورچي کي لوه جو دروازو لڳل ھو جيڪو جنگ جي اختتام تي سرڪار  نيلام عام ڪيو ھو جنهن کي ھندن خريد ڪري ھن ڌرمشالا جي مين گيٽ ۾ ھنيو 

اڳ ھن ڌرمشالا واري پلاٽ تي ميونسپل بيل حاطو ھو جيڪو اتان کڻي سکهن جي گرمکي اسڪول پٺيان گردواري جي قريب اچي قائم ڪيو

سکر ۾ ان ڌرمشالا کان علاوه ٻہ ٻيا بہ ڌرمشالا ھئا جن ۾ ھڪ مولچند ٿلهي ڀرسان لالا بيلارام ڌرمشالا  جنهن جي تعمير 1923ع ۾ ٿي ۽ ٻيو پراڻي سکر اندر لالاموھنداس ڌرمشالا ھو جنهن جي تعمير 1930ع ۾ ٿي 

پنچائتي ڌرمشالا ڀرسان ميونسپل مسافرخانو جڙيل ھو جنهن کي 1960ع ۾ ميونسپالٽيءَ ڊھرائي ٽي منزلا رھائشي ۽ ڪمرشل مرڪز تعمير ڪرايو جن ۾ ھيٺ دڪان 110 ٻي منزل تي ڪمرشل آفيسون 48 ۽ ٽين منزل تي فليٽ 26 تعمير ڪرايا جنهن کي مهراڻ مرڪز جو نالو ڏنو ويوآھي

امداد حسين شاه رضوي روھڙي



Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...