Skip to main content

Posts

سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون)

 سکر جا ڪتب خانا (لائبريريون) لائبريري لاطيني زبان جو لفظ آھي جيڪو لائبر مان جڙيو آھي جنهنجي معني آھي ڪتاب يعني سادن لفظن ۾ چئجي لائبريري ان جڳهہ کي چئبو آھي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معلوماتي مواد کي جمع ڪيو وڃي. روايتي طور تي پڙھڻ يا مطالعہ جي استعمال ٿيندڙ ڪمرو جنهن ۾ اھڙو ذخيرو رکيو وڃي. دنيا جي قديم لائبريري آشور باني پال  آشورين جي بادشاه 668 ۽ 631 قبل مسيح جي درميان نينويٰ موجده عراق اندر موصل جي قريب قائم ڪئي ھئي جنهن جي لکت کي ڪاغذ جي ايجاد کان پهرين آلين ڪاٺين تي عبارتون لکي خشڪ ڪري محفوظ ڪري رکيو ويندو ھو ان سان گڏ مٽيءَ جي پٽين تي ڪينيفارم لکت لکرائي ويندي ھئي. عرب دنيا جي قديم لئبريري  مراڪش جي فيز شھر جي القاروييس لائبرري آھي جيڪا 1359ع القارويين يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي وئي ھن جي قديم ڪتاب ۽ دستاويز اڳ الماڙين ۾ بند ھوندا ھئا ھاڻي انهن کي پبلڪ لاء کوليو ويو آھي. دنيا جو پهريون (librarian)  لائبريرين zenodotus جو Ephesus ھو جيڪو بطليموس اول جي دور حڪومت جي پڄاڻي تي ان عهدي تي فائز ھو پاڻ ھڪ يوناني گرامر ، ادبي نقاد ۽ اسڪالر ھو. ھن وقت دنيا جي وڏي لائبريري لائبريري آف ڪانگ
Recent posts

سکر جي خوبصورت عمارتن جو معمار

 سکر جي خوبصورت عمارتن جو معمار مير محمد معصوم بکري بن سيد مير صفائي موسوي مير محمد معصوم بکري جا وڏا اصل ترمز ازبڪستان جا رھائشي ھئا شيبائي خان ۽ ايران جي بادشاه جي جنگ جدل ڪري اتان لڏي اچي قنڌار جي لڳ اشڪلچہ ڳوٺ ۾ رھيا  سندس والد مير صفائي جو بکر (سکر) اچڻ جو سبب ان وقت جي بکر جي حڪمران ارغون خاندان سان پراڻا تعلقات ھو. سلطان محمود بکريءَ جي والد مير فاضل ڪولتاش مير صفائيء جي وڏي ڏاڏي سيد حسن ابدال (بابا ولي قنڌاري) جو معتقد ھو. مير  محمد معصوم جو نانو مير ڪلان موسوي پڻ قنڌار افغانستان مان ھجرت ڪري سيوڻ جي پسگردائي ۾ رھائش اختيار ڪئي  مير صفائي جي شاديءَ وارو رشتو مير ڪلان موسويءَ سان سلطان محمود بکريء ڪرايو ھو مير ڪلان موسوي سيوڻ جي قلعي تي حاڪمي وارو فيصلو مرزا عيسي خان ترخان ۽ سلطان محمود بکري جي وچ ۾ منصف طور ڪيو ھو ۽ فيصلي موجب سيوڻ جو قلعو مرزا عيسي خان ترخان حوالي ڪيو ويو مير معصوم کي ٽي فرزند ٿيا  مير ابوالقاسم مير محمد فاضل مير محمد معصوم ولادت ٧ رمضان صبح جو ستين بجي ٩٤٤ ھجري مطابق 7 فيبروري 1528ع. مير محمد معصوم ٩٧٩ ھجري بکر کي خيرباد چئي گجرات ۽ اتان وڃي مغل بادشا

روھڙي شھر اندر پاڻيءَ جا کوھہ

 روھڙي شھر اندر پاڻيءَ جا کوھہ  ۽ سکر شھر جا جل آشرم. پاڻيءَ واري کوھ جي تعمير جا شواھد تاريخ ۾ 8 ھزار سال اڳ ملن ٿا. مڪي اندر حضرت ابراھيم جو آب زم زم وارو کوھ بہ نهايت قديم آھي. سنڌ اندر موھن جي دڙي ۾ نڪتل کوھ 5 ھزار سال قديم آھن.  روھڙي اند قريب ھر محلي ۾ ھڪ کوھ ھو ان سان گڏ ڪجهہ وسندي وارن جي ذاتي گهرن ۽ مسجدن ۾ پڻ کوھ ھئا جن مان اڪثريت کي پورايو ويو آھي. اسان جي روھڙي اندر ڪوٽ مير يعقوب علي شاه جي قلعي جي چوگرد ست کوھ ھوندا ھئا جن مان ھڪ قائم آھي جيڪو استعمال اندر ڪونهي ان کان علاوه سخي دين پناه جي ڀرسان مسجد اندر کوھ ھو جنهن کي سيمنٽ جو ڊڪڻ ڏنو ويو آھي. مولا محب شاه جي مڪان اندر کوھ ھو. عمر ڪس واه تي جانورن جي اسپتال ھيٺان کوھي ھئي. شاه جي اوتاري اندر کوھ ھو. بندر روڊ تي دريا ڀر پريم ڪاٽيج جو کوھ. دريا ڀر وسڻ شاه جو کوھ. پٻن جي پتڻ تي ڀاڀڻڪي گهٽي جي ڇيري تي ديوان سنتداس ڀاٽيا جو کوھ. چبوتري جي اتر ۾ مهراج مرليڌر جو کوھ. ھن جي ڏکڻ طرف سنت ڏيئورام جي دربار ۾ جاجڪي کوھي. شاھي بازار جي اتر طرف ڀائي رگهومل جو جوڙايل ڀائي سرون جي ٽڪاڻي اندر کوھ.  مساڻن اندر مولسنگ ۽ ٺٽو مل جو تعمير

خوني دروازو دھلي

 خوني دروازو دھلي اصل نالو ڪابلي دروازو 1611ع ۾ يورپين واپاري وليم فنچ دھلي ھندستان آيو جيڪو لکي ٿو تہ دھلي ۾ ست قلعا آھن جن کي 52 دروازا آھن.  جن مان ھن وقت 13 دروازا بچا آھن انهن 52 دروازن مان ڪجهہ جا ھي نالا آھن  1.ڪابلي دروازو 2.راج گهاٽ دروازو 3.خضري دروازو 4.نگم بودھہ دروازو 5.ڪيلا جي گهاٽ جو دروازو 6.لال دروازو 7.ڪشميري دروازو 8.پٿر ڪٽي دروازو 9.لاھوري دروازو 10.اجميري دروازو 11.بدر دروازو 12. ترڪمان دروازو 13. رنجيت دروازو 14.موري دروازو 14.خيراتي دروازو 15.فراش خانہ دروازو 16.دھلي دروازو 17. ڪلڪتو دروازو اڪثر دروازن جا نالا دھلي کان نڪرندڙ مختلف شھرن جي رستن جي مناسبت سان رکيل ھئا جينئن لاھور ڏانهن ويندڙ رستي کي لاھوري دروازو ڏنو ويو وغيره. ھاڻي اچون خوني دروازي طرف جنهن جو اصل نالو ڪابلي دروازو ھو  اڳ بادشاه ماڻھن ۾ وحشت وجهڻ لاءِ اڪثر ماڻھن کي سزا ڏئي مين چوراھن تي، مک گذرگاه يا قلعي جي دروازن تي انهن جو مڙھہ اڇلائي يا ٽنگائي ڇڏيندا ھئا ڪابلي دروازي تي پهريون واقعو مغل بادشاه جهانگير جي دور ۾ رونما ٿيو جڏھن اڪبر بعد جانشيني جو مسئلو ٿيو تہ عبدالرحيم خان خانا بن بيرم خ

بامبي بينڪ سکر

 بامبي بينڪ سکر سکر ۾ پهرين بينڪ جيڪا قائم ٿي ان جو نالو بامبي بينڪ ھو ٢٧ جنوري ١٩٢١ع ھن بينڪ جو نالو بدلائي امپيريل بينڪ آف انڊيا رکيو ويو ھي بينڪ ان وقت ڪپتان جي بنگلي يعني سکر جي ايس ايس پي جي رھائشگاه جي سامهون ۽ سکر جي پراڻي پاور ھائوس(موجوده واپڊا ڪسٽومر سينٽر) جي اوڀر ۾ ھڪ ميمڻ سيٺ جي ڪرائي تي ورتل عمارت ۾ ڪم ڪندي ھئي ان بعد ھن جي نئين عمارت سينٽ ميري اسڪول جي سامهون تعمير ڪري کولي وئي جيڪا سادي ھڪ منزلا چونا گچ جي پلستر سان تعمير ٿيل ھئي  (قيام پاڪستان کان اڳ ھن بينڪ کي چورن زير زمين غار ڪري اسٽرانگ روم مان ناڻو چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جنهن ۾ ھو پڪڙجي پيا ھئا)  قيام پاڪستان کان پوء ھن بينڪ جو نالو بدلائي نيشنل بينڪ آف پاڪستان رکيو ويو ٣٠ يا ٣٥ سال اڳ ھن بينڪ جي نئين خوبصورت عمارت ساڳي جڳهہ تي تعمير ڪرائي وئي آھي جنهن ۾ ھيٺ نيشنل بينڪ جي مين برانچ آھي ۽ ان مٿان ٻي منزل تي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ڪم ڪري رھي آھي  پاڪستان جي قيام کان اڳ  سکر اندر ڪجهہ ٻيون بينڪون بہ ڪم ڪنديون ھيون جيڪي بعد بند ٿي ويون جن ۾  لڪس پارڪ سامهون عربن ڪواپريٽو بينڪ قائم ١٩٢١ع بندر روڊ تي اڳوڻي ريلوي

فريڊرڪ ھينري ڪوپر

 فريڊرڪ ھينري ڪوپر ڊپٽي ڪمشنر امرتسر 1857ع فريڊرڪ ھينري ڪوپر 1869_1827ع برطانوي سول سرونٽ  جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ملازم ھو  1857ع جنگ آزادي وقت ھي امرتسر جو ڊپٽي ڪمشنر ھو جنهن جي نالي تي لاھور اندر ڪوپر روڊ بہ ھو. ھي جيمس نيل، جان نڪولس ۽ وليم ھڊسن سان گڏ جنگ آزادي جي مجاھدن کي مارڻ ۾ شامل ھو  1857 جي شورش دوران 500 مقامي انفينٽري جا سپاھي ميان مير ڇانوڻي لاھور مان نڪتا جن کي اجنالہ ضلعي امرتسر وٽ حڪومت گهيري ۾ آندو جن تي ٻن برٽش آفيسرن جي قتل جو الزام ھو ان تي ڊپٽي ڪمشنر 257 سپاھن کي گوليون ھڻائي ڪجهہ کي زنده کوه ۾ اڇلرايو کوه کي ڪوئلن ۽ پٿرن سان پورائي ڇڏيو جنهن کوه کي شھيدن وارو کوه ڪوٺيو وڃي ٿو 2014 ۾ ھندستاني شوشل ورڪرن کوه جي کوٽائي ڪري باقيات کي ٻاھر ڪڍيو ۽ ڊي اين اي سائنسدانن کان ڪرايو تہ ھي نسلن پٽاڻ ايراني ۽ پاڪستاني علائقي جا نڪتا انهن جا ميڊل بہ نڪتا ۽ انهن جي باقيات مان نڪتل شين مان ماھرن اندازو لڳايو تہ ھي بنگال بهار ۽ اترپرديش جا رھائشي ھئا  چوڻ ۾ اچي ٿو تہ انهن مان ڪجهہ باقيات 1947ع جي دنگن ۾ مرڻ وارن جون بہ آھن.  1857ع جنگ آزادي دوران روھڙي جي ڪوٽ جان الله ش

1955ع ۾ سنڌ اندر ھنري ڪم

 1955ع ۾ سنڌ اندر ھنري ڪم  حوالو اٽلس جاگرافي سنڌ (جنڊي ۽ ڪاشي) ھالا، ڪشمور ۽ عمرڪوٽ (لونگيون) ٺٽو (پتل ۽ ڪُٽ جو سامان) لاڙڪاڻو ۽گهوٽڪي (کيس ۽ اجرڪون) نصرپور، ٺٽو ۽ خيرپور (حقا، پاکڙا ۽ دٻا) نبي سر، ڇاڇرو ۽ مٺي (فراسيون) جيڪب آباد ۽ نوشهرو (کٿا ۽ لويون) ڇاڇرو، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ (غاليچا) بوبڪ (رنگہ ڏيڻ جو ڪم) ميرپور بٺورو (ڪپهہ ٽاڻڻ) حيدرآباد، ٽنڊوآدم، شهدادپور ۽ ميرپورخاص امداد حسين شاه  ڪوٽ مير يعقوب علي شاه روھڙي.