Skip to main content

فريڊرڪ ھينري ڪوپر

 فريڊرڪ ھينري ڪوپر

ڊپٽي ڪمشنر امرتسر 1857ع

فريڊرڪ ھينري ڪوپر 1869_1827ع برطانوي سول سرونٽ  جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ملازم ھو

 1857ع جنگ آزادي وقت ھي امرتسر جو ڊپٽي ڪمشنر ھو جنهن جي نالي تي لاھور اندر ڪوپر روڊ بہ ھو.

ھي جيمس نيل، جان نڪولس ۽ وليم ھڊسن سان گڏ جنگ آزادي جي مجاھدن کي مارڻ ۾ شامل ھو

 1857 جي شورش دوران 500 مقامي انفينٽري جا سپاھي ميان مير ڇانوڻي لاھور مان نڪتا جن کي اجنالہ ضلعي امرتسر وٽ حڪومت گهيري ۾ آندو جن تي ٻن برٽش آفيسرن جي قتل جو الزام ھو ان تي ڊپٽي ڪمشنر 257 سپاھن کي گوليون ھڻائي ڪجهہ کي زنده کوه ۾ اڇلرايو کوه کي ڪوئلن ۽ پٿرن سان پورائي ڇڏيو جنهن کوه کي شھيدن وارو کوه ڪوٺيو وڃي ٿو

2014 ۾ ھندستاني شوشل ورڪرن کوه جي کوٽائي ڪري باقيات کي ٻاھر ڪڍيو ۽ ڊي اين اي سائنسدانن کان ڪرايو تہ ھي نسلن پٽاڻ ايراني ۽ پاڪستاني علائقي جا نڪتا انهن جا ميڊل بہ نڪتا ۽ انهن جي باقيات مان نڪتل شين مان ماھرن اندازو لڳايو تہ ھي بنگال بهار ۽ اترپرديش جا رھائشي ھئا  چوڻ ۾ اچي ٿو تہ انهن مان ڪجهہ باقيات 1947ع جي دنگن ۾ مرڻ وارن جون بہ آھن.

 1857ع جنگ آزادي دوران روھڙي جي ڪوٽ جان الله شاه مان بہ ھڪ مغل شھزادو گلزار گرفتار ٿيو ھو جيڪو طبلائي جي روپ ۾  ھتي رھائش پزير ھو ۽ حڪومت کي گهربل ھو  جنهن کي ھڪ ماڻھون پڪڙائي مير علي مراد والي خيرپور حوالي ڪيو  ھي شھزادو پڪڙائڻ واري کي منٿون ڪري پيو تہ حڪومت حوالي نہ ڪيو ھو مون کي مارائي ڇڏيندا پر ھن  مير صاحب حوالي ڪيو ۽ جنهن کيس پنهنجي انگريز دوستي برقرار رکندي سکر جي انگريز فوجي آفيسر حوالي ڪيو جن ھن کي سکر ۾ ڦاسي ڏني 

ھي واحد جنگ آزادي جو مجاھد ھو جنهن کي سکر ۾ ڦاسي ڏني وئي ھڪ روايت ھي بہ آھي تہ کيس يورپين جيم خانہ (موجوده آفيسر جيم خانہ) لڳ ميونسپل اسٽيڊيم واري پلاٽ تي جيڪو انگريز فوجين جي راند جو ميدان ھو  توب جي منهن ۾ ڏنو ويو ھو. 

امداد حسين شاه

ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.






Comments

Popular posts from this blog

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبري...

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳي...

سوامي خوشيرام

 (سوامي خوشيرام) بابا خوشيرام مندر بندر روڊ روھڙي گذريل جمعي تي محترم شنڪر تلريجا ميسنجر تي ميسيج ڪيو تہ بابا خوشيرام  مندر جي تاريخ بابت ڪجهہ ڄاڻ ڏيو ان ڏس ۾ اڄ وقت مليو تہ ڪجهہ معلومات جيڪا مون وٽ آھي اھا ھتي ڏيان ٿو. قريب 500 ورھيہ اڳ روھڙي جي اولهہ طرف جهنگ ھو سنڌو نديءَ جو دريا لڳو لڳ وھندو ھو بابا گرونانڪ جي رحلت  بعد سندس وڏو پٽ بابا سري چند اداسي (بابا سري چند بن بابا گرونانڪ سندس والده جو نالو سلکهڻي ھو.  پاڻ سنياسي سادھوئن جي فرقي اداسي جو باني ھو سندس جنم 8 سيپٽمبر 1494ع سلطان پور لوڌي جي مقام تي ٿيو جيڪو ھندستاني پنجاب جي ضلع ڪپور ٿلھہ ۾ آھي سندس رحلت 134 سالن جي عمر ۾   13 جنوري 1629ع ڪرتپور ھندستان ۾ ٿي) پنهنجي پوئلڳن سميت ھنگلاج ديوي جي درشن لاءِ پنجاب مان نڪري روھڙي مان اچي گذريا ساڻس گڏ ھڪ شش بابا المست مهاتما بہ ساڻ ھو ھن کي روھڙي جو اولهہ پاسو ايترو وڻيو جو  اتي وڻ ھيٺان دوڻي جڳائي رھي پيو پاڻ مهاتما رند فقير ھو اٺئي پهر ھڪ اَلک جوتي پرش جي ڌيان ۾ گذاريندا ھوا ڪنچن ۽ ڪامني جي پريت کان پري ھوا انهن ڏينهن ۾ بکر  سرڪار جي قلعي ۾...