Skip to main content

ستين جو مقام روھڙي

 ستا

صفحہ صفا

ڪوه ھفت دختر

کار ماتري

ستياسر

ستن سرتين جو آستانو

قاسم خاني

ستين جو ٿان

ٿان قاسم شاه

ھي آھن نالا روھڙي جي مشھور قبرستان جنهن کي عرف عام ۾ ستين جو مقام يا مڪان ڪوٺيو وڃي ٿو جيڪو روھڙي شھر جي قريب ڏکڻ ۾ آھي

جنهن لاء مختلف ڏند ڪٿائون مشھور آھن

راجا ڏاھر جي زماني ۾ ست عورتون پنهنجي عزت بچائڻ لاء ھتان دريا ۾ ٽپو ڏنو

 زمين ڦاٽي پئي ان ۾ ھليون ويون 

راجا ڏاھر جي خاندان جون عورتون ھيون جن مسلمانن جي قبضي بعد ھتان دريا ۾ ٽپو ڏنو

بکر جي راجپوت گهراڻي جي ستن عورتن پنهنجي عزت بچائڻ لاء پاڻ کي ھتي باه ۾ وڌو 

ست عورتون پنهنجي مڙسن سان گڏ باه ۾ سڙيون

ھتي ست ڪنواريون (ورجن) عورتون الله تعالي جي حڪم سان ھن جاء تي گم ٿي ويون ھيون 

ھن ماڳ جي ڪوٺين ۾ ستن ڀينرن پاڻ کي اندر بند ڪري رکيو ھو جينئن کين ڪوئي ڏسي نہ سگهي

ھتي ڪجهہ غير شادي شده عورتون آيون ۽ حق بخشائي رھڻ لڳيون

اھي ڏند ڪٿائون سوين سالن کان ھن ماڳ باري ۾ ھلنديون اچن ٿيون جن جو ڪنهن ڪتاب ۾ تاريخي حوالو نٿو ملي 

اسان کي ھن ماڳ بابت ھڪ تاريخي حوالو سيد محب الله شاه بن احمد شاه واعظ بن سيد محمد شاه القب بہ سيار الحسني الحسيني الحموي الدھلوي القادري (سندس مزار روھڙي لڳ بڪار جاگير ۾ آھي سندس دختر جي شادي رضوي بڪاري سادات ۾ ٿيل ھئي جنهن کي ڊاڪٽر نواز علي شوق سکر  ھسٽاريڪل سوسائٽي طرفان سندس لکيل ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي مقدمي ۾ محب شاه چغتو ٺاھي ڇڏيو آھي جنهن جي مزار روھڙي جي مختيارڪاري سامهون پهاڙيء تي مظفر شاه مزار لڳ آھي) جنهن ھڪ ڪتاب سنڌ جي تاريخ لکي آھي جنهن ۾ ھو  ستين جي آستاني بابت ھڪ تاريخي حوالو ڏي ٿو تہ  419 ھجريء ۾ جڏھن سلطان محمود غزنوي سنڌ تي قبضو ڪيو ان وقت چند اوليا جن جو تعداد 7، 9۽ 11 ٻڌايو وڃي ٿو ھتي اچي چاليهہ ڏينهن ۽ راتيون ڪنڌ جهڪائي مراقبي ۾ الله تعالي جي شھود ۽ ديدار ۾ مستغرق رھيا ۽ تاريخ 17 ماه ربيعالثاني خميس جي ڏينهن چلو/مراقبو پورو ڪري ھتان ھليا ويا انهن جي وڃڻ بعد ماڻهن بزرگن جي رھائش ۽ نسبت ڪري ھن جڳهہ کي برڪت وارو سمجهڻ لڳا جنهن کي بہ ڪا مشڪل پيش ايندي ھئي اتي اچي دعا گهرندا ھئا ۽ انهن صالحن جي روح کان مدد طلبيندا ھئا ۽ سندن مشڪل حل ٿيندي ھئي ۽جڏھن اھا ڳالهہ مشھور ٿي وئي تہ ماڻھون ھتي اچڻ شروع ٿيا

ھن اھو حوالو علي بن حامد ڪوفي  جي  لکيل ڪتاب الانساب مان ڏنو آھي جنهن چچنامي جو عربيء مان فارسيء ۾ ترجمو 613 ھجريء ۾ ڪيو آھي ۽ ٻيو حوالو رسالہ سيد علي اصغر شاه ٺٽوي تان ڏسي ڏنو آھي جنهن پڻ ڪتاب الانساب تان ھي روايت کنئي آھي رسالي ۾ ھن انهن بزرگن مان ڇهن ڄڻن جا نالا پڻ ڏنا آھن 

عبدالحميد سهروردي

عبدالله حريري

حمزه بن زمعہ 

علي بن احمد بصري

يوسف بن محمد بلخي

صفي الدين سبزواري

انهن ستن ڄڻن جي چلي گاه کي ان زماني (ستا) ڪوٺيو ويندو ھو جيڪو بعد ۾ ڦرندو ڦرندو ستيون ٿي ويو

ستي جي عربيء ۾ معني آھي سردار خاتون

ستي (مونث ) جي معني اعلي  خاندان جي عورت،لقب، زال جي سڙڻ جو فعل، پاڪدامن،سچي وفادار،جت، ثابت قدم، پتي پرتا، خوشبودار مٽي، ست جو مونث، ستيء جي قبر، ست واري نيڪ زال، مڙس سان پاڻ کي ساڙڻ واري عورت 

ست پنت، نزاري اسماعيلي فرقي جي شاخ 

جيمس ٽاڊ چوي ٿو اھا رسم راجپوتن عورتن ۾ شروع ٿي ڇو جو ھو فاتح وٽ لونڊيون ٿي رھڻ ڪون پسند ڪنديون ھيون

ھڪ روايت موجب مهاڀارت جنگ ۾ ڪورن کي شڪست ٿي ۽ اھي قتل ٿيا انهن جي انڌھي پيءُ دھر تراشتر پانڊن جي حوالي ڪري پاڻ زال سميت ھماليا ھليو ويو ان اتي پاڻ کي باه ۾ جلايو ۽ ان سان گڏ سندس زال بہ سڙي وئي ان کان پوء ھيء رسم شروع ٿي 

تاملن ۾ ستي کي طاقت جي ديوي، ازواجي خوشي ۽ عمردرازي واري ديوي ڪوٺيو ويندو آھي 

مهاراجا رنجيت سنگهہ جي مرڻ تي 1839ع سندس آخري ٻہ راجپوت زالون راڻي راڄدائي، راڻي ھردائي ان سان گڏ سندس 11 ڪنيزون  ستي ٿيون ھيون آخري ستي بہ انگريز دور ۾ 1845ع پنجاب ۾  ٿي ھئي

۽ ويجهي دور اندر ستي ٿيڻ جو واقعوھندستان ۾  4 سيپٽمبر 1987ع ٿيو ھو

1829ع ايسٽ انڊيا ڪمپني ستي جي رسم خلاف قانون پاس ڪرائي بند ڪرايو پر وري لڪي لڪي ڪجهہ ماڻهون ستي ڪندا ھئا ان بعد سخت سزائون ڏنيون ويون تہ ختم ٿي مگر جتي انگريزن جي عملداري ڪون ھئي جيئن آزاد رياستون اتي ھيء رسم ٿيندي رھي 

 ھاڻي اچون روھڙي جي ماڳ تي 

مير علي شير قانع لکي ٿو شيبائي خان ازبڪن جي فسادن ڪري مير ابوالقاسم نمڪين جو والد ملا مير سبزواري جيڪو ھرات (افغانستان) جي ڳوٺ پتچڪ جو رھواسي ھو لڏي اچي قنڌار ۾ ويٺو پاڻ امام موسي رضا عليه سلام جي روضي (مشھد)جو متولي ھو 

 مير ابوالقاسم نمڪين پهرين ڪابل جي حڪمران  مرزا محمد حڪيم (المتوفي 993ھ) اڪبر بادشاه جي ڀاء وٽ ملازمت ڪئي ان کان پوء ھي اڪبر جي دربار سان وابستہ ٿيو جنهن ھن کي پهرين بهره ۽ خوشاب جاگير ڪري ڏني جتي مشھور  (کيوڙه) لوڻ جو کاڻيون آھن ھڪ دفعي مير ھڪ پيالو ۽ رڪيبي لوڻ مان تيار ڪرائي اڪبر کي پيش ڪئي جنهن مان مراد ھئي تہ مان اوھان جو نمڪ حلال آھيان بادشاه خوش ٿي کيس نمڪين جو لقب ڏنو ان بعد ھي 35 سال اڪبر ۽ 4 سال جهانگير جي دربار سان وابستہ رھي وڏن جنگي معرڪن ۾ حصو ورتو جن ۾ مشھور

  980ھ ۾ مظفر گجراتيء سان معرڪو

982ھ دائود خان جي مھم 

989ھ مرزا حڪيم جي بغاوت

991ھ قتلو خان جي بغاوت

994ھ بلوچن جي سرڪوبي

997ھ ڪالو خان افغان

1003ھجري سيوي جي مهم

1014ھ خسرو جي بغاوت

کيس اڪبر بادشاه 1002ھ کان 1008ھ تائين بکر جو نواب مقرر ڪيو ان دوران ھتي ھن ڪافي عمارتون جوڙايون جنهن ۾ بکر اندر بازار روھڙي ۽ سکر ۾ عيد گاه بکر ۾ مسجد جن جا ھينئر نشان نٿا ملن پر ھڪ بکر جي قلعي جي سامهون سنڌو درياء جي ڪناري تي ھڪ پهاڙيء کي سڌو ڪرائي ھيٺان ڪوٺيون ۽ مٿان ھڪ پليٽ فارم ٺھرائي کيس چئن ڪنڊن کان منارا جوڙايا ۽ کيس صفحہ صفا جو نالو ڏنو جتي پاڻ چانڊوڪي راتين ۾ پنهنجي دوست احبابن سان مجلسون ڪندو ھو ۽ اروڙ جي گدرا کائي لطف اندوز ٿيندو ھو کيس ھيء جڳھ ايتري پسند آئي جو پاڻ وصيت ڪري ويو تہ منهنجو مڙھ ھتي دفن ڪجو پاڻ قنڌار ۾ 1018ھ ۾ وفات ڪئي ۽ کيس ھتي آڻي دفن ڪيو ويو 

پاڻ ٻہ دفعا  سيوڻ 1009ھ کان 1013ھ ۽ 10 مھينا شوال 1016ھ کان رجب 1017ھ صوبيدار رھيو  ۽ اتي بہ ٺٽي جي رخ طرف ھڪ ٽڪريء جنهن جي ڊيگهہ ھڪ ڪوه ۽ ويڪر اڌ ڪوه ھئي جنهنکي يڪ ٿنڀي سڏين ٿا اتي بہ ستين جهڙو ٿلهو جوڙايائين جنهن جو نالو صفحہ وفا نالو رکيائين اتي بہ رات جو مجلسون ڪرائيندو ھو 

پاڻ اھل علم ھو پاڻ ٻہ ڪتاب منشئات النمڪين ۽ جوامع الجواھر لکيائين

جهانگير توزڪ ۾ سندس فرزندن جو تعداد 30 ۽ نياڻين جو 15 لکيو آھي جن مان مشھور

 مير ابوالبقا خان

مرزا ڪشميري

مير حسام الدين

 مرزا يدالله

 ميرڪ يوسف

 مير لطف الله 

سندس خاندان جا پويان مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ وڏن عھدن تي رسيا ۽ سندس پويون خاندان تمام وسيع آباد ٿيو جيڪي بکر ۾ رھندا ھئا انهن کي قاسم خاني سادات ڪوٺيو ويندو ھو بکر ۾ آخري سندس خاندان جو فرد سيد گلزار علي شاه ھو جنهن کي ٻہ دختر ھيون جن ٽنهي جون مزارون بہ قاسم خاني ٿان تي آھن (اھا رپورٽ آخوند عبدالله بن آخوند جيئل حڪومت جي چوڻ تي ھن ماڳ بابت ڪليڪٽر وٽ جمع ڪرائي ھئي بعد پاڻ سکر ۽ ٺٽي جا ڊپٽي ڪمشنر ٿي رھيا) ۽ جيڪي ٺٽي ۾ رھيا اھي اھي امير خاني سادات سڏائين ٿا جتي اڄ بہ نمڪين جي اولاد رھائش پذير آھي مير جي وفات بعد سندس خاندان جا اڪثر مرد عورتون ھن ٽڪريء تي دفن ٿل آھن ۽ ڪجهہ خاندان وارا ٺٽي جي مڪليء واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آھن روھڙي واري قبرستان کي محڪمي آثار قديمہ وارن محفوظ ماڳن جي لسٽ ۾ رکيو آھي 1897ع ھينري ڪزنس ھندستان جي ويسٽرن آرڪائيز سائيڊ جو سپرنٽيڊنٽ ھتي آيو  ان وقت ھن ماڳ جي حالت سٺي ڪون ھئي پاڻ ھن جي مرمت ڪرائي بهتر حالت ۾ آندو ھي ماڳ 1904ع جي ايڪٽ 1236 مارچ 4 1909ع تحت ديھ روھڙي جي اسٽريٽ 24.25.26.۽ 27۾ ھڪ ايڪڙ 20 گهنٽا تي مشتمل آھي ۽ ماڳ جو سرڪاري نالو  ٿان قاسم خان آھي

مان ۽ ارشد رضوي ڪجهہ ڏينهن اڳ ھن ماڳ تي وياسين جتي لڳ ڀڳ 70 جي قريب مير جي خاندان جون مزارون آھن ھيٺ ڪمرا خالي آھن جيڪي مٿي ڏاڪڻ چڙھڻ کاٻي ھٿ آھن ۽ ساڄي پاسي وارا مجاورن جي رھائش لاء آھن اھڙي طرح اتر کان اولهہ ۽ اوڀر وارا حجرا بند آھن ۽ انهن جي پاسن تي قبرون آھن مون ڪجهہ عورتن کان پڇيو تہ اندر ڄارو چمڙا ۽ صفائي ڪونهي جيڪي ھتي جي عقيدي موجب عورتن جي ڏسڻ لاء مخصوص آھن مٿي ھڪ ٿلهو آھي جنهن تي 10 قبرون آھن جنهن جي وچ ۾ مير ابوالقاسم جي مزار آھي ٻيون بہ ڪجهہ الڳ ٿلهن تي قبرون آھن ۽ ڪجهہ ان کان ھيٺ قبرون آھن ۽ ھڪ مسجد قبرون قريب 70 ٿينديون ان کان علاوه ٽڪريء ھيٺ بہ پٿر جي لوڙه سان قبرون آھن ھڪ مسجد ۽ ھڪ مزار سيد ناصرالدين؟ 

اڳ روھڙي جا خواجائي ھن ماڳ جي رکوالي ڪندا ھئا ھاڻي ڪلچر محڪمي جا ماڻھون ھن کي سنڀالن ٿا ۽ ھن جي لاء حڪومت سنڌ ڪنزرويشن پلان تيار ڪيو آھي جنهن تي خرچ قريب ساڍا پنج ملين ايندو ۽ ٺيڪو  موھن جو دڙو ايسوسيٽ کي ڏنو آھي

27 مارچ1889ع کان اڳ روھڙي جي ريلوي اسٽيشن ستين جي آستاني کان ٿورو اڳتي دريا ڪناري تي ھئي ان ڪري ريلوي وارن ھن ماڳ جي گهر ڪئي تہ ھي اسان جي زمين آھي جيڪا حڪومت رد ڪئي ھئي ھن ماڳ تي 1018ھ کان 1248ھ تائين مير ابوالقاسم جا پويان دفن ٿيندا آيا 

ان کان علاوه سندس پوين بہ وڏيون عمارتون جوڙايون جن ۾ جامع مسجد ٺٽو (شاه جهاني مسجد) مسجد امير خاني ٺٽو مسجد اميرالدين روھڙي  قاضين واري

 مسجد

حوالا

 تزڪره امير خاني

جنت السنڌ

تاريخ سکر 

sukkur than and now

dry leaves from young egypt

the antiqvities of sindh

مختصر تاريخ سنڌ

تاريخ لاھور 

قديم سنڌ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻھون

تحفتہ الڪرام

امداد حسين شاه رضوي روھڙي



Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...