Skip to main content

فريڊرڪ ھينري ڪوپر

 فريڊرڪ ھينري ڪوپر

ڊپٽي ڪمشنر امرتسر 1857ع

فريڊرڪ ھينري ڪوپر 1869_1827ع برطانوي سول سرونٽ  جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ملازم ھو

 1857ع جنگ آزادي وقت ھي امرتسر جو ڊپٽي ڪمشنر ھو جنهن جي نالي تي لاھور اندر ڪوپر روڊ بہ ھو.

ھي جيمس نيل، جان نڪولس ۽ وليم ھڊسن سان گڏ جنگ آزادي جي مجاھدن کي مارڻ ۾ شامل ھو

 1857 جي شورش دوران 500 مقامي انفينٽري جا سپاھي ميان مير ڇانوڻي لاھور مان نڪتا جن کي اجنالہ ضلعي امرتسر وٽ حڪومت گهيري ۾ آندو جن تي ٻن برٽش آفيسرن جي قتل جو الزام ھو ان تي ڊپٽي ڪمشنر 257 سپاھن کي گوليون ھڻائي ڪجهہ کي زنده کوه ۾ اڇلرايو کوه کي ڪوئلن ۽ پٿرن سان پورائي ڇڏيو جنهن کوه کي شھيدن وارو کوه ڪوٺيو وڃي ٿو

2014 ۾ ھندستاني شوشل ورڪرن کوه جي کوٽائي ڪري باقيات کي ٻاھر ڪڍيو ۽ ڊي اين اي سائنسدانن کان ڪرايو تہ ھي نسلن پٽاڻ ايراني ۽ پاڪستاني علائقي جا نڪتا انهن جا ميڊل بہ نڪتا ۽ انهن جي باقيات مان نڪتل شين مان ماھرن اندازو لڳايو تہ ھي بنگال بهار ۽ اترپرديش جا رھائشي ھئا  چوڻ ۾ اچي ٿو تہ انهن مان ڪجهہ باقيات 1947ع جي دنگن ۾ مرڻ وارن جون بہ آھن.

 1857ع جنگ آزادي دوران روھڙي جي ڪوٽ جان الله شاه مان بہ ھڪ مغل شھزادو گلزار گرفتار ٿيو ھو جيڪو طبلائي جي روپ ۾  ھتي رھائش پزير ھو ۽ حڪومت کي گهربل ھو  جنهن کي ھڪ ماڻھون پڪڙائي مير علي مراد والي خيرپور حوالي ڪيو  ھي شھزادو پڪڙائڻ واري کي منٿون ڪري پيو تہ حڪومت حوالي نہ ڪيو ھو مون کي مارائي ڇڏيندا پر ھن  مير صاحب حوالي ڪيو ۽ جنهن کيس پنهنجي انگريز دوستي برقرار رکندي سکر جي انگريز فوجي آفيسر حوالي ڪيو جن ھن کي سکر ۾ ڦاسي ڏني 

ھي واحد جنگ آزادي جو مجاھد ھو جنهن کي سکر ۾ ڦاسي ڏني وئي ھڪ روايت ھي بہ آھي تہ کيس يورپين جيم خانہ (موجوده آفيسر جيم خانہ) لڳ ميونسپل اسٽيڊيم واري پلاٽ تي جيڪو انگريز فوجين جي راند جو ميدان ھو  توب جي منهن ۾ ڏنو ويو ھو. 

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.






Comments

Popular posts from this blog

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ...

پوسٽ آفيس سکر

(پوسٽ آفيس سکر) پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ڊاڪ جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو. 1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو.  1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق  100 ميل 2 آنہ ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهہ اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ بہ گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي تہ 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻہ دفعا ڪراچي کان ملتان ڊاڪ کڻي ويندا ھئا 1886ع ريل ...

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکي...