Skip to main content

روھڙي شھر اندر پاڻيءَ جا کوھہ

 روھڙي شھر اندر پاڻيءَ جا کوھہ

 ۽ سکر شھر جا جل آشرم.

پاڻيءَ واري کوھ جي تعمير جا شواھد تاريخ ۾ 8 ھزار سال اڳ ملن ٿا. مڪي اندر حضرت ابراھيم جو آب زم زم وارو کوھ بہ نهايت قديم آھي. سنڌ اندر موھن جي دڙي ۾ نڪتل کوھ 5 ھزار سال قديم آھن. 

روھڙي اند قريب ھر محلي ۾ ھڪ کوھ ھو ان سان گڏ ڪجهہ وسندي وارن جي ذاتي گهرن ۽ مسجدن ۾ پڻ کوھ ھئا جن مان اڪثريت کي پورايو ويو آھي. اسان جي روھڙي اندر ڪوٽ مير يعقوب علي شاه جي قلعي جي چوگرد ست کوھ ھوندا ھئا جن مان ھڪ قائم آھي جيڪو استعمال اندر ڪونهي ان کان علاوه سخي دين پناه جي ڀرسان مسجد اندر کوھ ھو جنهن کي سيمنٽ جو ڊڪڻ ڏنو ويو آھي. مولا محب شاه جي مڪان اندر کوھ ھو. عمر ڪس واه تي جانورن جي اسپتال ھيٺان کوھي ھئي. شاه جي اوتاري اندر کوھ ھو. بندر روڊ تي دريا ڀر پريم ڪاٽيج جو کوھ. دريا ڀر وسڻ شاه جو کوھ. پٻن جي پتڻ تي ڀاڀڻڪي گهٽي جي ڇيري تي ديوان سنتداس ڀاٽيا جو کوھ. چبوتري جي اتر ۾ مهراج مرليڌر جو کوھ. ھن جي ڏکڻ طرف سنت ڏيئورام جي دربار ۾ جاجڪي کوھي. شاھي بازار جي اتر طرف ڀائي رگهومل جو جوڙايل ڀائي سرون جي ٽڪاڻي اندر کوھ.  مساڻن اندر مولسنگ ۽ ٺٽو مل جو تعمير ڪرايل کوھ. روھڙي جي پهرين لکاپتي سيٺ ديارام جوتواڻي ٺيڪيدار ڍڪ بازار ۾ سندس نالي سان کوھ. ديوان پريمچند لنڊ ڄيٺائي پارسي ماستر ھو کيس اولاد ڪون ٿي پئسي وارو ھو بندر روڊ تي ٽڪر ھيٺان کوھ کوٽايائين جنهن تي ائٽ ڏاندن سان ھلندو ھو جنهن ڪري ٽڪر محلي وارن کي پاڻي جو وڏو سک رسندو ھو. ان کان علاوه ڪجهہ مسجدن اندر کوھ ھئا جن ۾ ڌڪ بازار اندر ھڪ مسجد اندر ويجهڙائي تائين کوھ قائم ھو. حيدرشاه حقاني مسجد لڳ سيٺ سگنيچند جي جاءِ اندر کوھ ھو جنهن ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ پتل جي گراڙي لڳل ھئي. 

خواجہ خضر جي ماڳ تي بہ ھڪ کوھ ھو.

ھڪ قديم باولي کوھ سيد صدرالدين بکري رضوي جي مزار لڳ بکر جي قلعي اندر اڃان تائين موجود آھي باولي کوھ کي ھيٺ پاڻي تائين مٿان کان ھيٺ تائين ڏاکڻ ٺھيل ھوندي آھي ھندستان اندر مغلن ۽ ٻين بادشاھن جي دور حڪومت جو نهايت خوبصورت باوليون تعمير ٿيل آھن.

جڏھن سکر اندر 1896ع واٽر ورڪس دريا مٿان ۽ ريزر واير  پاڻي جي ٽانڪي تعمير ٿي جنهن ذريعي سکر جي شھرين کي نلڪن ذريعي پاڻي ملڻ شروع ٿيو تہ روھڙي جي شھرين بہ ميونسپالٽي روھڙي

(قائم 1855ع) کان پاڻي جي نلڪن جي گهر ڪئي ان وقت روھڙي ميونسپالٽي کي ايترا وسائل ڪون ھئا جو ھو شھرين کي نلڪا ھڻي ڏين ان وقت روھڙي جي ھڪ سخي مرد سيٺ چندي رام ويرھو مل دولتاڻي (رھائش ماڙي منڊو دائرو پاڻ روھڙي اندر عورتن لاء ھڪ عاليشان ويم گهر پڻ تعمير ڪرايو ھو) کي جڏھن ھن باري ۾ خبر پئي تہ ھن پنج ھزار روپيا ميونسپالٽي کي بنا وياج جي قرض ڏنو ۽ چيائين جڏھن اوھان کي پئسا اچن تہ واپس ڪجو انهن پئسن مان لوه جي ٽانڪي موجوده ڊي ايس پي پوليس جي دفتر سامهون دريا ڀر لوه جي وڏي شاھي ٽانڪي وڏن پولن جي مٿان ٺھي (جيڪا ڪجهہ سال اڳ ڪنهن اداري وارن  ھيءَ تاريخي ٽانڪي اسڪرپ ۾ وڪڻي ڇڏي) جنهن ۾ پاڻي اسٽور ڪري شهر اندر ڏنو ويندو ھو.

 جڏھن شھر ۾ نلڪا لڳا ان بعد آھستي آھستي کوھن جي اھميت ختم ٿيندي وئي ۽ ھن وقت روھڙي شھر ۾ قريب کوھ ناپيد آھن.

سکر جا جل آشرم 

جل  jala سنسڪرت جو لفظ آھي جنهن جي معني آھي پاڻي آشرم پڻ سنسڪرت جو لفظ srama سان ماخود آھي جنهن  جو مطلب آھي مذھبي مشقت

جل آشرم کي اسين سولي سنڌي ۾ چئون پاڻيء جي سبيل 

سکر شھر ۾ اندر مختلف جاين تي شھرين ۽ مسافرن لاء پاڻيءَ جا مٽ رکيل ھوندا ھئا جتي سڄو سال ماڻهن کي پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ھو جن مان ڪجهہ جو ھيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

پئنچاتي جل آشرم 

1895ع ۾ سکر پراڻي تي ٺهيو جيڪو يحيي اکين جي اسپتال لڳ ڦاٽڪ واري جاءِ تي ھو جو مٽن جي نالي سان ٿڌي پاڻيءَ کان مشھور ھو.

مقادم پئنچات جل آشرم

1903ع ميونسپل واٽر ورڪس لڳ بندر روڊ تي جڙيو.

ٽيڪچند ٻانهو مل جل پيئائو 1904ع گرم گودي لڳ  يعني ريلوي ورڪشاپ روڊ تي جڙيو.

جيئو مل جيسو مل جل پيئائو

1906ع فوجداري (A سيڪشن پوليس ٿاڻو) ڀرسا ٺھيو.

ڄيٺانند گيانچند جل آشرم 

1934ع ڳڻيش کوپرا مل جي سامهون شڪارپور رستي تي ٺھيو.

سندر شيوڪ سڀا وارن جو ليوڪس پارڪ وٽ جل آشرم.

غريب آباد نواسي منڊلي وارن جو غريب آباد ۾ جل آشرم.

روھڙي اندر ٿڌو مٽائي گجواڻي زميندار جنهن کي اولاد ڪون ھئي سندس ڌنڌو عوام جي خدمت ڪرڻ ھو سندس جاء شاھي بازار ۾ قاضين جي محلي ڏانهن ويندڙ گهٽي لڳ ھئي جتي سندس ٿڌا مٽ سڄو سال عوام کي پاڻي جي آسائش ڏيندا ھئا جنهن ڪري سندس مٿان نالو ٿڌو مٽائي پئجي ويو.

ٻيو ٿڌا مٽ سيٺ چندي رام پنهنجي تعمير ٿيل ويم گهر ٻاھران رکرايا ھئا جتي ٻاھر کان ايندڙ ماڻهن کي ٿڌي پاڻي سان گڏ مٺ ڀڳڙن جي يا چڻن جي بہ ملندي ھئي.

 ان کان علاوه سبزي مارڪيٽ روھڙي جي اوڀر ۾ پاڻي جا مٽ رکيل ھئا ۽ ان سان گڏ جانورن جي پاڻي پيئڻ جا حوض بہ ٺھيل ھئا 

روھڙي مساڻ روڊ تي ڏيپچند بجاج مختيارڪار آفيس ۾ تپيدارن جي سپروائيزر جانورن جي پاڻي پيارڻ لاءِ حوض ٺھرايا ھئا پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ ڪجهہ وقت ھي پاڻيءَ جا جل آشرم ھليا بعد ۾ ڪجهہ جاين تي مسلمانن اتي سبيلون ھنيون ان کان علاوه روھڙي ريلوي اسٽيشن جي پهرين پليٽ فارم تي ھڪ ننڊي واٽر روم ٺھيل ھئي جتي مٽ رکيل ھوندا ھئا جن مان  ريلوي ملازم مسافرن کي پاڻي پيئاريندو ھو ان وقت انگريزن ھندن ۽ مسلمانن جي پاڻي پيارڻ لاءِ الڳ الڳ گلاس ھوندا ھئا

امداد حسين شاه رضوي روھڙي







Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...