Skip to main content

Posts

Showing posts from November, 2023

ڪوه نور ھيري جو سفر

 (ڪوه نور ھيري جو سفر) ھي ھيرو ھندستان جي رياست آنڌراپرديش تلنگانہ جي گوداوري ڊيلٽا مان حاصل ٿيو  ھي ھندستان جي راجا مهاراجا وٽ نسل درنسل رھيو جنهن بعد ڪاڪتيہ خاندان کان علاوالدين خلجي حاصل ڪيو ان بعد ابراھيم لوڌھي جي والده ھوا بيگم ھمايون بادشاه کي نزراني ۾ ڏنو جتان اڪبر، جهانگير ۽ شاهجهان وٽ پهتو ھڪ روايت ھيءَ بہ آھي تہ ھي ھيرو شاه جهان کي ھيرن جي تاجر ميرجملہ کيس تحفي ۾ ڏنو ھو جنهن ھن ھيري کي پنهنجي تاج ۾ ھڻايو جتان مغل خاندان مان ٿيندو مغل بادشاه محمد شاه وٽ پهتو جنهن کان نادر شاه 1739ع ھن ھيري سميت سڄي مغلن خاندان جي گڏ ڪيل دولت لٽي ايران کڻي ويو جنهن ھن ھيري کي ڪوه نور (روشني جو پهاڙ) نالو ڏنو نت روايت آھي تہ ھمايون ھن کي بابر نالو ڏنو ھو جڏھن نادر شاه 2 جون 1747ع قوچان خورستان ۾ قتل ٿيو تہ ھي ھيرو سندس سپه سالار احمد شاه ابدالي کي ھٿ لڳو کيس نڪ تي ھڪ ڦرڙي نڪتي جنهن سندس نڪ ختم ڪري ڇڏيو ھن ان لاءِ ھڪ مصنوعي نڪ تيار ڪرايو جنهن ۾ موتي ۽ ھيرا لڳل ھئا جيڪو ھي ان عيب کي لڪائڻ لاءِ پائيندو ھو جيڪا ڦرڙي وڌي ڪينسر ۾ تبديل ٿي 1772ع ۾ کيس بستر مرگ تي پهچايو جنهن بعد ھي ھيرو سندس پٽ تيم

منزلگاه دنگن دوران روھڙي ۾ امن لاءِ ڪوٽائي سيدن جو ڪردار.

 منزلگاه دنگن دوران روھڙي ۾ امن لاءِ ڪوٽائي سيدن جو ڪردار. روھڙي شھر اندر ريلوي اسٽيشن لڳ 14 ايڪڙن مٿان جڙيل قلعو شاه آباد ۾ مقيم رضوي سيدن کي ڪوٽائي سيد بہ سڏيو وڃي ٿو ڇو جو قلعي کي وڏين ديوارن جي آلم پناه ڪري ڪوٽ بہ ڪوٺيو ويندو آھي جنهن ڪري ھن قلعي کي ھن وقت ڪوٽ مير يعقوب علي شاه ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ان اندر رھندڙن کي ڪوٽائي سيد جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. رضوي سيد امام علي نقي عليه سلام جي اولاد آھن سندن وڏو ڏاڏو سيد محمد مڪي بکري 658ھہ بکر يعني سکر ۾ آيا سندس آمد تي سندس اولاد مان جهانسي ھندستان ۾ رھندڙ سيد معين الحق جهونسوي اٺين ھجري ۾ ڪتاب منبع الانساب لکيو آھي جنهن ۾ سندس آمد ڇهين ھجري ڏيکاري آھي سيد محمد مڪي کي سيد صدرالدين فرزند ٿيو جنهن کي ٻن گهرن مان ڏھہ فرزند ٿيا جن مان پنج صاحب اولاد ٿيا ڪوٽائي سيد جو نسب نامہ ھن ريت آھي نواب مير يعقوب رضوي  بن سيد مير ميران ثاني بن سيد يعقوب بن سيد ابو اسحاق بن سيد ابوالخير بن سيد ٻڌل بن سيد نعمت الله بن سيد رڪن الدين  بن سيد سعدالدين بن سيد مير ميران اول بن سيد خواجہ خلق الصدق بن سيد تاج الدين بن سيد صدرالدين بکري ڪوٽائي رضوي سيدن جا وڏا پ

لئنسڊائون پل جي افتتاح وقت دعا جا ڪلمات ادا ڪرڻ وارو (عيسائي پادري) بشپ (ھينري جيمز ميٿيو)

 لئنسڊائون پل جي افتتاح وقت دعا جا ڪلمات ادا ڪرڻ وارو  (عيسائي پادري) بشپ (ھينري جيمز ميٿيو) 27 مارچ 1889ع تي سکر ۾ لئنسڊائون پل جو افتتاح ٿيو ان وقت سنڌ سميت سڄي ھندستان تي برطانيا جي حڪومت ھئي جن جو مذھب عيسائي ھو پل جو افتتاح بہ گورنر بمبئي لارڊ ري ڪيو ۽ ان سان گڏ قريب سڀ انگريز آفيسر جيڪي پل سان وابستہ ھئا اھي پڻ عيسائي ھئا جنهن ڪري حڪومت دعا جا ڪلمات ادا  ڪرڻ لاءِ لاھور جي بشپ ھينري جيمز ميٿيو کي گهرايو جنهن پل جي افتتاح وقت دعا جي ھي ڪلمات ادا ڪيا اسان جي مدد رب جي نالي سان آھي جنهن ھن زمين ۽ آسمان کي ٺاھيو آھي ۽ ان جي مبارڪ نالي سان ھن پل جو افتتاح ٿئي پيو موجوده پاڪستان ۾  ان وقت لاھور جي چرچ   چرچ آف انگلينڊ جي ماتحت ڪم ڪندي ھئي ان بعد 1927 ۾ چرچ آف انڊيا، برما ۽ سيلون جو بنياد پيو ميٿيو رائيٽ ريو ھينري جيمس  جي ولادت ڪيمبريج برطانيا ۾  15 جنوري 1837ع ۾ ٿي ابتدائي تعليم ميٿيو سينٽ پال اسڪول ۽ ٽرينٽي ڪاليج ڪيمبريج مان حاصل ڪئي 1861ع۾ ordained )عيسائي مذھب جو ننڊو نمائيندو) مقرر ٿيو 1866ع بنگال ايسٽبلشمينٽ ۾ chaplain مقرر ٿيو(عيسائي پادري جو رڪن جيڪو اسڪول جيل اسپتال ۽ فوج ا

سکر شهر جي مشھور لمجي چاڙھي جو موجد (مانڪجي لمجي ھتاريا)

 سکر شهر جي مشھور  لمجي چاڙھي جو موجد  (مانڪجي لمجي ھتاريا) سکر شهر اندر منارا روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس بلڊنگ جي اولهہ طرف کان ھڪ رستو ھيٺ ڏکڻ طرف وڃي ٿو جيڪو ٿوري اڳتي وڃي سوڙھو ٿي لاھي جي شڪل ۾ صرافہ بازار ۽ فريئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي سکر واسي مختلف نالن سان ياد ڪن ٿا نم جي چاڙھي، نيم کی چاڑہی، ليمجي جي چاڙھي پر اصل نالو لمجي چاڙھي آھي موجوده نئون سکر 1838ع اندر آباد ٿيو اڳ مٿي ٽڪر وارو علائقو قبرستان ھو ۽ ھيٺ بندر روڊ کان وٺي لمجي چاڙھي تائين وڏو جهنگ ھو ۽ ڪجهہ حصي تي کيتي ٻاڙي ھئي گهنٽا گهر ۽ ان پاسي پوکي ٿيندي ھئي جڏھن انگريز ھتي آيا تہ نئين سکر ۾  صرف ٽي عمارتون معصوم شاه جون تعمير ڪرايل ان وقت سلامت ھيون ھڪ منارو ٻيو بندر روڊ تي منزلگاه ٽيون ھشت پهلو سراه ڊسٽرڪٽ جيل سامهون  نئين سکر جي ھيٺين علائقي تي سنڌو جي آبڪلياڻي واري پاڻي ۽ ڏومڙ تلاءُ تي زمينون آباد ٿينديون ھيون جنهن کي ھاڻي سڪو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو اڳ پراڻو سکر آباد ھو جتي بکر قلعي جا عهديدار شاه خيرالدين جي مزار لڳ گورنر ھائوس ۾ رھندا ھئا ان لڳ ٻي بہ ٿوري گهڻي آبادي ھئي ۽ مهاڻن جي مياڻي پڻ ھئي 1838ع انگريز فوج پهرين اينگ

شاه شجاع بن تيمور شاه بن احمد شاه ابداليءَ جا شڪارپور واسين مٿان ظلم

 شاه شجاع بن تيمور شاه بن احمد شاه ابداليءَ جا شڪارپور واسين مٿان ظلم ڄم 4 نومبر 1785ع موت 5 اپريل 1842ع سندس چاچي جي چوڻ تي شجاع الدولہ کيس ڪابل ۾ قتل ڪيو. سندس پهريون دور حڪومت افغانستان مٿان 13 جولاءِ 1803ع کان 3 مئي 1809ع ٻيو دور حڪومت 7 آگسٽ 1839ع کان 5 اپريل 1842ع ھي افغانستان ۾ پنهنجي حڪومت وڃائي ڪشمير پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رھيو  مغلن وارو ڪوه نور ھيرو جيڪو نادر شاه لُٽي ايران کڻي ويو سندس قتل بعد  احمد شاه ابدالي کي ھٿ لڳو جنهن بعد تيمور شاه ۽ پوءِ شاه شجاع وٽ پهتو ھو پنجاب جي حڪمران رنجيت سنگهہ کي خبر ھئي تہ ڪوه نور ھيرو ھن وٽ آھي تنهن کيس قيد ڪري ھن کان زوريءَ ھيرو ھٿ ڪيو ٻين ھنڌ تہ ھي لٽ مار ۽ عياشي ڪون ڪري سگيو پر سنڌ اندر نادر شاه دور کان سنڌو دريا جو  سڄو پاسو ايرانين حوالي ٿيو ۽ ان بعد احمد شاه ابدالي يرغمالي ڪيو ۽ ھن شڪارپور ۾ پنهنجا گورنر لڳائڻ شروع ڪيا جيڪو ان وقت سنڌ جو سڀ کان  مالدار ۽ وڏو ڪاروباري شھر ھو جتي شاه شجاع 1819ع کان 1821ع تائين گوڏا کوڙي اچي ويهي رھيو ۽ ايتري لٽمار ۽ ظلم ڪيو جو شڪارپور جو ھر ماڻھون ھن مان بيزار ۽ بد دعا ڏيڻ لڳو سندس ھوس جا ٻہ حوالہ مان

لئنسڊائون پل جا شمعدان

 (لئنسڊائون پل جا شمعدان) سهولتن ۽ وسائل جي کوٽ دوران برٽش انتظاميا 1883_ 1889ع اسان سکر روھڙي واسين کي ھڪ شاھڪار عجوبو لئنسڊائون پل تعمير ڪري ڏئي ويا جنهن ۾ سندن بہ گهڻي دلچسپي ۽ نفعي جو عنصر شامل ھو پل جي افتتاح 27 مارچ 1889ع کان 6 مئي 1962ع تائين ھن پل تي ريلوي انتظاميا مک ويھڻ بہ برداش ڪون ڪندي ھئي پر سندن ريلوي سروس ايوب پل تي منتقل ٿيڻ بعد آھستي آھستي ھن پل جي اھميت ختم ٿيندي وئي پوءِ بہ ھو ھن جي ٿوري گهڻي مالڪي 1990ع تائين ڪندا آيا پر بعد ۾ پاڪستاني ٽرانسپورٽ مافيا ھن اداري کي سندس ناخدا ھٿان آھستي آھستي کوکلو ڪندا ويا اڄ اھا حالت آھي جو ھو پنهنجو ٽريڪ بہ سنڀالي نٿا سگهن تہ ھن پل جي مالڪي ڇا ڪندا جيڪي ڪالهہ ھن پل کي رنگ روغن، صفائي ۽ روشنائي سان چمڪائي بيٺا ھئا اڄ ان اداري ھاءِ ڪورٽ ۾ لکي ڏنو آھي تہ اسان جو ھن پل سان واسطو ڪونهي مان ھاڻي پنهنجي رکيل ٻن تصويرن جي طرف اڃان ٿو جيڪي پل جي کٻي ۽ سڄي پاسي جون مون گذريل ڏينهن ڪڍيون  جڏھن ھن پل جو افتتاح 1889ع ٿيو تہ ھن پل مٿان رات جي وقت شمعدان ٻرندا ھئا جن لاءِ ماڻهون مقرر ھو جيڪو شام جو ھن جي صفائي ڪري تيل وجهي روشن ڪندو ھو ۽ صبح

Alexander Burnes || اليگزينڊر برنس

برطانوي جاسوس، مهم جو  سکر ۾ پارسي تاجرن کي وٺي اچي ڪاروبار شروع ڪرائڻ واري شخصيت  پاڻ 16 مئي 1805ع مونٽرور فورفاشائر اسڪاٽ لينڊ ۾ پيدا ٿيو 16 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ کيس 1822ع سورت ۾ ترجمان مقرر ڪيو ويو ھي اردو ۽ فارسي زبان ڄاڻيندو ھو ۽ 1823 کان 1829ع ڪڇ اندر ڀڄ ۾ پوسٽ ٿيو جتان سنڌ تي بہ نظر رکندو رھيو 1831ع برطانيا طرفان رنجيت سنگهہ کي گهوڙن جو تحفو ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو جيڪو سنڌو ندي رستي ھو جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي آبي رستي جي ماپ ۽ سروي  ڪري نقشو تيار ڪرڻو ھو لاھور ۾ راجا رنجيت سنگهہ کي گهوڙا ڏئي پاڻ افغانستان ترڪمستان ۽ ايران ٿيندو آيو ساڻس گڏ سندس منشي موھن لال ڪشميري ھو اھي ظاھري طور تہ تجارتي مھم ھئي پر حقيقت ۾ سياسي سفر ھو جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ جاسوسي ڪري معلومات ڪٺي ڪرڻي ھئي ھن ان دوري دوران 1832ع افغانستان جي باميان علائقي ۾ پهريون دفعو ٻڌ جي مجسمن کي دنيا اڳيان آندو ھن ھڙپا جي دڙي بابت بہ معلومات ڏني ھي پراڻن سڪن  گڏ ڪرڻ جو شوقين ۽ سڪندر جي سفر جي رستي جي ڳولا ۾ پڻ ھو  1836ع کان 1839ع پهرين ايگلو افغان مهم ۾ ھي اڳيان اڳيان ھو ان مهم دوران

روھڙي، بکر ۽ سکر جي درميان کجين جي ٿڙن مان جڙيل پل

1839ع  روھڙي، بکر ۽ سکر جي درميان  کجين جي ٿڙن مان جڙيل  پل برٽش فوج افغانستان وڃڻ لاءِ 29 ڊسمبر 1838ع روھڙي پهتي 24 جنوري 1839ع بکر جي قلعي ۾ پهتا روھڙي ۽ سکر جي وچ ۾ پٿر واري ٻيٽ جي ساڄي ڪناري تي 29 جنوري بغير مخالفت جي قبضو ڪيو ٿامسن جارج چيف انجنيئر بنگال سيپرس دريا تي پل ٺاھڻ جي تياري ڪئي روھڙي ۽ بکر جي وچ ۾ وھندڙ ندي اٽڪل 360 گز (1080 فوٽ) ھئي ۽ بکر سکر جي وچ ۾ اٽڪل 130 گز  (390 فوٽ) ويڪري ھئي ٻنهي ۾ پاڻي چڪي ڦيٿي جي وھڪري وانگر وھندو ھو ٿامسن سکر جي پوليٽيڪل آفيسر کي اڳواٽ چوائي موڪليو ھو تہ روھڙي ۾ پل جي اڏاوت لاءِ اڳ ئي سامان گڏ ڪري رکي پر جڏھن ھو پهتو تہ اتي ڪجهہ بہ سامان گڏ ٿيل ڪون ھو ھن وڏي محنت سان ٻيڙيون خريد ڪيون کجين جا وڻ وڍرايا ۽ دريا ۾  لاٿا گاه کي وڪوڙي ان مان نوڙيون ٺاھيون ننڊن وڻن جا ٿڙ (يعني کجين جا) پاڻ ۾ ملائي پٿر سان ڀري دريا ۾ پل ٺاھي جيڪا يارھن ڏينهن ۾ ھڪ سٺي فوجي پل ٺھي تيار ٿي سر ھينري ڊيورنڊ لکيو آھي تہ ٿامس کي اھڙي قابليت ۽ وڏي پيماني تي ڪامياب ڪم ڪرڻ تي ساراه ڪئي وئي ھئي ڇاڪاڻ تہ سنڌو تي پل اڏڻ ھڪ وڏو ڪارنامو ھو جنهن سان برٽش فوج ھڪ وڏي رڪاوٽ پار ڪئ