Skip to main content

روھڙي شھر اندر پاڻيءَ جا کوھہ

 روھڙي شھر اندر پاڻيءَ جا کوھہ

 ۽ سکر شھر جا جل آشرم.

پاڻيءَ واري کوھ جي تعمير جا شواھد تاريخ ۾ 8 ھزار سال اڳ ملن ٿا. مڪي اندر حضرت ابراھيم جو آب زم زم وارو کوھ بہ نهايت قديم آھي. سنڌ اندر موھن جي دڙي ۾ نڪتل کوھ 5 ھزار سال قديم آھن. 

روھڙي اند قريب ھر محلي ۾ ھڪ کوھ ھو ان سان گڏ ڪجهہ وسندي وارن جي ذاتي گهرن ۽ مسجدن ۾ پڻ کوھ ھئا جن مان اڪثريت کي پورايو ويو آھي. اسان جي روھڙي اندر ڪوٽ مير يعقوب علي شاه جي قلعي جي چوگرد ست کوھ ھوندا ھئا جن مان ھڪ قائم آھي جيڪو استعمال اندر ڪونهي ان کان علاوه سخي دين پناه جي ڀرسان مسجد اندر کوھ ھو جنهن کي سيمنٽ جو ڊڪڻ ڏنو ويو آھي. مولا محب شاه جي مڪان اندر کوھ ھو. عمر ڪس واه تي جانورن جي اسپتال ھيٺان کوھي ھئي. شاه جي اوتاري اندر کوھ ھو. بندر روڊ تي دريا ڀر پريم ڪاٽيج جو کوھ. دريا ڀر وسڻ شاه جو کوھ. پٻن جي پتڻ تي ڀاڀڻڪي گهٽي جي ڇيري تي ديوان سنتداس ڀاٽيا جو کوھ. چبوتري جي اتر ۾ مهراج مرليڌر جو کوھ. ھن جي ڏکڻ طرف سنت ڏيئورام جي دربار ۾ جاجڪي کوھي. شاھي بازار جي اتر طرف ڀائي رگهومل جو جوڙايل ڀائي سرون جي ٽڪاڻي اندر کوھ.  مساڻن اندر مولسنگ ۽ ٺٽو مل جو تعمير ڪرايل کوھ. روھڙي جي پهرين لکاپتي سيٺ ديارام جوتواڻي ٺيڪيدار ڍڪ بازار ۾ سندس نالي سان کوھ. ديوان پريمچند لنڊ ڄيٺائي پارسي ماستر ھو کيس اولاد ڪون ٿي پئسي وارو ھو بندر روڊ تي ٽڪر ھيٺان کوھ کوٽايائين جنهن تي ائٽ ڏاندن سان ھلندو ھو جنهن ڪري ٽڪر محلي وارن کي پاڻي جو وڏو سک رسندو ھو. ان کان علاوه ڪجهہ مسجدن اندر کوھ ھئا جن ۾ ڌڪ بازار اندر ھڪ مسجد اندر ويجهڙائي تائين کوھ قائم ھو. حيدرشاه حقاني مسجد لڳ سيٺ سگنيچند جي جاءِ اندر کوھ ھو جنهن ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ پتل جي گراڙي لڳل ھئي. 

خواجہ خضر جي ماڳ تي بہ ھڪ کوھ ھو.

ھڪ قديم باولي کوھ سيد صدرالدين بکري رضوي جي مزار لڳ بکر جي قلعي اندر اڃان تائين موجود آھي باولي کوھ کي ھيٺ پاڻي تائين مٿان کان ھيٺ تائين ڏاکڻ ٺھيل ھوندي آھي ھندستان اندر مغلن ۽ ٻين بادشاھن جي دور حڪومت جو نهايت خوبصورت باوليون تعمير ٿيل آھن.

جڏھن سکر اندر 1896ع واٽر ورڪس دريا مٿان ۽ ريزر واير  پاڻي جي ٽانڪي تعمير ٿي جنهن ذريعي سکر جي شھرين کي نلڪن ذريعي پاڻي ملڻ شروع ٿيو تہ روھڙي جي شھرين بہ ميونسپالٽي روھڙي

(قائم 1855ع) کان پاڻي جي نلڪن جي گهر ڪئي ان وقت روھڙي ميونسپالٽي کي ايترا وسائل ڪون ھئا جو ھو شھرين کي نلڪا ھڻي ڏين ان وقت روھڙي جي ھڪ سخي مرد سيٺ چندي رام ويرھو مل دولتاڻي (رھائش ماڙي منڊو دائرو پاڻ روھڙي اندر عورتن لاء ھڪ عاليشان ويم گهر پڻ تعمير ڪرايو ھو) کي جڏھن ھن باري ۾ خبر پئي تہ ھن پنج ھزار روپيا ميونسپالٽي کي بنا وياج جي قرض ڏنو ۽ چيائين جڏھن اوھان کي پئسا اچن تہ واپس ڪجو انهن پئسن مان لوه جي ٽانڪي موجوده ڊي ايس پي پوليس جي دفتر سامهون دريا ڀر لوه جي وڏي شاھي ٽانڪي وڏن پولن جي مٿان ٺھي (جيڪا ڪجهہ سال اڳ ڪنهن اداري وارن  ھيءَ تاريخي ٽانڪي اسڪرپ ۾ وڪڻي ڇڏي) جنهن ۾ پاڻي اسٽور ڪري شهر اندر ڏنو ويندو ھو.

 جڏھن شھر ۾ نلڪا لڳا ان بعد آھستي آھستي کوھن جي اھميت ختم ٿيندي وئي ۽ ھن وقت روھڙي شھر ۾ قريب کوھ ناپيد آھن.

سکر جا جل آشرم 

جل  jala سنسڪرت جو لفظ آھي جنهن جي معني آھي پاڻي آشرم پڻ سنسڪرت جو لفظ srama سان ماخود آھي جنهن  جو مطلب آھي مذھبي مشقت

جل آشرم کي اسين سولي سنڌي ۾ چئون پاڻيء جي سبيل 

سکر شھر ۾ اندر مختلف جاين تي شھرين ۽ مسافرن لاء پاڻيءَ جا مٽ رکيل ھوندا ھئا جتي سڄو سال ماڻهن کي پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ھو جن مان ڪجهہ جو ھيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

پئنچاتي جل آشرم 

1895ع ۾ سکر پراڻي تي ٺهيو جيڪو يحيي اکين جي اسپتال لڳ ڦاٽڪ واري جاءِ تي ھو جو مٽن جي نالي سان ٿڌي پاڻيءَ کان مشھور ھو.

مقادم پئنچات جل آشرم

1903ع ميونسپل واٽر ورڪس لڳ بندر روڊ تي جڙيو.

ٽيڪچند ٻانهو مل جل پيئائو 1904ع گرم گودي لڳ  يعني ريلوي ورڪشاپ روڊ تي جڙيو.

جيئو مل جيسو مل جل پيئائو

1906ع فوجداري (A سيڪشن پوليس ٿاڻو) ڀرسا ٺھيو.

ڄيٺانند گيانچند جل آشرم 

1934ع ڳڻيش کوپرا مل جي سامهون شڪارپور رستي تي ٺھيو.

سندر شيوڪ سڀا وارن جو ليوڪس پارڪ وٽ جل آشرم.

غريب آباد نواسي منڊلي وارن جو غريب آباد ۾ جل آشرم.

روھڙي اندر ٿڌو مٽائي گجواڻي زميندار جنهن کي اولاد ڪون ھئي سندس ڌنڌو عوام جي خدمت ڪرڻ ھو سندس جاء شاھي بازار ۾ قاضين جي محلي ڏانهن ويندڙ گهٽي لڳ ھئي جتي سندس ٿڌا مٽ سڄو سال عوام کي پاڻي جي آسائش ڏيندا ھئا جنهن ڪري سندس مٿان نالو ٿڌو مٽائي پئجي ويو.

ٻيو ٿڌا مٽ سيٺ چندي رام پنهنجي تعمير ٿيل ويم گهر ٻاھران رکرايا ھئا جتي ٻاھر کان ايندڙ ماڻهن کي ٿڌي پاڻي سان گڏ مٺ ڀڳڙن جي يا چڻن جي بہ ملندي ھئي.

 ان کان علاوه سبزي مارڪيٽ روھڙي جي اوڀر ۾ پاڻي جا مٽ رکيل ھئا ۽ ان سان گڏ جانورن جي پاڻي پيئڻ جا حوض بہ ٺھيل ھئا 

روھڙي مساڻ روڊ تي ڏيپچند بجاج مختيارڪار آفيس ۾ تپيدارن جي سپروائيزر جانورن جي پاڻي پيارڻ لاءِ حوض ٺھرايا ھئا پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ ڪجهہ وقت ھي پاڻيءَ جا جل آشرم ھليا بعد ۾ ڪجهہ جاين تي مسلمانن اتي سبيلون ھنيون ان کان علاوه روھڙي ريلوي اسٽيشن جي پهرين پليٽ فارم تي ھڪ ننڊي واٽر روم ٺھيل ھئي جتي مٽ رکيل ھوندا ھئا جن مان  ريلوي ملازم مسافرن کي پاڻي پيئاريندو ھو ان وقت انگريزن ھندن ۽ مسلمانن جي پاڻي پيارڻ لاءِ الڳ الڳ گلاس ھوندا ھئا

امداد حسين شاه رضوي روھڙي







Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

ٻائو امرداس

 ٻائو امرداس اصل حيدرآباد جو ويٺل ھو سندس جنم 1879ع ٿيو حياتيءَ جي پوين 32  ورھين مان ڪجهہ سال سري ساڌٻيلي تيرٿ ۾ رھيو پوءِ وري امر پريس سکر مان 1908ع ۾ ڌرم وير اخبار جاري ڪيائين جيڪا سندس مرتئي 1940ع بعد بند ٿي وئي شيوا جي ڪمن ۾ چڱو بهرو وٺندو ھو ڪانگريس ۽ ھندو سڀا جو عهديدار ٿي رھيو سندس ليڪچر بلند ۽ اثرائتا ھوندا ھئا غريبن، اناٿن ۽ وڌوائن کي بنا ڏيکہ ويکہ جي گهر ويٺي سهاتا ڪندو ھو سندس ديهانت 1940ع ۾ ٿيو.