Skip to main content

سکر جي خوبصورت عمارتن جو معمار

 سکر جي خوبصورت عمارتن جو معمار

مير محمد معصوم بکري بن سيد مير صفائي موسوي

مير محمد معصوم بکري جا وڏا اصل ترمز ازبڪستان جا رھائشي ھئا شيبائي خان ۽ ايران جي بادشاه جي جنگ جدل ڪري اتان لڏي اچي قنڌار جي لڳ اشڪلچہ ڳوٺ ۾ رھيا 

سندس والد مير صفائي جو بکر (سکر) اچڻ جو سبب ان وقت جي بکر جي حڪمران ارغون خاندان سان پراڻا تعلقات ھو. سلطان محمود بکريءَ جي والد مير فاضل ڪولتاش مير صفائيء جي وڏي ڏاڏي سيد حسن ابدال (بابا ولي قنڌاري) جو معتقد ھو.

مير  محمد معصوم جو نانو مير ڪلان موسوي پڻ قنڌار افغانستان مان ھجرت ڪري سيوڻ جي پسگردائي ۾ رھائش اختيار ڪئي 

مير صفائي جي شاديءَ وارو رشتو مير ڪلان موسويءَ سان سلطان محمود بکريء ڪرايو ھو مير ڪلان موسوي سيوڻ جي قلعي تي حاڪمي وارو فيصلو مرزا عيسي خان ترخان ۽ سلطان محمود بکري جي وچ ۾ منصف طور ڪيو ھو ۽ فيصلي موجب سيوڻ جو قلعو مرزا عيسي خان ترخان حوالي ڪيو ويو

مير معصوم کي ٽي فرزند ٿيا 

مير ابوالقاسم

مير محمد فاضل

مير محمد معصوم ولادت ٧ رمضان صبح جو ستين بجي ٩٤٤ ھجري مطابق 7 فيبروري 1528ع.

مير محمد معصوم ٩٧٩ ھجري بکر کي خيرباد چئي گجرات ۽ اتان وڃي مغل بادشاه اڪبر جي دربار سان وابستہ ٿيو ان وقت سندس عمر قريب ٣٥ سال ھئي ۽ وري ٢٠ سالن کان پوء ٩٩٩ ھجري بکر (سنڌ) اڪبر بادشاه جي سپھہ سالار عبدالرحيم خان خانان سان مرزا جاني بيگ ترخان واري معرڪي لاء گڏجي آيو جيڪو صلح جي صورت ۾ حل ٿيو ان بعد ١٠٠٣ ھجريءَ سيويءَ مان ٿيندو قنڌار ويو ۽ ١٠٠٧ ھجري واپس بکر مان ٿيندو مغل دربار ھندستان ويو جتان پنهنجي رحلت جمعو ٦ ذوالحج ١٠١٤ھجري مطابق 4 اپريل 1606ع ٻہ مھينا پهرين واپس بکر آيو 

يعني مغل دربار وڃڻ کان پهرين ڪجهہ عرصو سلطان محمود بکريءَ سان وابستہ رھيو ۽ جڏھن مغل دربار سان وابستہ ٿيو تہ ڪُلُ ساڍا ٽي سال بکر ۾ رھيو جنهن دوران سکر تعمير ٿيندڙ عمارتن جي منصوبابندي ڪئي ڪجهہ پنهنجي موجودگيء ۾ تعمير ڪرايون ۽ ڪجهہ جڙندڙ عمارتن کي سندس فرزند مير بزرگ آخري تڪميل ڪرائي

منارو ١٠٠٣ _ ١٠١٣ ھجري

ان سان گڏ چوڪنڊي والد ۽ ڀاءُ جي مزار مٿان ڇٽي، آرامگاه، فيض محل ١٠٠٤ ھجري

ستياسر ١٠٠٧ ھجري دريا اندر ھڪ ٻيٽ تي ھو جنهن جو ھن وقت وجود ڪونهي 

عيدگاه روھڙي ١٠٠٢ ھجري

جهان نما مسجد ١٠٠٧ ھجري جنهن جو ھن وقت ڪو نشان ڪونهي

ھشت پهلو گنبد ۽ ھفت چاه عمارت

ان کان علاوه حويلي مسجد ۽ ٢٠ ايڪڙن تي باغ جن جو ھن وقت ڪوئي نشان ڪون بچو آھي البتہ پراڻي مسجد مٿان معصومي ساداتن نئين سر مسجد تعمير ڪرائي آھي.

پاڻ مغل دربار جو ھڪ وڏو پائي جو دولتمند عملدار ھو کيس اڪبر سنڌ اندر جاگير طور درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊڪو پرڳڻو ڏنو ھو جڏھن پاڻ رحلت ڪئي تہ پنهنجي پٺيان ٣٠ کان ٤٠ لک روپيا ڇڏي ويو

امداد حسين شاه رضوي روھڙي







Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)

 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد  (مانڪجي لمجي ھتاريا) سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي 183...