Skip to main content

ھوش محمد شيدي

 ھوش محمد شيدي

ھوش محمد شيدي مير صوبدار خان بن مير فتح علي خان جو ٻانهو ھو ۽ پنهنجي خدمت گذاري ڪري مير صوبدار خان کيس خدمتگاري جو عهدو ڏنو ھو ھي ڏاڍو بهادر ۽ وطن پرس ھو جڏھن مير صوبدار پنهنجي چاچن مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي سان ملڪ جي ورھاڱي ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪئي تڏھن منشي آوتراءِ پٽ منشي صاحبراءِ المتخلص آزاد جو مير صوبدار جو مالي وزير ھو ۽ ھوش محمد پاڻ گڏجي مير صوبدار جا زيور وڪڻي پئسا آڻي ڏنا جنهن کان پوءِ مير صاحب کيس ساڻ ڪري شڪار جي بهاني سان سان حيدرآباد ڇڏي لاڙ پاسي وڃي مير غلام علي بن مير فيروز خان سان گڏيو جنهن جي مدد سان لشڪر ڪٺو ڪري 1826ع 8 ھزار لشڪر سان پنهنجي چاچن خلاف حيدرآباد تي ڪاه ڪئي جنهن جو ٻڌي مير مراد علي خان پاڻ سندن مقابلي لاءِ نڪتو جڏھن مير صوبدار جي لشڪر کي خبر پئي تہ مير مراد علي مقابلي لاءِ پاڻ آيو آھي تہ مير صوبدار کي لشڪر وارا ڇڏي ڀڄي ويا ۽ ڪل 12 سئو ماڻھون ساڻس رھيا ۽ مير صوبدار ھي حال ڏسي مير مراد علي وٽ پيش پيو ۽ مير مراد علي کيس ھڪ جاگير ۽ معقول وظيفو مقرر ڪيو ھوش محمد تڏھن بہ ساڻس گڏ رھيو

جڏھن 1843ع مياڻي جي جنگ لڳي تڏھن مير صوبدار ۽ مير محمد خان بن مير غلام علي خان جنگ ۾ ڪنهن بہ قسم جو بهرو ڪون ورتو جنهن تي مير صوبدار خان ۽ ھوش محمد وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي ھئي سا سيد احسان علي شاه بن سيد ثابت علي شاه جيڪو ان وقت حال حيات ھو تنهن ھڪ مسدس مياڻي جي جنگ ۾ قلمبند ڪيو آھي 

ھوش محمد عرض ڪري ٿو

اي مير صاحب نامدار ھوش ڪر بيهوش ھرگز ڪيم ٿي اي ڪامگار

مصلحت ڪوڙي جي ڪوڙي مير ڳهلا ھوش ڪر 

ڌوڙ پئي ”آوت“ جي منهن ۾ ناھي آوت معتبر 

مصلحت مقبول اڄ ڪوڙي جي آھي دلپذير 

۽ اسان جي مصلحت عرض توکي ناپذير 

مير صاحب سوٽ پنهنجي جي مدد ڪر نامدار

فتح ھنجي فتح تنهنجي آھي بيشڪ شھريار

بعد ڀائرن جي جئن جڳ ۾ اجايو شرمسار

شير محمد کي بہ موٽايو زعزم ڪارزار

سڀ مڙي ھمراه ٿيو رڻ تيغ ماريو بيد رنگ

ڀائرن سوٽن سان وفاداري ڪرڻ ناموس ننگ

مير صوبدار ھوشو کي چيو تنهنجي قديم وفاداري ۽ خدمتن جو خيال ڪري توکي معافي ڏيان ٿو پر جي ٻيو ڪوئي ھجي ھا تہ انکي ھن گستاخي جي سخت سزا ڏيان ھا

ھوش محمد عرض ڪيو تہ غلام نواز آقا پگهار ۽ انعام جي رپين سان پنهنجي کيسي کي ڀرڻ لاءِ پنهنجي آقا کي غلط رستي تي وٺي وڃڻ ڪا خدمت ناھي بلڪ جان ۽ مال کان بي پرواه ٿي پنهنجي مالڪ جي ڀلائي واسطي سچائي جي آرسي ٿي انجي ڀل انجي اڳيان ظاھر ڪرڻ حقيقي جان نثاري ۽ سچي وفاداري آھي جنهنکي خدا جي خوف ۽ فرض جو خيال نہ آھي سو زر جو بندو آھي پر پنهنجي  مالڪ جو خيرخواه نہ آھي دنيا ۾ ڪوڙي خوشامد جنهنجو ڌندو آھي سو رڳو پيٽ جو ڪتو ۽ پنهنجي غرض جو بندو آھي 

جنهن تي مير صوبدار ڪاوڙجي چيو تہ ھوشو ھوش ڪر اھا اجائي بڪ بند ڪر سٺو ائين ٿيندو تہ تون ھينئر جو ھينئر منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ

ھوشو چيو تہ ساري عمر خير خواھي ۽ وفاداري سان گذارڻ جو اڄ ھي انعام ملي رھيو آھي ھن ڪوڙي ۽ فاني دنيا ۾ سچ چوڻ سڀ کان وڏو گناه آھي بغاوت ۽ قتل وغيره سڀيئي ڏوه معاف ڪري سگهجن ٿا پر سچائي جو ڏوه ڪڏھن بہ معاف ڪري نٿو سگهجي انهي وقت ھي وفادار ماڻهون مايوس ٿي ڪچهري واري جاءِ کان ٻاھر نڪتو ۽ سڌو ميرپورخاص ۾ مير شيرمحمد خان سان وڃي گڏيو جنهن ھن جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو نيٺ تاريخ 24 مارچ 1843ع ناريجن جي ڳوٺ وٽ دٻي جي لڙائي لڳي جنهن ۾ پهرين تہ سنڌي فوج انگريزن جا ٽوٽا چٻائي ڇڏيا ان بعد ھڪ انگريز گهوڙي تي چڙھي ميرن جي جاسوسي ڪرڻ آيو تہ ميرن سمجهو تہ ھي امن جون ڳالهيون ڪرڻ آيو آھي جنهن تي ھنن گولي باري بند ڪئي جنهن ڏٺو تہ ميرن جو لشڪر بارود جا ڍير ڪيو ويٺو آھي جيڪي جلدي جلدي ٻڪ ڀري بندوقون ۾ وجهي اسان تي ڇوڙين ٿا ھن موٽي وڃي انگريزن کي بارود جي ڍير جو ٻڌايو جنهن تي ھنن بارود جي ڍير تي گولي باري ڪري بارود تباه ڪيو ۽ ميرن جي لشڪر ۾ اچي ڦڙڦوٽ پيئي ان بعد ھوش محمد ڏٺو تہ ڪجهہ بارود جا ڊٻا اڃا پيا آھن جنهن سان ھو انگريزن سان وڙھندو رھيو ۽ کين وڏو نقصان رسايو آخر بارود کٽي ويو تڏھن بيوس ٿي ويو نيٺ انگريزن کيس ماري وڌو

ھوش محمد جي قبر بابت گهڻن ماڻھن جو خيال آھي تہ ان جي قبر حيدرآباد جي قلعي ۾ آھي جنهن لاءِ ڀيرومل مهر چند پنهنجي ڪتاب 

”سنڌ جو سيلاني“ ۾ لکي ٿو تہ قلعي ۾ ھيٺ ھڪ ڪنڊ ڏي قبن سان جاءِ آھي جا اصل باروتخانو ھو پاڻي جي تلاءَ ڀرسان ڪن عملدارن جو قبرون آھن جي مياڻي جي جنگ ۾ مارجي ويا ھئا اتي ھڪ شيدي جي تربت آھي جنهن تي لکيل ھو ڏاڍي برجستائيسان لڙيو ھو نالو لکيل ڪونهي مگر مان سمجهان ٿو تہ اھو ھاڪارو ھوش محمد آھي

”سنڌ جا مير“ جو مصنف لکي ٿو ھوش محمد جي قبر قلعي ۾ آھي ۽  محترم پرمانند مهتيم جوت اخبار جو رايو آھي تہ ھوش محمد جي قبر قلعي ۾ آھي

مگر تاريخي نڪتہ نگاه سان ھي ٻئي رايا ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ڇاڪاڻ تہ 17 فيبروري 1843ع ۾ مياڻي جي جنگ لڳي تاريخ 20  فيبروري تي انگريزن قلعي تي قبضو ڪيو ھو ھو ش محمد دٻي واري جنگ ۾ تاريخ 24 مارچ 1843ع مارجي ويو ان وقت قلعو انگريزن جي قبضي ھيٺ ھو اھي ڪينئن چاھيندا تہ مخالف ڌر جو لاش قلعي ۾ دفن ڪجي جا ڳالهہ اڻ ٿيڻي آھي مگر جنهن توب سان ھوش محمد انگريزن سان وڙھيو ۽ پنهنجي جان ڏني سان انگريزن کڻائي قلعي تي يادگار طور رکي ھئي جيڪا بعد ملٽري وارا کڻائي ويا پوءِ ان توب جو ڪهڙو حشر ٿيو ان جي خبر ڪونهي مگر جن قبرن جو ڀيرومل ذڪر ڪيو آھي اھي انهن ماڻھن جون آھن جنهن وقت ميرن حيدرآباد قلعي جو ميرن جي ماڻھن 2 سال گهيرو ڪيو ھو ان ۾ جيڪي ماڻھو مارجي ويا انهن جو قبرون آھن جڏھن مون ھوش محمد جي قبر بابت تحقيقات ڪئي تڏھن آغا فتح علي شاه ۽ سرائي محمد موسي جو چوڻ ھو تہ ھوش محمد جي قبر مير واه تي آھي اتفاق سان رسالہ جرنل سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي بابت ماه سيپٽمبر 1843ع جو ھڪ دوست وٽان مليو  تنهن “ ايڇ ٽي ليمبرڪ جو ھڪ مضمون سنڌ جو جنگيون حيدرآباد سنہ 1843ع ۾ شايع ٿيو آھي ان رسالي جي صہ 418 ۾ ھوش محمد جي دفن ٿيڻ واري جگهہ جو فوٽو بہ ڏنل آھي سندس اولاد ٽنڊي ٺوڙھي ۾ رھي ٿي 

حوالو

منهنجي ناني مرزا گل حسن احسن ڪربلائي جو مهراڻ اخبار جي جلد 8 نمبر 15  سومر 15 جنوري 1962ع ۾ ڇپيل مضمون (ميرن جا حبشي ٻانها)

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.



Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...