Skip to main content

سوامي خوشيرام

 (سوامي خوشيرام)

بابا خوشيرام مندر بندر روڊ روھڙي

گذريل جمعي تي محترم شنڪر تلريجا ميسنجر تي ميسيج ڪيو تہ بابا خوشيرام  مندر جي تاريخ بابت ڪجهہ ڄاڻ ڏيو ان ڏس ۾ اڄ وقت مليو تہ ڪجهہ معلومات جيڪا مون وٽ آھي اھا ھتي ڏيان ٿو.

قريب 500 ورھيہ اڳ روھڙي جي اولهہ طرف جهنگ ھو سنڌو نديءَ جو دريا لڳو لڳ وھندو ھو بابا گرونانڪ جي رحلت  بعد سندس وڏو پٽ بابا سري چند اداسي

(بابا سري چند بن بابا گرونانڪ سندس والده جو نالو سلکهڻي ھو.

 پاڻ سنياسي سادھوئن جي فرقي اداسي جو باني ھو سندس جنم 8 سيپٽمبر 1494ع سلطان پور لوڌي جي مقام تي ٿيو جيڪو ھندستاني پنجاب جي ضلع ڪپور ٿلھہ ۾ آھي سندس رحلت 134 سالن جي عمر ۾ 

 13 جنوري 1629ع ڪرتپور ھندستان ۾ ٿي)

پنهنجي پوئلڳن سميت ھنگلاج ديوي جي درشن لاءِ پنجاب مان نڪري روھڙي مان اچي گذريا ساڻس گڏ ھڪ شش بابا المست مهاتما بہ ساڻ ھو ھن کي روھڙي جو اولهہ پاسو ايترو وڻيو جو  اتي وڻ ھيٺان دوڻي جڳائي رھي پيو پاڻ مهاتما رند فقير ھو اٺئي پهر ھڪ اَلک جوتي پرش جي ڌيان ۾ گذاريندا ھوا ڪنچن ۽ ڪامني جي پريت کان پري ھوا انهن ڏينهن ۾ بکر  سرڪار جي قلعي ۾ ڪو  حاڪم رھندو ھو جنهن کي 60 سالن جي عمر تائين اولاد ڪون ٿي جنهن ڪري اداس رھندو ھو پاڻ ھن فقير ڏانهن رجوع ٿيا ۽ اچڻ لڳا ڪيترن  ڏينهن بعد فقير  کيس دعا ڪئي تہ ڌڻي تعاليٰ اوھان کي پٽ ڏيندو 12 مهينن بعد حاڪم کي پٽ پئدا ٿيو حاڪم ڪاغذ تي مهر ھئي جاگير جو پروانو بابا المست وٽ کڻي آيو پر ھن اھو وٺڻ کان انڪار ڪيو بادشاه وري آڇ ڪئي تنهن تي بابا چيو عيوضو ٿا ڏيو تہ وچن واپس وٺنداسي اھي لفظ ٻڌي بادشاه خاموشي اختيار ڪئي پوءِ درشن لاءِ ڪڏھن ڪڏھن ايندو ھو.

سوامي خوشي رام نائين پڙھي ۾ ھنن مهاتمائن جي اولاد مان آھن انهن جا نالا ھن طرح آھن.

1.بابا نولداس

2.بابا ٽهلداس

3.بابا نارائڻداس

4.بابا ھرڪشنداس

5.بابا ديالداس

6.بابا ميولداس

7.بابا مڪترام

8.بابا خوشيرام

بابا خوشيرام ھڪ ڪچي جهوپڙي ۾ اتيئي رھندا ھئا سندس نالو ڪينئن پرسد ٿيو سو ھن طرح آھي

ھڪڙي رات چور سندس جاءِ تي آيا ڇاڪاڻ جو ڏينهن جو سندس جاءِ تي ڪافي عقيدتمند ايندا ھئا تہ چورن سمجهو تہ فقير وٽ ڪافي مال ڏئي ويندا ھوندا پر ڇا ڏسن تہ فقير جي شرير جا انگ الگ الگ پيا آھن يعني ٻاھون سر ٽنگون ڌڙ کان الڳ ھو ھي لڪاءُ ڏسي دھلجي ويا ۽ وٺي ڀڳا ۽ ھو اھڙي طرح ٻہ ٽي راتيون ايندا رھيا پر ساڳي حالت ڏٺي وري ڏينهن جو کيس زنده سلامت ڏٺائون  چورن سندس ان ڪرامت کي ڄاڻي پرسڌ ڪئي

بابا خوشيرام توڪل ۽ سچ تي تڪيہ جا صاحب ھئا اَن جي اچي ويندو ھون تہ کائيندا ھئا نہ تہ ڪند مول ڦل کائي اڀياس ۾ گذاريندا ھئا

بابا خوشيرام پنهنجي بيٺڪ سنگرار (بڪار جاگير) ڀرسان ھڪ ڳوٺ ۾ بہ ڪئي اتي سيد اخلاص علي شاه (سيد نور علي شاه ”نور“ جن جو وڏو ڏاڏو)  درويش  سان گهاٽو رستو دوستي جو ٿي پيو اتي بڪار جي سيدن کي بہ ڪيتريون ڪرامتون ڏسڻ ۾ آيون ۽ سندن فقير سان گهڻو پريم ھو ۽ اتي رھندڙ ماڻھون بہ سندس يوگڪ ڪريائون ڏسي مهما ڪرڻ لڳا ھڪ استان اتي بہ بابا خوشيرام جو آھي سيد اخلاص علي شاه جو پوٽو سيد ڇٽل شاه بابا پورنداس وٽ ايندو ھو ۽ ساڻن پريم رکندو ھو 

ڪان پور ھندستان ۾ روھڙي مان لڏي ويندڙ ڀائي ڏيئو مل ريجهومل سچديو جو سڄو ڪٽنب بابا خوشيرام جو عقيدت مند آھي شري ديارام ڏيئو مل ھڪ رات بابا خوشيرام جو ڌيان ڌري آرتي رات جو ڪري آرامي ٿيو تہ  رات جو خواب ۾ بابا آيو ۽ چيائين بچا اٿ تنهنجي دڪان جو تالو چور ڀڃين ٿا ھو ننڊ مان بيدار ٿي دڪان تي آيو جيڪو سندس جاءِ جي سامهو ھو تہ کيس  ڏسي ڀڄي ويا ۽ وڃي ڏٺو تہ تالو ڀڳل ھو.

بابا خوشيرام کان پوءِ بابا ٽاڪرداس گادي تي ويٺو ۽ ھنن جي ڏينهن ۾ موجوده  اسٿان مندر  پڪو ٺھيو ھو بہ اداسي ۽ اتم سنتشٽ ھوا.

ڀائي تيرٿداس جنهن جي دربار حجام خاني ۾ آھي سو بابا خوشيرام صاحب جو صدقي شش ھو. ڪجهہ سال اڳ منهنجو ڪلاس فيلو ليلو مل ھن مندر جو سنڀاليندڙ ھو.

امداد حسين شاه 

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي



Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...