Skip to main content

ايوب پل روھڙي مزدورن چواڻي خوني پل

 ايوب پل روھڙي مزدورن چواڻي خوني پل

لئنسڊائون پل روھڙي سکر جو افتتاح 27 مارچ 1889ع ٿيو ۽ ھي ان دور ۾ پاڪستان اندر عجوبو ھئي پل کي ڏسڻ لاءِ ماڻھن جا انبوه گڏ ٿيندا ھئا جيڪا بغير ٿنڀي جي بيهارڻ انجنئرنگ عملي ۽ ڊزائنر جو ڪمال ھو اڳتي ھلي ھن پل ۾ حرارت ڪري پيچيدگيون پيدا ٿيون جنهن ڪري 1910ع ۾ پل کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو 1914ع مٿان گذرندڙ ٽرين جي رفتار گهٽائي وئي 1936ع ھيرالڊ ووڊ رابسن ڊپٽي چيف انجنئر ريلوي برجز پل جي ڪجهہ حصن کي تبديل ڪرڻ لاءِ ٻہ آرڪ ڊزائن ڪري مغل پور ورڪشاپ ۾ ڊرائنگ ڪيا پر ڪم اڳي ڪون وڌيو ڇو جو ٻي جنگ عظيم ۾ برطانيا کي لوه جي سخت ضرورت ھئي ۽ ھتان لوه مان بارود جا گولا ٺاھي جنگ واري ميدان ۾ موڪليا ويندا ھئا

1939ع ۾ پل جي پيچيدگين کي ڏسندي 200 ٽن غير ضروري وزن ھٽايو ويو ۽ 1924ع ۾ ريلوي انجنئر فيصلو ڪيو تہ ريل لاءِ متبادل پل تعمير ڪجي جيڪا وڌيڪ مضبوط ھجي پر ورلڊ وار ڪري منصوبو رڪجي ويو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ريلوي انتظاميا ان طرف ڌيان ڏنو ۽ دنيا ۾ ان وقت جي مشھور پلن ٺاھڻ جي آمريڪن ڪنسلٽن انجنئر ڊيوڊ برنارڊ سٽين مين ۽ سندس فرم سان رابطو ڪري پل جي ڊزائن ٺاھڻ لاءِ چيو ۽ پل جو ٺيڪو برطانيا جي مشھور پلن ٺاھڻ ۽ فولاد ٺاھڻ جي ڪمپني ميسرس ڊورمين لانگ گيمن لنڊن کي ڏنو ويو

پل تي ڪم 26 نومبر 1959ع کان شروع ٿيو جنهن جو سنگ بنياد 9 ڊسمبر 1960ع ريلوي جي وزير رکيو 

 جنهن جي لاءِ رقم 2 ڪروڙ 16 لک رکي وئي ۽ ان مان پل جي اڏاوت تي خرچ ٻہ ڪروڙ آيو 

پل جي تعمير تي 4000 ھزار ٽن سيمنٽ استعمال ۾ آيو

شنگل ھڙڪ 320000 cft لڳو

ريتي ڀولاري جي 160000 cft

 اسٽيل جيڪا ڪنڪريٽ جي چنائي کي مضبوط ڪري 131 ٽن

ماحول کان محفوظ رکندڙ اسٽيل 1002 ٽن

ھلڪو ۽ وزن کڻڻ لاءِ مضبوط اسٽيل 1907 ٽن

انتهائي سخت، لچڪ وارو اسٽيل جيڪا نوڙن ۾ لڳل آھي 5342 lft

ھاٽ ٽپ گالوانائرنگ جنهن ۾ گرم پگهريل زنڪ کي اسٽيل تي ھنيو ويندو آھي 9300 lft

اسٽيل کي زنگ بچائڻ کان زنڪ جي ڪوٽنگ 927.6

پل ۾ مفاصلو ھيٺين بيئرنگ ۽ محراب جي وچ ۾ 9 _806 فٽ رکيو ويو

عرشي ۽ گرڊر بيئرنگ جي وچ ۾ مفاصلو رکيو ويو 873فٽ4/2 انچ

پل جي گول تاج جي محراب ھيٺيون بيئرنگ رکيو ويو 2047 فوٽ

پل جي ڊيگهہ 806 فوٽ ۽ سندس اوچائي 247 فوٽ آھي

پل تي ڪم دوران حفاظتي اپاه گهٽ ورتا ويا ھئا يا پل جي پيچيده ۽ بلندي ڪري 40 مزدور اجل جو شڪار ٿيا جنهن ڪري ڪوئي مزدور ھن تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪون ٿئي پيو جنهن تي ٺيڪيدار مجبور ٿي مزدور جي ڊبل ڏھاڙي ڪئي جنهن بعد مزدور ڪم تي راضي ٿيا ۽ مزدورن ھن پل کي ھڪ نالو ڏنو

 (خوني پل) جيڪو ڪافي مشھور ٿيو

پل تي اڏاوتي ڪم 17 مارچ 1962ع ۾ پورو ٿيو ۽ پل کي ريلوي ٽريفڪ لاءِ 6 مئي 1962ع ۾ کوليو ويو جنهن جو افتتاح ان وقت جي پاڪستان  صدر ايوب خان شام جو ساڍي ستين بجي ڪيو 

آمريڪن فرم جنهن ھن پل کي ڊزائن ڪيو ان جو سول انجنئر ڊيوڊ برنارڊ سٽين مين 11 جون 1886ع  بريسٽ بيلاروس چومڪس ۾ ھڪ يهودي خاندان ۾ ڄائو 1890ع ۾ ھي خاندان نيويارڪ ھجرت ڪئي ھي پاڻ ۾ 6 ڀاءُ ڀيڻ ھئا

ھي سٽي ڪاليج ۾ پڙھيو ۽ڪولمبيا يونيورسٽي مان PHD ڪئي ھن 1924ع ۾ ڪنسلٽنگ فرم ٺاھي جيڪا 1988ع تائين پارسنز ڪارپوريشن جو حصو رھي 

ھي پلن آرڪيٽيڪٽر، ڊزائن ۽ ڊزائنگ جو ڪنسلٽنگ  انجنيئر ھو

ھن دنيا جون ڪيتريون پليون ڊزائن ڪيون جن ۾ 

فلوريانيولس پل

ڪارڪوئنز پل

سينٽ جانسن پل بنڪاڪ

اسڪائي رائڊ پل

ٽرانسپورٽر پل

ھينري ھڊسن پل

ويزلي پل

ھل آءِ لينڊر پل

جارجيا آءِ لينڊ پل

مائونٽ ھوپ پل

مڪينڪ پل

بروڪلين پل

سينٽ جارج پل جيڪي آمريڪا ٿهائي لينڊ انگلينڊ پرتگال اٽلي برازيل عراق ۽ پاڪستان ۾ پلين تعمير ڪرڻ سان وابستہ رھيو ان کان علاوه ڪيترن ڪتابن جو مصنف ۽ ٻارن لاءِ ڪتاب لکيا ۽ انهن لاءِ شاعري ڪئي پاڻ 21 آگسٽ 1960ع نيويارڪ ۾ فوت ٿيو

ايوب پل جو ٺيڪو برطانيا جي ڪمپني ڊور مين لانگ اينڊ ڪمپني کي ڏنو ويو ھو جيڪا دنيا ۾ پلن لاءِ اسٽيل ٺاھڻ لاءِ مشھور ھئي جنهن جو بنياد آرٿر جان ڊورمين ۽ البرٽ لينڊ لانگ 1875ع مڊلسبرگ برطانيا ۾ رکيو ۽ جن ليز تي ويسٽ مارش آئرن ورڪس ورتو

ھي فولاد ٺاھڻ واري ڪمپني بعد ۾ پلن جي تعمير ۾ شامل ٿي 

ھن ڪمپني ھي پليون تعمير ڪيون

سڊني ھاربر پل آسٽريليا

اودھرمان پل سوڊان

ڊيسوڪ پل مصر

ٽائن پل برطانيا

الفريڊ بيٽ پل جنوبي آفريڪا

گرافٽن پل آسٽريليا

ليمبتھہ پل برطانيا

ميموريل پل ٿهائي لينڊ

ڪھڊيو اسماعيل پل مصر

نيو پورٽ لينڊ پل برطانيا

برچينف پل زمبابوي

اسٽور سٽروم پل ڊينمارڪ

چيئن تانگ دريائي پل چين

اڏومي پل  وولٽا پل گهانا

سلور جوبلي پل برطانيا

 ايوب پل ھن وقت  ريلوي محڪمي وٽ آھي جيڪو ھن جي بهتر سنڀال ۽ مينٽين ڪندو اچي ٿو.

امداد حسين شاه 

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي




Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...