Skip to main content

Posts

Showing posts from February, 2024

سنڌ اندر پهرين فوجي جاسوسيءَ محڪمو

 سنڌ اندر پهرين فوجي جاسوسيءَ محڪمي جو بنياد ميجر ڪليبارن 1839ع ۾ بکر سکر ۾ رکيو جڏھن پاڻ روزانا جي بنياد تي انگريز سرڪار کي خطي جي خفيہ معلومات موڪليندو ھو پاڻ انگريز فوج جي توبخاني جو انچارج ھو ۽ ھي اھو انگريز آفيسر ھو جيڪو روھڙي شھر کي 1840ع ۾ توبخاني سان مسمار ڪري پيو جڏھن عيد جي ڏينهن انگريز فوج جي ڪجهہ ڏيهي فوجن روھڙيء اندر مسجد ۾ ناچ گانو ڪرايو جنهن تي روھڙيءَ واسين کين ڏاڍي مار ڪٽ ڪري  دريا پتڻ تائين پڄايو جتان ھو ٻيڙين ذريعي ڀڄي اچي برٽش ريزيڊنسي جيڪا منزل گاه بندر روڊ سکر تي ھئي پهتا جنهن ۾ ھو ڪافي ڦٽجي پيا ۽ ھڪ سپاھي جي ٻانهہ بہ ڪٽجي پئي بعد ۾ حقيقت جاچڻ تي ڏوھي فوجي سپاھي نڪتا ۽ مسئلو ٿڌو ٿيو

دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو

 دارا شڪوه ۽ بکر جو قلعو دارا شڪوه آڪٽوبر 1658ع لاھور کان ملتان لاءِ نڪتو ساڻس 8 ھزار سپاھي ھئا پر سندس منزل بکر جو قلعو ھئي جنهن لاءِ جيڪو کيس خزانو ساڻ ھو ۽ لاھور ۾ جيڪو دستياب ھو کڻي دريا رستي ٻيڙن ۾ نڪتو  نومبر ۾ ملتان پهتو جتي ھن بهاالدين زڪريا جي گادي نشين کان پنهنجي لاءِ رسول خدا جي دربار ۾  دعا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي تہ کيس اورنگزيب تي سوڀ حاصل ٿئي ھنن چيو اسان رات بهاالدين زڪريا جي روضي تي وڃي دعا گهرنداسين ضرور جواب ملندو ٻي ڏينهن کين گهرائي ھنن کان پڇو منهنجي دعا جو ڇا ٿيو ھنن منهن لٿل شڪل سان جواب ڏنو رسول خدا جي دربار ۾ اسان کان پهرين اورنگزيب پهتل ھو ان ڪري اسان ڏانهن متوجھہ ڪون ٿيا وري اڄ رات عرض رکنداسين وڃڻ مھل کين 25 ھزار روپيا ۽ بهاالدين زڪريا جي قبر لاءِ نهايت قيمتي قبر پوش ڏنو پر اڳلي ڏينهن بہ ھنن ساڳيو جواب ڏنو دارا کي جڏھن خبر پئي تہ اورنگزيب سندس پيڇو ڪندو ملتان طرف اچي رھيو آھي تہ ھن ملتان مان بکر طرف ڪوچ ڪيو ان وقت کيس 507 ٻيڙيون ھيون ان ۾ خوراڪ جو ذخيرو  8 توبون جن ۾ 80 کان 120 پونڊ جو گولو پوندو ھو قريب ھر ٻيڙي تي ماڻھن سميت ھڪ ٽن وزن رکيو ويو  سخت بک،

ھوش محمد شيدي

 ھوش محمد شيدي ھوش محمد شيدي مير صوبدار خان بن مير فتح علي خان جو ٻانهو ھو ۽ پنهنجي خدمت گذاري ڪري مير صوبدار خان کيس خدمتگاري جو عهدو ڏنو ھو ھي ڏاڍو بهادر ۽ وطن پرس ھو جڏھن مير صوبدار پنهنجي چاچن مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي سان ملڪ جي ورھاڱي ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪئي تڏھن منشي آوتراءِ پٽ منشي صاحبراءِ المتخلص آزاد جو مير صوبدار جو مالي وزير ھو ۽ ھوش محمد پاڻ گڏجي مير صوبدار جا زيور وڪڻي پئسا آڻي ڏنا جنهن کان پوءِ مير صاحب کيس ساڻ ڪري شڪار جي بهاني سان سان حيدرآباد ڇڏي لاڙ پاسي وڃي مير غلام علي بن مير فيروز خان سان گڏيو جنهن جي مدد سان لشڪر ڪٺو ڪري 1826ع 8 ھزار لشڪر سان پنهنجي چاچن خلاف حيدرآباد تي ڪاه ڪئي جنهن جو ٻڌي مير مراد علي خان پاڻ سندن مقابلي لاءِ نڪتو جڏھن مير صوبدار جي لشڪر کي خبر پئي تہ مير مراد علي مقابلي لاءِ پاڻ آيو آھي تہ مير صوبدار کي لشڪر وارا ڇڏي ڀڄي ويا ۽ ڪل 12 سئو ماڻھون ساڻس رھيا ۽ مير صوبدار ھي حال ڏسي مير مراد علي وٽ پيش پيو ۽ مير مراد علي کيس ھڪ جاگير ۽ معقول وظيفو مقرر ڪيو ھوش محمد تڏھن بہ ساڻس گڏ رھيو جڏھن 1843ع مياڻي جي جنگ لڳي تڏھن مير صوبدار ۽ مير محمد خان بن م

ستين جو مقام روھڙي

 ستا صفحہ صفا ڪوه ھفت دختر کار ماتري ستياسر ستن سرتين جو آستانو قاسم خاني ستين جو ٿان ٿان قاسم شاه ھي آھن نالا روھڙي جي مشھور قبرستان جنهن کي عرف عام ۾ ستين جو مقام يا مڪان ڪوٺيو وڃي ٿو جيڪو روھڙي شھر جي قريب ڏکڻ ۾ آھي جنهن لاء مختلف ڏند ڪٿائون مشھور آھن راجا ڏاھر جي زماني ۾ ست عورتون پنهنجي عزت بچائڻ لاء ھتان دريا ۾ ٽپو ڏنو  زمين ڦاٽي پئي ان ۾ ھليون ويون  راجا ڏاھر جي خاندان جون عورتون ھيون جن مسلمانن جي قبضي بعد ھتان دريا ۾ ٽپو ڏنو بکر جي راجپوت گهراڻي جي ستن عورتن پنهنجي عزت بچائڻ لاء پاڻ کي ھتي باه ۾ وڌو  ست عورتون پنهنجي مڙسن سان گڏ باه ۾ سڙيون ھتي ست ڪنواريون (ورجن) عورتون الله تعالي جي حڪم سان ھن جاء تي گم ٿي ويون ھيون  ھن ماڳ جي ڪوٺين ۾ ستن ڀينرن پاڻ کي اندر بند ڪري رکيو ھو جينئن کين ڪوئي ڏسي نہ سگهي ھتي ڪجهہ غير شادي شده عورتون آيون ۽ حق بخشائي رھڻ لڳيون اھي ڏند ڪٿائون سوين سالن کان ھن ماڳ باري ۾ ھلنديون اچن ٿيون جن جو ڪنهن ڪتاب ۾ تاريخي حوالو نٿو ملي  اسان کي ھن ماڳ بابت ھڪ تاريخي حوالو سيد محب الله شاه بن احمد شاه واعظ بن سيد محمد شاه القب بہ سيار الحسني الحسيني الحموي ا

ھندو پنچائتي ڌرمشالا سکر

 ھندو پنچائتي ڌرمشالا سکر ھي شاھي ڌرمشالا سکر شھر جي مرڪز گهنٽا گهر لڳ آھي جيڪو 22_1921ع ھندو ڌرمشالا سوسائٽيء تعمير ڪرايو ۽ ھيءَ ھي سوسائٽي سندس ڪاروبار ھلائيندي ھئي سندس تعمير ۾ سکر جي سيٺ چئنومل ٺاڪرداس (ڄم 1864ع ديهانت 1936ع) چڱو بهرو ورتو سيٺ ڪاٺ جو وڏو واپاري ھو سندس ڪاروباري ڪوٺيون ڪوئٽہ، چمن، جهلم ۽ سکر ۾ ھيون پاڻ بلڪل سادو ۽ محنتي اوچ پرش ھو  ھي ڌرمشالا ھندو زائرين جي رھائش لاءِ ھڪ وڏي پلاٽ تي تعمير ٿيو جنهن ۾ ھيٺ مٿي68 ڪشاده ڪمرا ھئا پهرين منزل تي پنج وڏا ھال ھڪ مندر ھڪ کوه ٻہ پاڻيَ جون ٽانڪيون مرد ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ بيت الخلاءُ  ھئا ان سان گڏ ھڪ ھوٽل ھيو جتي زائرين کي رعايت سان کاڌي پيتي جو شيون ملنديون  ھيون صحن ۾ ٻن فوٽن جو چبوترو ھيو جنهن سان گڏ لوه جون بئنچون لڳل ھيون ۽ گڏ  ھڪ وڏو پليٽ فارم جڙيل ھو جتي پروگرام ٿيندا ھئا ھي ٺھيو تہ ھندو زائرين جي رھائش لاءِ بورڊنگ ھائوس ھو پر 1947ع جي پارٽيشن جي افراتفري  ۽ خوف ۾ سکر جي ڪافي ھندو گهراڻن ھن ۾ اچي پناه ورتي ۽ ھنن ھن ۾ مستقل رھائش اختيار ڪئي ۽ ھي ھڪ ڌرمشالا ۽ ھوٽل مان رھائشي ڪمپليڪس ٿي ويو ۽ وري جڏھن انهن رھائشي خاندانن

سوامي خوشيرام

 (سوامي خوشيرام) بابا خوشيرام مندر بندر روڊ روھڙي گذريل جمعي تي محترم شنڪر تلريجا ميسنجر تي ميسيج ڪيو تہ بابا خوشيرام  مندر جي تاريخ بابت ڪجهہ ڄاڻ ڏيو ان ڏس ۾ اڄ وقت مليو تہ ڪجهہ معلومات جيڪا مون وٽ آھي اھا ھتي ڏيان ٿو. قريب 500 ورھيہ اڳ روھڙي جي اولهہ طرف جهنگ ھو سنڌو نديءَ جو دريا لڳو لڳ وھندو ھو بابا گرونانڪ جي رحلت  بعد سندس وڏو پٽ بابا سري چند اداسي (بابا سري چند بن بابا گرونانڪ سندس والده جو نالو سلکهڻي ھو.  پاڻ سنياسي سادھوئن جي فرقي اداسي جو باني ھو سندس جنم 8 سيپٽمبر 1494ع سلطان پور لوڌي جي مقام تي ٿيو جيڪو ھندستاني پنجاب جي ضلع ڪپور ٿلھہ ۾ آھي سندس رحلت 134 سالن جي عمر ۾   13 جنوري 1629ع ڪرتپور ھندستان ۾ ٿي) پنهنجي پوئلڳن سميت ھنگلاج ديوي جي درشن لاءِ پنجاب مان نڪري روھڙي مان اچي گذريا ساڻس گڏ ھڪ شش بابا المست مهاتما بہ ساڻ ھو ھن کي روھڙي جو اولهہ پاسو ايترو وڻيو جو  اتي وڻ ھيٺان دوڻي جڳائي رھي پيو پاڻ مهاتما رند فقير ھو اٺئي پهر ھڪ اَلک جوتي پرش جي ڌيان ۾ گذاريندا ھوا ڪنچن ۽ ڪامني جي پريت کان پري ھوا انهن ڏينهن ۾ بکر  سرڪار جي قلعي ۾ ڪو  حاڪم رھندو ھو جنهن کي 60 سالن جي ع

روھڙي جي ماڻهن جي رھڻي

 ”روھڙي جي ماڻهن جي رھڻي“ روھڙي جا ماڻهون درويشن جا سنگي ھوندا ھئا جنهنڪري رھڻي بلڪل سادي ھوندي ھئي ڪپڙو لٽو سادو پهريندا ھئا ميرن جي بادشاھي ۾ ڪامورا پاچن ڀريل سلوارون پائيندا ھئا ڀائيبند ڪوٽن بدران انگرکا پائيندا ھئا قميص بدران چولا پائيندا ھئا جنهنجو بٽڻ ڪلهي وٽ ھوندو ھو مٿي تي پڳڙي يا پٽڪو ٻڌندا ھوا مٿي اگهاڙو ڪوئي ڪون گهمندو ھو اگهاڙي مٿي گهمڻ سان جي گهٽتائي سمجهندا ھوا گهرن جو خرچ واجبي ھوندو ھو يعني ڪٽنبي ماڻهون جي گهر جو خرچ گهڻي ۾ گهڻو 20 روپيا مهينو مس ھوندو ھو ”حجامت“ ڇوڪرو ڇوٽ ۾، وڏن لاء ٽڪو. ڪپڙن جي سلائي پتلون 6_1_0 خميس 4 آنہ، ننڊا ڪوٽ 8 آنہ،  ”پگهارون“ پوليس، پوسٽل، ريلوي، روينيو ھيٺئين ڪلاس جي پگهار 17 روپيا. مٿيان آفيسر يعني ھيڊ منشي، مختيارڪار وغيره 20 کان 70 رپئي تاءِ  مٿين پگهارن مان ماڻهون ٻار ٻچا بہ پاليندا ھئا ۽ شاديون مراديون بہ ڪندا ھئا ۽ اوکي وقت لاءِ ڪجهہ پاڇي بہ بچائيندا ھئا. روھڙي ۾ ھندو مسلمانن جي ايتري محبت پاڻ ۾ ھوندي ھئي جو خبر نہ پوندي ھئي تہ شهر ۾ ھندو گهڻا آھن يا مسلمان جهيڙي فساد جو نالوئي ھي ڪون ھو مسلمان ھندن جي ميلن تي ۽ ھندو مسلمانن جي م

روھڙي ۾ ھندن جا تهوار

 (روھڙي ۾ ھندن جا تهوار)  روھڙي جا ماڻھون سچا ۽ سادا ھوا  گهر کان ٻاھر وڃي ڪمائڻ پسند نہ ڪندا ھئا نہ ريلون ھيون نہ مسافري جو بندوبست ھو. کاڌي پيتي کان وڌيڪ يعني شادين غمين جي خرچن پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا ڏينهن ملهائڻ لاءِ جو پرٻند رکيائون جن ڏينهن جي ملهائڻ مان سڀني ماڻهن کي وڌيڪ يعني آئينده جي خرچ لاءِ ڪافي خرچ ڪمائي رکندا ھوا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهون اچي ميلن ۾ شامل ٿيندا ھوا واپار بہ وڌندڙ ھو ھڪ ٻي سان ملاقاتون بہ ٿينديون ھيون. (چيٽي چنڊ جو ميلو) ھندن جو سبنت چيٽي چنڊ کان شروع ٿيندو آھي مسلمانن جو سال محرم کان ۽ ڪرستانن جو ناتال کان شروع ٿيندو آھي چيٽي چنڊ جو ميلو ھر سال 2 ڏينهن وڪرمي سنبت جي ڏينهن لڳندو ھو روھڙي دربار ڀر تي ھئڻ ڪري  شاھي ميلو لڳندو جتي سڄي سنڌ جا لٻاڻا سکہ ھڪ ٻي سان اچي ملاقاتون ڪندا ھئا بهاولپور جا واپار سانگي گهڻا ايندا ھئا دريا شاھہ جا پوڄاري ھندو سڄي سنڌ مان ھتي جام ايندا ھئا پل جي ڀرسان انيڪ قسمن جا دڪان نڪري ويندا ھوا چوڊول ۽ ڦرڻيون تمام گهڻيون کوڙيندا ھوا مسلمان صبح ۽ سانجهي ملاکڙو لڳائي رونق وڌائيندا ھوا. سڀني عام ماڻهن کي ھن ميلي مان چنڱي ڪمائي ٿيندي ھئي ڪٿان ڪٿان

ٻائو امرداس

 ٻائو امرداس اصل حيدرآباد جو ويٺل ھو سندس جنم 1879ع ٿيو حياتيءَ جي پوين 32  ورھين مان ڪجهہ سال سري ساڌٻيلي تيرٿ ۾ رھيو پوءِ وري امر پريس سکر مان 1908ع ۾ ڌرم وير اخبار جاري ڪيائين جيڪا سندس مرتئي 1940ع بعد بند ٿي وئي شيوا جي ڪمن ۾ چڱو بهرو وٺندو ھو ڪانگريس ۽ ھندو سڀا جو عهديدار ٿي رھيو سندس ليڪچر بلند ۽ اثرائتا ھوندا ھئا غريبن، اناٿن ۽ وڌوائن کي بنا ڏيکہ ويکہ جي گهر ويٺي سهاتا ڪندو ھو سندس ديهانت 1940ع ۾ ٿيو.

روھڙي جا ڌرمشالا

 (روھڙي جا ڌرمشالا) ورھانڱي کان اڳ روھڙي شهر جي آباديءَ ۾ ھندو اڪثرت ۾ ھئا ان سان گڏ ڪاروبار ۽ مالي وسائل ۾ بہ ڀڙ ھئا مسلمانن جي مقابلي ۾ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي فلاحي ڪمن ۾ بہ اڳڀرا ھئا خاص ڪري پنهنجي ڌرمي برادري اندر. روھڙي شهر اندر مسافرن لاءِ قديم زماني کان تسر جي ڪپڙي جي وڏي مارڪيٽ ھئڻ سبب گهڻيون ڪاروان سراه ھيون جتي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪاروباري اچي ترسندا ھئا وري جڏھن ڪلهوڙا دور ۾ روھڙي اندر پنجاب ۽ ٻين علائقن کان ھندو برادري جي آبادڪاري وڌي تہ ھنن اتي پنهنجي ڌرمي مسافرن لاءِ ڌرمشالا تعمير ڪرايا جتي ھندن کان علاوه ٻيا ماڻھون بہ ترسي سگهندا ھئا. 1947ع ھندن جي لڏپلاڻ بعد انهن تي  قبضا ٿي ويا يا ڪليمن ۾ ھندستان کان آيل ماڻھن کي الاٽ ٿيا. جن جا ھي نالا آھن. 1.منڊو کبر محلي ۾ ڀائي ڇتري مل پرڀداس ڌرمشالا. 2.روھڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڀائي گنگارام ڌرمشالا جنهن ڀرسان دربار بہ ھئي. 3.شاھي بزار جي اتر طرف ڀائي رگهومل جو ڌرمشالا. 5.مارڪيٽ ڀرسان وڌڻ سنگهہ جو ڌرمشالا. 6. روھڙي جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي سيٺ ويڙھو مل ديارام جوتواڻي ڌرمشالا جتي وڏا وڏا سياسي ۽ ڌرمي ليڊر خطاب ۽ ليڪچر ڏئي ويا جن ۾ مهاتما گا

گانگوٽي گرائونڊ روھڙي

 گانگوٽي گرائونڊ روھڙي روھڙي شھر جو بنياد رکندڙ رضوي بکري سيد آھن سندن وڏو ڏاڏو سيد محمد مڪي 1260ع سکر  ۾ آيو ان بعد  رضوي سيد 1297ع بکر جي قلعي اندر اتر طرف جتي سيد صدرالدين رضوي بکري جي مزار آھي اتي جايون جوڙائي رھائش اختيار ڪئي جڏھن شاه بيگ ارغون 1521ع /1522ع ڌاري بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو تہ  ھنن مناسب نہ سمجهو تہ مغل سندن حويلي جي قريب رھن ان ڪري پاڻ بکر قلعي جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريء تي اچي رھائش اختيار ڪئي جنهن کي روھڙي سڏيو وڃي ٿو  پاڻ موجده ڪربلا ميدان کان وار مبارڪ تائين اراضيء تي مشتمل ڪوٽ اڏي اچي ويٺا جنهن کي سائيندي محلا ڪوٺيو ويندو ھو انهن رضوي سيدن جي مياڻا لڙھيء مان سيد غلام شاه مرتظيٰ عرف نبي ڏنو پنهنجي وقت جو وڏو زميندار ھو جنهن انگريز حڪومت سان مهاڏو اٽڪايو ۽ سندس سلامي ڪون ڀري جنهن ڪري انگريز سندس خلاف رھيا پاڻ 1852ع رحلت ڪئي کيس ھڪ فرزند ٿيو جيڪو صغير عمر ۾ وفات ڪري ويو سندس خانداني پڳ سندس والد جي سوٽ ۽ سھري سيد نور حسين شاه کي ٻڌرائي وئي جنهن ۾ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر جاگيرات مسٽر اسمنڊ بہ شرڪت ڪئي ھئي   نور حسين شاه جو انتقال 20 جنوري 1865ع ۾ ٿيو (سندس شادي حاجنا شاه

سکر جو عيدگاه

سکر جو عيدگاه نئين سکر جي اڏاوت انگريز دور حڪومت ۾ شروع ٿي ان کان اڳ پراڻي سکر ۽ بکر جي قلعي ۾ آبادي ھئي جتي لازمي آھي عيد نماز ٿيندي ھوندي پر تاريخ ۾ ٻن عيد گاه جو ذڪر ملي ٿو ھڪ مير محمد معصوم شاه ١٠٠٢ ھجري 1593ع روھڙي ۾ ھڪ ٽڪريءَ تي تعمير ڪرايو جيڪو ھن وقت تائين قائم آھي شايد ان وقت بکر سکر ۽ روھڙي جا مسلمان ان عيدگاه ۾ عيد جي نماز ادا ڪندا ھوندا ھئا ان لاءِ ڪجهہ چئي نٿو سگهجي باقي روھڙي جا تہ اڄ ڏينهن تائين مسلمان ھتي عيد جي نماز ادا ڪن ٿا ٻيو انهي دور ۾ سکر اندر مير ابوالقاسم نمڪين ١٠٠٢ کان ١٠٠٨ ھجري تائين جڏھن بکر جو گورنر ھو ھڪ عيدگاه ھتي تعمير ڪرايو ھو جنهن جو ھن وقت وجود ڪونهي ۽ نہ وري سکر ۾ ڪهڙي ھنڌ تعمير ڪرايو آيا بکر جي قلعي ۾ يا پراڻي سکر ۾ ؟ جڏھن 1838ع لڳ انگريزن نئين سکر جو بنياد رکيو تہ اتي آبادي وڌي ۽ مسلمانن کي عيدگاه جي اڏاوت لاءِ خيال آيو جتي ھڪ کليل ميدان ۾ عيد نماز ادا ڪندا ايندا ھئا جنهن پلاٽ جي اتر ۾ فري ميسن لاج واري عمارت ھئي (موجوده ڊي آء جي پوليس آفيس ھينئر شايد آر پي او آفيس ۾ شفٽ ٿي وئي آھي) ڏکڻ ۾ سينٽ ميري چرچ ۽ اسڪول اوڀر ۾ پهاڙي پير الاھي بخش ٽاور ۽ا