Skip to main content

بامبي بينڪ سکر

 بامبي بينڪ سکر

سکر ۾ پهرين بينڪ جيڪا قائم ٿي ان جو نالو بامبي بينڪ ھو ٢٧ جنوري ١٩٢١ع ھن بينڪ جو نالو بدلائي امپيريل بينڪ آف انڊيا رکيو ويو ھي بينڪ ان وقت ڪپتان جي بنگلي يعني سکر جي ايس ايس پي جي رھائشگاه جي سامهون ۽ سکر جي پراڻي پاور ھائوس(موجوده واپڊا ڪسٽومر سينٽر) جي اوڀر ۾ ھڪ ميمڻ سيٺ جي ڪرائي تي ورتل عمارت ۾ ڪم ڪندي ھئي

ان بعد ھن جي نئين عمارت سينٽ ميري اسڪول جي سامهون تعمير ڪري کولي وئي جيڪا سادي ھڪ منزلا چونا گچ جي پلستر سان تعمير ٿيل ھئي

 (قيام پاڪستان کان اڳ ھن بينڪ کي چورن زير زمين غار ڪري اسٽرانگ روم مان ناڻو چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جنهن ۾ ھو پڪڙجي پيا ھئا) 

قيام پاڪستان کان پوء ھن بينڪ جو نالو بدلائي نيشنل بينڪ آف پاڪستان رکيو ويو ٣٠ يا ٣٥ سال اڳ ھن بينڪ جي نئين خوبصورت عمارت ساڳي جڳهہ تي تعمير ڪرائي وئي آھي جنهن ۾ ھيٺ نيشنل بينڪ جي مين برانچ آھي ۽ ان مٿان ٻي منزل تي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ڪم ڪري رھي آھي 

پاڪستان جي قيام کان اڳ  سکر اندر ڪجهہ ٻيون بينڪون بہ ڪم ڪنديون ھيون جيڪي بعد بند ٿي ويون جن ۾

 لڪس پارڪ سامهون عربن ڪواپريٽو بينڪ قائم ١٩٢١ع

بندر روڊ تي اڳوڻي ريلوي اسٽيشن لڳ پنجاب نيشنل بينڪ قائم ١٩٣٥ع

بندر روڊ تي سينٽرل بينڪ قائم ١٩٣٥ع

فريئر روڊ تي سنڌ پراونشل ڪو اپريٽو بينڪ قائم ١٩٣٨ع

(امپيريل بينڪ آف انڊيا جو بنياد رکندڙ جان مينارڊ ڪينز ھو)

امداد حسين شاه رضوي روھڙي




Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سوامي خوشيرام

 (سوامي خوشيرام) بابا خوشيرام مندر بندر روڊ روھڙي گذريل جمعي تي محترم شنڪر تلريجا ميسنجر تي ميسيج ڪيو تہ بابا خوشيرام  مندر جي تاريخ بابت ڪجهہ ڄاڻ ڏيو ان ڏس ۾ اڄ وقت مليو تہ ڪجهہ معلومات جيڪا مون وٽ آھي اھا ھتي ڏيان ٿو. قريب 500 ورھيہ اڳ روھڙي جي اولهہ طرف جهنگ ھو سنڌو نديءَ جو دريا لڳو لڳ وھندو ھو بابا گرونانڪ جي رحلت  بعد سندس وڏو پٽ بابا سري چند اداسي (بابا سري چند بن بابا گرونانڪ سندس والده جو نالو سلکهڻي ھو.  پاڻ سنياسي سادھوئن جي فرقي اداسي جو باني ھو سندس جنم 8 سيپٽمبر 1494ع سلطان پور لوڌي جي مقام تي ٿيو جيڪو ھندستاني پنجاب جي ضلع ڪپور ٿلھہ ۾ آھي سندس رحلت 134 سالن جي عمر ۾   13 جنوري 1629ع ڪرتپور ھندستان ۾ ٿي) پنهنجي پوئلڳن سميت ھنگلاج ديوي جي درشن لاءِ پنجاب مان نڪري روھڙي مان اچي گذريا ساڻس گڏ ھڪ شش بابا المست مهاتما بہ ساڻ ھو ھن کي روھڙي جو اولهہ پاسو ايترو وڻيو جو  اتي وڻ ھيٺان دوڻي جڳائي رھي پيو پاڻ مهاتما رند فقير ھو اٺئي پهر ھڪ اَلک جوتي پرش جي ڌيان ۾ گذاريندا ھوا ڪنچن ۽ ڪامني جي پريت کان پري ھوا انهن ڏينهن ۾ بکر  سرڪار جي قلعي ۾...