Skip to main content

سکر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ

 سکر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ

سنڌ اندر عام طور 1863ع کان اڳ عوامي ڪارج لاءِ مقامي ڪمن تي خرچ ٿيندڙ ڪوبہ ڌار فنڊ موجود ڪون ھوندو ھو ٽالپور اميرن طرفان واپار تي مڙھيل مختلف محصول سنڌ تي برطانوي والار کانپوءِ ختم ڪيا ويا

1863ع حڪومت سڄي بمبئي پريزينڊينسيءَ لوڪل فنڊن جو کاتو جوڙڻ جو حڪم ڏنو ھر ھڪ ضلعي ۾ اھو فنڊ ڍل، آڙھت ۽ مڏين جي رسيدن جانورن جي ڍڪ ۽ ٻين جڳھين تان واڌو آمدنيءَ جي پڙتال جي ھرھڪ روپئي تي ھن آنو مقرر سيس تي ٻڌل ھوندو ھو مليل محصول کي ٽين پتي ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ تعليمي خدمتن تي خرچ لاءِ ورھايو ويندو ھو ۽ رھيل محصول رستن کوھن ۽ عمارتن جي اڏاوت رستن سان لڳ وڻ پوکڻ ۽ عوامي ڪارج جي ٻين ڪمن ۽ مرمت تي خرچ ڪيا ويندا ھئا انهي سرشتي تي پهرين ڪنهن قانونسازي بنا عمل ٿيو پوءِ ان کي 1865ع قانوني شڪل ڏني وئي 1863ع جي رٿا جو بنيادي خاص مقصد ۽ ارادو ھو تہ محصول ڏيندڙ جو فنڊن جو نيڪال ۾ اثرائتو آواز ھئڻ گهرجي پر مليل سڌ ۽ ڄاڻ مان پتو پوي ٿو تہ محصول ڏيندڙن جي واضع موٽ نہ ملي ھئي 1880ع ۾ اھا ڳالهہ سامهون آئي تہ جوڙيل ڪميٽين ورلي گڏجاڻي ڪن ٿيون اھي سمورا ابتدائي ضابطا ۽ ذميداريون ڪليڪٽر ۽ سندس ڊپٽين جي ھٿن ۾ ھيون 1882ع ۾ لارڊ ربن جي مقامي خود حڪومت جي ڦھلاءُ واري رٿا جي عملي طور جوڙ جڪ ڪئي وئي ۽ کيس ٻن ورھين کان پوءِ قانوني شڪل ڏئي 1884ع جي بمبئي ايڪٽ جي روپ ۾ آندو ويو 

ضلعي لوڪل بورڊ 20 ۽ 30 ميمبرن جي وچ تي ٻڌل ھئي جنهن منجهان صدر کانسواءِ اڌ ميمبر چونڊيا ويندا ھئا ۽ اڌ ميمبرن کي سنڌ جو ڪمشنر طرفان ٿاپيو ويندو ھو چونڊيل ميمبر تعلقي لوڪل بورڊ ميونسپالٽين ۽ سڄي ڳوٺن جي تحصيلدارن انعامدارن جي نمائندگي ڪندا ھئا ٿاڦيل ميمبرن ۾ ڪليڪٽر اسٽنٽ ڪليڪٽر ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ضلعن جا ايگزيڪيوٽو انجنيئر ھئا تعليمي انسپيڪٽر ڊپٽي سينيٽري ڪمشنر ۽ سول سرجن کي جيڪڏھن اھو ھيلٿ آفيسر آھي تہ ووٽ ڏيڻ کان سواءِ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ بورڊ جي ڪچھرين ۾ ويھڻ جو حق رکندو ھو 

1843ع تي چارلس نيپئر  طرفان سنڌ مٿان قبضي بعد کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو جنهن سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ تقسيم ڪيو ڪراچي حيدرآباد ۽ شڪارپور 1883ع کان اڳ شڪارپور ضلعي جو ھيڊ ڪوارٽر شڪارپور ھو جنهن جي غير صحتمند آبھوا ڪري بدلائي سکر ڪيو ويو (انهي ڪري 1883ع کان اڳ بہ ضلعي شڪارپور جا ضلعي گورا آفيسر سکر ۾ گهڻو وقت رھائش کي اھمت ڏيندا ھئا) 1883ع تي سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايرڪسن ضلعي شڪارپور کان ضلعي ھيڊ ڪواٽر سکر ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن جو ان وقت ڪليڪٽر ايڇ ايم ايس ڪرنل سي ايف بولٽن يا آر آر ويلس ٿيو ڇو جو ٻنهي جو پوسٽنگ 1883ع آھي ان ۾ مهينو سکر ضلعو منتقل ٿيڻ جو ڏنل ڪونهي پر سکر کي انهن ٻنهي کان بعد جنهن ڪليڪٽر سينگاريو اھو ايلفرڊ ميهو ٿيو جنهن سکر ۾ ماڻھن کي پلاٽ ڏئي گهڻو آباد ڪيو بندر روڊ تي وڻڪاري سندس دور جي نشاني آھي ۽ ان سان گڏ ٻيڙين ۽ آگبوٽن جي لنگر لاء ِ سکر بندر کي پڪو ڪرايائين روڊ ۽ گهڻو ڪجهہ ترقي سندس دور ۾ سکر اندر ٿي سندس پهرين پوسٽنگ 1884ع ۽ ٻي 1892 کان 1897ع رھي 

آگسٽ 1901ع شڪارپور ضلعي کي ٽوڙي کيس تعلقو ڪيو ويو ۽ 2 نوان ضلعا ان مان جوڙيا ويا ھڪ لاڙڪاڻو ۽ ٻيو سکر جنهن جو پهريون ڪليڪٽر جي ايل ريو ٿيو 

1919ع سکر لوڪل بورڊ کي چونڊ جو حق مليو جنهن وقت ڪل 32 ميمبر ساري ضلعي مان چونڊيا ويندا ھئا جنهن ۾ 17 مسلمان 7 ھندو ۽ 8 سرڪاري ٿاڦيل ميمبر ھوندا ھئا 1938ع سرڪاري ٿاڦيل ميمبرن جو سرشتو رد ٿيو جنهن بعد باقي 24 ميمبر رھندا آيا 

1933ع کان سکر لوڪل بورڊ جو صدر خانهادر قيصر خان بوزدار چونڊجي آيو جنهن جي دور ۾ ضلعي اندر ڪافي ڪم ٿيا جن ۾ انگريزي اسڪول ۽ ويم گهر تعمير ٿيا بورڊ جون 2 مکيہ  ڪاميٽيون ھيون اسٽئڊنگ ڪاميٽي ۽ اسڪول بورڊ ضلع جي ٻهراڙي واري ڀاڱي ۾ تعليم لاء ۽ ٻيو ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ مقرر ٿيل ھئي 1939ع ان اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر  روھڙي واسي رسول بخش آخوند ھو ۽ چيف آفيسر شيخ صاحب ھو 

موجوده لوڪل بورڊ جي عمارت 1938ع ۾ تعمير ٿي جنهن ۾ وڏو ھال اڳوڻي صدر جي نالي سان (قيصر ھال) سڏجي ٿو عمارت جي تعمير تي خرچ 50 ھزار ٿيو

ان کان علاوه عمارت اندر ديوان ھرداسمل ڪيولرام ونگ ۽ خان بهادر پير رسول بخش شاه ونگ تعمير ٿيل آھي جنهن ۾ ديوان ھرداسمل ونگ نادرا وارن جي حوالي آھي بورڊ جي صدر واري لسٽ جو بورڊ ۽ گهڻو رڪارڊ محترمہ بينظير ڀٽو واري حادثي بعد موب ساڙي ڇڏيو ڪجهہ رڪارڊ ٻاھر بورين۾ رکڻ ڪري مينهن ۽ اس۾ تباه ٿي ويو جنهن ۾ 1920ع جي سر شاه نواز ڀٽو جي پيش ڪيل ريزوليشن جنهن ۾ لائيڊ بيراج مان نالو بدلائي سکر بيراج رکيو ويو غائب آھي ھن وقت سنڌ اندر اليڪشن ٿي وئي آھي ۽ لوڪل بورڊ جا ميمبر بہ چونڊجي ويا آھن ڏسون صدارت جي ڪرسي ڪنهن کي ملي ٿي گذريل صدارت سردار تقي خان ڌاريجو وٽ ھئي 

سردار قيصر خان بوزدار ڊسمبر 1890ع محرم 1307 ھجري ڌاري ڄائو ستين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي ڪجهہ فارسي پڙھيائين والد جي وفات بعد قبيلي جو سردار ٿيو اول ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيو ۽ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر 1937ع سنڌ اسمبلي جو ميمبر انگريز حڪومت طرفان 1922ع ۾ خانصاحب 1930ع خانبهادر جو لقب مليو 1925ع کان 1937ع تائين آنرري ماجسٽريٽ رھيو ميرپورماٿيلو ۾ انگريزي اسڪول کولڻ لاء ساڍا 6 ايڪڙ زمين ۽ ھڪ کوه ڊونيٽ ڪيو پاڻ 29 آگسٽ 1952ع 7 ذوالحج 1371ع 63 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي پاڻ 5 شاديون ڪيون پر کيس اولاد ڪون ٿي سندس وفات بعد سندس سوٺاري سوٽ جي فرزند خان محمد خان بن وزير خان کي سندس سرداريءَ واري پڳ ٻڌرائي وئي

آخوند رسول بخش بن آخوند الهنواز  ڄم 15 مارچ 1897ع روھڙي مان ابتدائي تعليم وٺي وڌيڪ تعليم علي ڳڙه مان ورتي خلافت تحريڪ دوران لوڪل بورڊ سکر واري نوڪري ڇڏي ڪابل ويو بعد ۾ موٽي اچي وري نوڪري تي چڙھيو پاڻ سکر لوڪل بورڊ جي اسڪولن جو

 ائڊمنسٽريٽو آفيسر ٿي رھيو پاڻ سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکيا جن ۾ ارڪان اسلام، نيو ماڊل ايزي جاگرافي، درجو پهريون، اسلامي عقائد، بيوس بيبي ناول، تعليم القرآن، مسلم عورتن جي شجاعت، نئون انگي حساب، نيو ماڊل ايزي جاگرافي، درجو ٽيون

 جاگرافي پاڪستان، سنڌي گرامر.

پاڻ سنڌ مسلم سوسائٽي جو ميمبر رھيو پاڻ 4 جنوري 1952ع رحلت ڪيائين کيس ٻہ فرزند ڊاڪٽر سراج احمد ۽ خالد شھيد ھئا ۽ ھڪ نياڻي ٿي





Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)

 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد  (مانڪجي لمجي ھتاريا) سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي 183...