Skip to main content

خوني دروازو دھلي

 خوني دروازو دھلي

اصل نالو ڪابلي دروازو

1611ع ۾ يورپين واپاري وليم فنچ دھلي ھندستان آيو جيڪو لکي ٿو تہ دھلي ۾ ست قلعا آھن جن کي 52 دروازا آھن.

 جن مان ھن وقت 13 دروازا بچا آھن انهن 52 دروازن مان ڪجهہ جا ھي نالا آھن 

1.ڪابلي دروازو

2.راج گهاٽ دروازو

3.خضري دروازو

4.نگم بودھہ دروازو

5.ڪيلا جي گهاٽ جو دروازو

6.لال دروازو

7.ڪشميري دروازو

8.پٿر ڪٽي دروازو

9.لاھوري دروازو

10.اجميري دروازو

11.بدر دروازو

12. ترڪمان دروازو

13. رنجيت دروازو

14.موري دروازو

14.خيراتي دروازو

15.فراش خانہ دروازو

16.دھلي دروازو

17. ڪلڪتو دروازو

اڪثر دروازن جا نالا دھلي کان نڪرندڙ مختلف شھرن جي رستن جي مناسبت سان رکيل ھئا جينئن لاھور ڏانهن ويندڙ رستي کي لاھوري دروازو ڏنو ويو وغيره.

ھاڻي اچون خوني دروازي طرف جنهن جو اصل نالو ڪابلي دروازو ھو 

اڳ بادشاه ماڻھن ۾ وحشت وجهڻ لاءِ اڪثر ماڻھن کي سزا ڏئي مين چوراھن تي، مک گذرگاه يا قلعي جي دروازن تي انهن جو مڙھہ اڇلائي يا ٽنگائي ڇڏيندا ھئا

ڪابلي دروازي تي پهريون واقعو مغل بادشاه جهانگير جي دور ۾ رونما ٿيو جڏھن اڪبر بعد جانشيني جو مسئلو ٿيو تہ عبدالرحيم خان خانا بن بيرم خان جهانگير جي ٻي ڀاءُ خسرو جي جانشيني لاءِ حمايت ڪئي جنهن تي جڏھن جهانگير بادشاھي مسند سنڀالي تہ سندس ٻن پٽن کي مارائي ھن دروازي تي سندس لاشون ٽنگائي ڇڏيون

30 آگسٽ 1659ع اورنگزيب پنهنجي ڀاءُ دارا شڪوه کي مارائي سندس سر کي ھن دروازي تي لڙڪرائي ڇڏيو (اتفاق سان اڄ 3 مارچ 1707ع اورنگزيب جي مرڻ جو بہ ڏينهن آھي

ھن دروازي تي بهادر شاه ظفر جي ٻن پٽن مرزا مغل ۽ مرزا خضر سلطان ۽ پوٽي مرزا ابو بخت کي ميجر ھڊسن 1857ع ۾ گولي ھڻي ماري ڇڏيو جڏھن ھو ھمايون جي مقبري مان کين گرفتار ڪري وٺي اچي پيو

ان واقعي بعد ڪابلي دروازي جو نالو خوني دروازو پيو

1857ع ۾ ھن دروازي تي ھندستان جي پهريون صحافي سيد محمد باقر اصل نالو علامہ سيد محمد باقر دھلوي جنهن کي برطانيا موت جي سزا ڏني ان کي ميجر ھڊسن ھن جڳهہ تي توب جي منهن ۾ وڌو ڪجهہ روايت ۾ گولي سان ماريو

1947ع ھن دروازي تي مسلمان مهاجرن جي ڪيمپ ۾ قتل عام ٿيو

نومبر 2002 ۾ ھن دروازي تي ميڊيڪل جي طالبہ کي ٽن ڄڻن زوري ريپ ڪيو جنهن بعد پوري ھندستان ۾ شور ٿيو ان تي حڪومت ھن دروازي کي پبلڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو

ھي دروازو شيرشاه سوري پنهنجي دور حڪومت 45_1540ع دوران تعمير ڪرايو ھو جيڪو پٿر جو جڙيل آھي جنهن جي اوچائي 50.9 فوٽ آھي جنهن جي مٿي وڃڻ لاءِ 3 ڏاڪڻيون آھن.

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي





Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)

 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد  (مانڪجي لمجي ھتاريا) سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي 183...