سکر جي خوبصورت عمارتن جو معمار
مير محمد معصوم بکري بن سيد مير صفائي موسوي
مير محمد معصوم بکري جا وڏا اصل ترمز ازبڪستان جا رھائشي ھئا شيبائي خان ۽ ايران جي بادشاه جي جنگ جدل ڪري اتان لڏي اچي قنڌار جي لڳ اشڪلچہ ڳوٺ ۾ رھيا
سندس والد مير صفائي جو بکر (سکر) اچڻ جو سبب ان وقت جي بکر جي حڪمران ارغون خاندان سان پراڻا تعلقات ھو. سلطان محمود بکريءَ جي والد مير فاضل ڪولتاش مير صفائيء جي وڏي ڏاڏي سيد حسن ابدال (بابا ولي قنڌاري) جو معتقد ھو.
مير محمد معصوم جو نانو مير ڪلان موسوي پڻ قنڌار افغانستان مان ھجرت ڪري سيوڻ جي پسگردائي ۾ رھائش اختيار ڪئي
مير صفائي جي شاديءَ وارو رشتو مير ڪلان موسويءَ سان سلطان محمود بکريء ڪرايو ھو مير ڪلان موسوي سيوڻ جي قلعي تي حاڪمي وارو فيصلو مرزا عيسي خان ترخان ۽ سلطان محمود بکري جي وچ ۾ منصف طور ڪيو ھو ۽ فيصلي موجب سيوڻ جو قلعو مرزا عيسي خان ترخان حوالي ڪيو ويو
مير معصوم کي ٽي فرزند ٿيا
مير ابوالقاسم
مير محمد فاضل
مير محمد معصوم ولادت ٧ رمضان صبح جو ستين بجي ٩٤٤ ھجري مطابق 7 فيبروري 1528ع.
مير محمد معصوم ٩٧٩ ھجري بکر کي خيرباد چئي گجرات ۽ اتان وڃي مغل بادشاه اڪبر جي دربار سان وابستہ ٿيو ان وقت سندس عمر قريب ٣٥ سال ھئي ۽ وري ٢٠ سالن کان پوء ٩٩٩ ھجري بکر (سنڌ) اڪبر بادشاه جي سپھہ سالار عبدالرحيم خان خانان سان مرزا جاني بيگ ترخان واري معرڪي لاء گڏجي آيو جيڪو صلح جي صورت ۾ حل ٿيو ان بعد ١٠٠٣ ھجريءَ سيويءَ مان ٿيندو قنڌار ويو ۽ ١٠٠٧ ھجري واپس بکر مان ٿيندو مغل دربار ھندستان ويو جتان پنهنجي رحلت جمعو ٦ ذوالحج ١٠١٤ھجري مطابق 4 اپريل 1606ع ٻہ مھينا پهرين واپس بکر آيو
يعني مغل دربار وڃڻ کان پهرين ڪجهہ عرصو سلطان محمود بکريءَ سان وابستہ رھيو ۽ جڏھن مغل دربار سان وابستہ ٿيو تہ ڪُلُ ساڍا ٽي سال بکر ۾ رھيو جنهن دوران سکر تعمير ٿيندڙ عمارتن جي منصوبابندي ڪئي ڪجهہ پنهنجي موجودگيء ۾ تعمير ڪرايون ۽ ڪجهہ جڙندڙ عمارتن کي سندس فرزند مير بزرگ آخري تڪميل ڪرائي
منارو ١٠٠٣ _ ١٠١٣ ھجري
ان سان گڏ چوڪنڊي والد ۽ ڀاءُ جي مزار مٿان ڇٽي، آرامگاه، فيض محل ١٠٠٤ ھجري
ستياسر ١٠٠٧ ھجري دريا اندر ھڪ ٻيٽ تي ھو جنهن جو ھن وقت وجود ڪونهي
عيدگاه روھڙي ١٠٠٢ ھجري
جهان نما مسجد ١٠٠٧ ھجري جنهن جو ھن وقت ڪو نشان ڪونهي
ھشت پهلو گنبد ۽ ھفت چاه عمارت
ان کان علاوه حويلي مسجد ۽ ٢٠ ايڪڙن تي باغ جن جو ھن وقت ڪوئي نشان ڪون بچو آھي البتہ پراڻي مسجد مٿان معصومي ساداتن نئين سر مسجد تعمير ڪرائي آھي.
پاڻ مغل دربار جو ھڪ وڏو پائي جو دولتمند عملدار ھو کيس اڪبر سنڌ اندر جاگير طور درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊڪو پرڳڻو ڏنو ھو جڏھن پاڻ رحلت ڪئي تہ پنهنجي پٺيان ٣٠ کان ٤٠ لک روپيا ڇڏي ويو
امداد حسين شاه رضوي روھڙي





Comments
Post a Comment